March 29, 2016

شاعري لفظن جي سوجهري ۾



شاعري لفظن جي سوجهري ۾

محمد سليمان وساڻ

منهنجي هٿن ۾ ساهتي پرڳڻي جي شهر مٺياڻيءَ جي شاعرن جي شاعريءَ جوڪتاب موجود آهي. ڪتاب ورايان ٿو اندر پڙهان ٿو ۽ وري اڳئين صفحي تي شاعر جو تعارف پڙهان ٿو. هي ڪتاب دوست گُل بهار باغائيءَ موڪليو آهي. جڏهن بهار جي مند ۾ هر طرف گُلن جي سُرهاڻ محسوس ڪيان ٿو ته شاعرن جي هيءَ مالا به الائي ڪيترا گُل ۽ سرهاڻ پئي آڇي. ڪجهه وقت کان گڏيل شاعرن جا مجموعا پڙهڻ لاءِ ملن پيا، جيڪا سٺي ڳالهه آهي. اهي دوست جيڪي ڪتاب ڇپائڻ جو ست ڪونه ساري پئي سگهيا هاڻ انهن جي شاعري نه صرف عام تائين پهچي ٿي پر تاريخ ۽ ڪتاب گهرن جي زينت بڻجي وڃي ٿي.

ڪتاب لفظن جي سوجهري ۾ ڪل چوڏهن شاعرن جي شاعري موجود آهي، جن مان مسرور پنائي ۽ حسن صوفاڻي مٺياڻيءَ جا ناهن پر هنن جو هتان جي ادبي حوالي سان گهرو لاڳاپو رهيو آهي، تنهنڪري انهن جي شاعري به شامل ڪئي وئي آهي. باقي سڀ شاعر مٺياڻي يا آسپاس جا آهن جن ۾ آصف مٺياڻوي، سيد جعفر شاهه، عبد الجبار جوش، گل بهار باغائي، جاويد امر، غاذي امداد، ڊاڪٽر برڪت ملڪ، امين چانڊيو، راهب پنهور، ڊاڪٽر منظور ملڪ، شهريار علي ۽ مظهر عباس ٿهيم شامل آهن.

جڏهن به مٺياڻي جو ذڪر ايندو آهي ته آصف مٺياڻوي مرحوم ياد ايندو آهي، جنهن جون ادبي ۽ صحافتي کيتر ۾ وڏيون قربانيون ۽ سرگرميون رهيون آهن. ٻيو گُل بهار باغائي ياد ايندو آهي جيڪو سوشل ميڊيا خاص ڪري فيسبوڪ تي سدائين رهنمائي ڪندو رهيو آهي. شاعري يا شخصيتن جي پروفائل تي سندس رايا ۽ سندس رهبري مون لاءِ اتساهيندڙ رهي آهي. هي ڪتاب عبد الجبار جوش مرتب ڪيو آهي، جنهن تي کيس جس هجي. هن دور ۾ وقت ۽ پيسو ٻئي سيڙائي ادبي ۽ علمي ڪم ڪرڻ سچ ته ساراهه لائق آهن. 192 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو مهاڳ پروفيسر اصغر ڀٽي لکيو آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي سنگت مٺياڻي شاخ پاران ڪنول پبليڪيشن وٽان ڇپايو ويو آهي. هر شاعر جو مختصر تعارف ۽ تصوير پڻ شامل ڪيل آهي.

هن ڪتاب ۾ شاعريءَ جا ڪيئي رنگ شامل آهن، شاعريءَ جي تخيل جي سار به ملي ٿي ته محبوب جي اکين جو ذڪر به ملي ٿو ته محوب جا ماڻا به. شاعريءَ ۾ سنڌ جي ٻنين، ونين ۽ پوکن جو ذڪر به آهي ته قومي جاڳرتا جا گيت به شامل آهن. الڳ شاعرن جا ڪيئي احساس ۽ جذبا پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. آصف مٺياڻوي چئي ٿو:

هوءَ جا آئي ته لکجي ويو غزل،
سونهن سامائي ته لکجي ويو غزل.

مان ته آصف ماٺ ۾ ويٺو هيس،
ڏات جا آئي ته لکجي ويو غزل.

گُل بهار باغائي پنهنجي خوبصورت شاعري سرجي ڪتاب ۾ چار چنڊ لڳايا آهن.

ڏس باک ڦٽي آهي،
ڪاري ته هئي ڪيڏي،
پر رات کُٽي آهي.

هن ڪتاب ۾ خوبصورت شاعري پڙهڻ لاءِ ملي آهي. پيارا گُل بهار اوهان جا وڏا وڙ جو اوهان هي ڪتاب پڙهايو. مان اميد ڪندس ته هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي به ملندي جيئن هي تخليقي ڪتاب انٽرنيٽ ذريعي وڌ کان وڌ ادب دوستن تائين پهچائي سگهجي.

March 24, 2016

ڏونگر! مون سين رو : شاعري ڳالهائي ٿي (آتش پنهيار جي ڪتاب تي تبصرو)


ڏونگر! مون سين رو : شاعري ڳالهائي ٿي
محمد سليمان وساڻ
وليم شيڪسپيئر هڪ هنڌ لکيو آهي ته ڪوبه شاعر ڪڏهن به زور مس سان قلم کڻي تيستائين ڪجهه به لکي نٿو سگهي، جيستائين سندس دل محبت جي ٿڌا ساهه کڻڻ واري مس سان ملي نرم نه ٿي آهي. اهڙي ئي نازڪ، نرم ۽ محبتن جي احساس سان ڀريل خيالن جهڙي دوست آتش پنهيار جي شاعريءَ جو ڪتاب “ڏونگر ! مون سين رو“ منهنجي هٿن ۾ آهي. هي ڪتاب آتش پاڻ اچي مونکي گهر تي ڏئي ويو، اهي سندس قرب آهن. آتش پهنيار سان سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ ۾ گذريل 16 سالن کان گڏ پيو رهان. ان دوران مون کيس قومپرست سياست ۽ ادبي ذوق سان ٽمٽار ڏٺو. آتش کي اڪثر سچل ڳوٺ يا ڀرپاسي جي ادبي محفلن يا مشاعرن ۾ شعر پڙهندي ڏسندو اچان. هو نازڪ مزاج، ڌيمي انداز وارو ۽ سدائين ڪجهه سوچڻ وارو شخص لڳو. هو سدائين ڪجهه نئون سوچيندو رهندو آهي. سندس نالو ته محمد اسحاق آهي پر علائقي جو ڪوبه ماڻهو شايد ئي کيس ان نالي سان سڃاڻي، هن جي سڃاڻ ته آتش ئي آهي، عشق جي آتش يا انقلاب جي آتش. آتش پهنيار سچل ڳوٺ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ کولرائڻ ۾ گهڻي دلچسپي ورتي ۽ ان پليٽ فارم تان ادبي ڪچهريون به ڪندو رهيو. پر اها شاخ هاڻي ادبي سنگت جي شاخ نه پر آتش جي ملڪيت ٿي وئي آهي. هاڻ اتي نه اهي ڪچهريون رهيون آهن ۽ نه وري ادبي گڏجاڻيون.
مونکي ذاتي طور اها خبر آهي ته آتش کي وڏي عرصي کان ڪتاب ڇپائڻ جو شوق هيو پر شايد اسانجي پبلشرز جون نظرون نالي چڙهيل شاعرن ۽ اديبن کان اڳتي ڪونه ٿيون وڌن. مالي مسئلن يا ٻين ذاتي سببن ڪري چاهيندي به هو ڪتاب ڇپائي ڪونه سگهيو. ان جا وڏا ثبوت سندس ڪتاب ۾ ڇپيل تاجل بيوس ۽ مير نصرت حسين ابڙي جا ليک آهن، جيڪي اسان کان وڇڙي چڪا آهن. ڪتاب جو مهاڳ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار علي بابا جو لکيل آهي.
سندس ڪتاب ۾ غزل، نظم، بيت، وايون، ڪافيون ۽ آزاد نظم شامل آهن. آتش شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، شاعريءَ ۾ فني گهٽتائي يا عروض جي کوٽ بابت تاجل بيوس جهڙن ماڻهن جيڪو تنقيدي نوٽ لکيو اٿس، اهو جيئن جو تيئن ڪتاب ۾ ڇاپيو اٿائين. آتش پهنيار وٽ اڻ کُٽ موضوع آهن هو فطرت جي حُسناڪين کي خوبصورت انداز سان پيش ڪري ٿو، ڇو ته هو بنيادي طور فطرتي شاعر آهي. هو عشق ۾ سرشار آهي تڏهن ئي چوي ٿو:

ڀڳل ماڪ ۾ گُل،
ڳهلي تنهنجا ڳَل،
تنهنجو چنڊ سمان چهرو،
چاهت جيئن چنچل.

هو محبتن جو شاعر آهي جيڪو ڌرتيءَ سان جذباتي لڳاءُ رکي ٿو، جيڪا ڳالهه سندس شاعريءَ مان پڻ ظاهر آهي:

سنڌو تنهنجي ڪاڻ
ديپڪ راڳ آلاپجي.
سنڌ سدا کان ساڳي آتش
پنهنجو پاڻ سڃاڻ
ديپڪ راڳ آلاپجي.

هو قومپرست سياست جو ڪارڪن آهي اهوئي سبب آهي جو سنڌ سندس شاعريءَ جو آواز آهي، سندس شاعريءَ جو سبب آهي. هو سنڌ جي قومي هيرن کي ڀيٽائون ڏيڻ کان ڪونه ٿو رهي، اهوئي سبب آهي جو جي ايم سيد، ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن، شهيد احسان ميمڻ، عرفان مهدي، شيخ اياز، مرتضا ڀٽو، استاد بخاري، رشيد ڀٽي، هيمون ڪالاڻي، سورهيه بادشاهه ۽ هوش محمد شيدي جهڙن جوڌن کي خوبصورت لفظن ۾ ڀيٽا پيش ٿو ڪري.
سنڌ جيڪا غلامي ۾ جڪڙيل آهي ان لاءِ هو آزاديءَ جا خواب ڏسي ٿو، ڇو ته جيڪي سپنا ڏسندا آهن، اهي ئي انهن جي ساڀيان ڪندا آهن:

ڪو ديپ ٻري آزاديءَ جو،
او شال ڪکائن گهرڙن مان،
ڪو ديپ ٻري آزاديءَ جو،
ڪا ڇانو ٿئي هن آرهڙ ۾.

عوامي آواز سنڊي ميگ 20 مارچ 2016ع
___

March 12, 2016

سفر بخير : مٺل جسڪاڻي جي سفر جون ڳالهيون

سفر بخير : مٺل جسڪاڻي جي سفر جون ڳالهيون

محمد سليمان وساڻ

زرعي ماهر ۽ ليکڪ پروفيسر مٺل جسڪاڻيءَ جو ڪتاب “سفر بخير“ پهتو. ڪتاب هڪ ساهيءَ پڙهي پورو ڪيم. پوءِ ويهي ڪتاب بابت پنهنجا خيال لکيم. پر افسوس جو ليپٽاپ جي بيماري سبب ان کي فارميٽ ڪندي اهو وساري ويٺس ته ڊيسڪٽاپ تي ڪتاب تي لکيل تبصرو پيو هو. هاڻي لکڻ ويٺس ته خيال هيڏي هوڏي پيا ٿين.مٺل جسڪاڻي جي هن ڏيهي سفرنامي ۾ لاهور، پنڊي، اسلام آباد، ڪوهه مري، آزاد ڪشمير جون ڳالهيون آهن. هي سفرنامو هن تعليمي ۽ تفريحي سفر تي نڪتل يونيورسٽي جي شاگردن سان گڏ ڪيو. سندس ذميواريون گهڻيون ئي هيون پر پوءِ به هو لکندو رهيو ۽ اهو سڀ اخبارن ذريعي ڇپبو به رهيو. مٺل اهڙو ليکڪ آهي جيڪو زرعي، سماجي، تعليمي ۽ ادبي لکڻيون روز لکندو رهي ٿو. هن جي لکڻ ۽ پڙهڻ جي رفتار اسان کان گهڻي تکي آهي. هو سولي ٻولي استعمال ڪري ٿو پر ڪجهه ڪجهه جاين تي هن جا ڇڏيل سوال منجهائي وجهندا آهن، سوچڻ تي مجبور ڪندا آهن، ضمير کي جنجهوڙيندا رهندا آهن.
هن سفرنامي ۾ جڏهن هو کيوڙه جي لوڻ واري کاڻ بابت حال احوال لکي ٿو ته مون کي اهو سڀ پڙهندي عجيب پئي لڳو ته کاڻ اندر اهي سڀ سونهن ڀريون ۽ ڏسڻ ۽ تفريح جهڙيون شيون موجود آهن. هو لاهور بابت سير ۽ اتي گهميل جاين جو ذڪر ڪري ٿو پر لاهور جي انهن تاريخي ماڳن ۽ جاين جي ٿوري تاريخ به لکي ها ته اڃان به سٺو لڳي ها. ڪجهه تحقيقي ادارن بابت سندس مختصر تعارف پڙهيم پر انهن تي کيس وڌيڪ تفصيل سان لکڻ گهرجي جيئن پاڪستان جي فطري تاريخ وارو ميوزيم ، اين آر سي ۽ پي اي آر سي.هن پاڻ ئي لکيو آهي ته مان بي ترتيب لکندو ويس، جيڪڏهن تڪڙ ڪرڻ بجاءِ انهن مضمونن کي ٻيهر سهيڙي، نئين ترتيب ڏئي اضافي ليک شامل ڪري ها ته هڪ مڪمل سفرنامو بڻجي وڃي هان جيڪو اسان لاءِ اهي ماڳ گهمندي اسان لاءِ رهنمائي وارو ڪم ڪري ها. ان بي ترتيب لکڻين باوجود به هڪ سفرنامو ڇپجي ويو. مٺل جسڪاڻي اهو فن خوب ڄاڻي ٿو ته ڪيئن نه هر هڪ سرگرمي تي هڪ مضمون لکجي، سو اهو فن گهٽ ماڻهن وٽ هوندو آهي. سندس ڪتاب جي مهورت به ٿي چڪي آهي ۽ ڪتاب ايڏو جلد ڇپجي آيو ان تي به خوشي ٿي. مٺل جو رولاڪ روح شاگردن جي هوندي اهي رولاڪيون نه به ڪري سگهيو هوندو پر مونکي پڪ آهي ته کوڙ ساريون ڳالهيون هو لکڻ کان رهائي ويو هوندو يا انهن تي قلم کڻڻ کان لنوائي ويو هوندو. جڏهن هو ڪشمير ۽ اترئين علائقن جي ماڻهن جون ڳالهيون لکي ٿو ته اهو به ٻڌايو اٿائين ته ڇو اتان جي خوبصورت ماڳن جا ماڻهو اسان وٽ اچي ايڏي ڏکيي حالتن ۾ به مزدوري ۽ محنت ڪندي ڪجهه ڪمائڻ جي جستجو ۾ رهن ٿا.
مان سمجهان ٿو ڪجهه ڳالهيون پنهنجي پاران لکان ته مٺل ناراض ڪونه ٿيندو پر اها منهنجي پنهنجي راءِ هوندي. هڪ ته ڪتاب جو ٽائيٽل ”سفر بخير” بجاء ان ماڳن يا شهرن جي مناسبت سان هجي ها ته واهه واهه ٿي وڃي ها، جيئن مور ساگر جو سفرنامو آهي “حيدرآباد کان هنزه تائين“. ٻيو ته ٽائيٽل پيج تي مٺل جي مُرڪندڙ تصوير ته بهترين پر لڳي ٿو ته مٺل ڄڻ ڪپڙن سوڌو وهنجي ٻاهر آيو هجي. هو ڀلي ته ڪوهه مريءَ جي ڪڪرن سان پُسيو هجي پر ڪتاب جي ٽائيٽل تي گهميل ماڳ مڪانن جون تصويرون هجن ها ته اڃان پرڪشش لڳي ها. ٽين ڳالهه ته ڪجهه ڳالهيون ذڪر ڪري انهن کي لڪايو ويو آهي. اهي صرف مٺل يا اهي ماڻهو سمجهن جن سان مخاطب ٿيو هوندو، باقي پڙهندڙن لاءِ اهي ڳالهيون فضول هونديون آهن. تنهنڪري انهن جو ذڪر نه هجي ته بهتر هو.
سليٽ اشاعتي شعبي پاران ڇپيل 112 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 150روپيا آهي. ڪتاب ٽن حصن ۾ ورهايل آهي، پهرين حصي ۾ لاهور، مري، پنڊي، مظفرآباد جو ذڪر آهي. ٻئي حصي ۾ رنگين تصويرون ڏنل آهن جڏهن ته ٽئين حصي ۾ ٽنڊي ڄام کان ڪيل ڪجهه ڳوٺن ڏانهن ڪيل سفر جون پراڻيون يادگيريون آهن.

ڪمپيوٽر تي آيل سنڌي ٻولي وڌيڪ ترقي ڪيئن ڪري سگهي ٿي؟


ڪمپيوٽر تي آيل سنڌي ٻولي وڌيڪ ترقي ڪيئن ڪري سگهي ٿي؟

محمد سليمان وساڻ

دنيا جي لاتعداد ٻولين مان سنڌي به هڪ قديم ٻولي آهي، جنهن جو اندازو موهن جي دڙي مان مليل آثارن مان پڻ لڳائي سگهجي ٿو. 1011 هجريء ۾ ٺٽي جي عالم مخدوم ابوالحسن سنڌيء ۾ پنهنجو ڪتاب “مقدمه الصلوات” متعارف ڪرايو جيڪو درسگاهن ۾ نصاب طور پڙهايو ويندو هو.ننڍي کنڊ تي جڏهن انگريزن قبضو ڪيو ته سنڌي ٻوليءَ جي قدامت کي ڏسي ان کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ۽ ڪمشنر “سر بارٽل فريئر” 1857ع ۾ اهڙو پڌرنامو پڻ جاري ڪيو هو، جنهن ۾ واضح طور ڄاڻايل هو ته سنڌ ۾ سموري دفتري لکپڙهه سنڌي ٻوليء ۾ ٿيندي ۽ جيڪڏهن ڪو شخص عربي يا ڪنهن ٻي ٻوليء ۾ لکپڙهه ڪندو ته ان جو لازمي سنڌي ترجمو پڻ شامل ڪندو ٻيءَ صورت ۾ اها لکپڙهه قابل قبول نه هوندي.
ورهاڱي کان اڳ سنڌي ٻوليء ۾ ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا ڇپندا رهيا ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوء به اهو سلسلو جاري رهيو. ويهين صديء ۾ جڏهن ڪمپيوٽر ايجاد ٿيو ته ان جي مقبوليت سنڌ ۾ پڻ وڌي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪمپيوٽر هر گهر ۽ آفيس جي ضرورت بڻجي ويو. ڪمپيوٽر تي پڻ سنڌي ٻولي آڻڻ هڪ چئلينج هيو ۽ ان لاء محترم سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء 1987 ۾ “مئڪنٽاش” ڪمپيوٽر تي شروعات ڪئي ۽ تمام سهڻا ۽ معياري فونٽ پڻ ٺاهيا جنهن سان خانگي ڪتاب ڇاپگاهن ۾ سنڌي ادب کي وڌائڻ لاء ڄڻ ته چٽا ڀيٽي شروع ٿي وئي. “مئڪنٽاش” جي دور کانپوء سنڌي ٻوليء کي آئي بي ايم ڪمپيوٽر تي آندو ويو ان جو سَهرو محترم اياز شاهه کي سونهي ٿو، جنهن عبدالماجد ڀرڳڙيءَ جي مئڪنٽاش وارو سمورو پروگرام آئي بي ايم تي منتقل ڪيو ۽ ونڊوز 3.11 ۽ ونڊوز 95 تي سنڌي پروگرام هلڻ لڳو. نت نون مونجهارن کي محسوس ڪندي ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته مختلف ريجن جون ٻوليون هجڻ ڪري صرف انگريزيءَ تائين محدود نه هئڻ گهرجي جنهنڪري مختلف ٻولين ڪمپيوٽر ڪوڊ جي شڪل ۾ آڻڻ لاء يونيڪوڊ آرگنائيزيشن جو بنياد وڌو ويو . جڏهن عربيء جو يونيڪوڊ متعارف ٿيو ته هڪ وڏو مسئلو ساڄي کان کاٻي لکڻ حل ٿي ويو ۽ جيئن ته سنڌي الفابيٽ بنيادي طور عربيء سان ملندڙ آهي ان ڪري سنڌيء کي عربيء سان ڳنڍڻ سولو ٿي پيو. محترم عبدالماجد ڀرڳڙيء (جيڪو ان وقت آمريڪا ۾ رهيل هو) هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي زبان کي يونيڪوڊ سان ڳنڍي هڪ انقلابي قدم کنيو. جنهن کي اڳتي هلي msn گروپ تان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي پليٽ فارم تي جاري ڪيو ويو.
اڳتي هلي جڏهن انٽرنيٽ متعارف ڪرايو ويو ته سائين عبدالماجد ڀرڳڙيءَ سنڌي ٻوليء کي انٽرنيٽ تائين آسان بڻائي ڇڏيو ۽ بهترين سنڌي ويب سائيٽون ٺهڻ لڳيون. پر ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته بحث مباحثي ۽ معلومات کي هڪ ٻئي سان ونڊڻ جي لاء سنڌي فورم جي شروعات ڪجي ڇو ته ڪوبه سنڌي فورم انٽرنيٽ تي موجود ڪونه هئو. پر سنڌ سلامت فورم اهو خال به ڀري ورتو. ساڳي وقت ڪيترن ئي دوستن سهڻا سنڌي فونٽ به تخليق ڪيا جيڪي ڪيلگرافڪ، ٽيڪسٽ يعني پرنٽ جي لکائي ۽ ويب فونٽ سڀ الڳ ڏيک ڏين ٿا. فونٽ جي دنيا ۾ عبد الماجد ڀرڳڙي، اياز شاهه، ستار زرگر، شبير ڪنڀار، ايس ايم صاريم، عرفان شڪارپوري ۽ ٻين دوستن جو ڪم قابل تعريف آهي. هن وقت سنڌيءَ جا ساڍا چار سئو کان مٿي فونٽ ٺهي چڪا آهن.
سنڌ سلامت پاران جڏهن نوجوانن جي لاءِ سنڌي بلاگ ٺاهڻ جي سکيا ڏيڻ سان گڏ سنڌي بلاگن جا ٽيمپليٽ جوڙيا ويا ته ان هڪ نئون انقلاب آندو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترائي سنڌي بلاگ نيٽ جي دنيا ۾ اچي ويا. نه صرف اهو پر سوشل ميڊيا تي سنڌي ٻوليءَ ۾ نوان بحث، نيون ڊزائينون ۽ تخليقون سامهون اچڻ لڳيون. آصف نظاماڻي، آفتاب کوهاري ۽ آفتاب سرهيي جهڙي دوستن ڪمپيوٽر تي السٽريشن ذريعي ڊجيٽل پينٽنگ ۽ ڊزائننگ جا نوان در کوليا.

سنڌي ڪمپيوٽنگ جون ڪجهه ڪاميابيون:

1. يونيڪوڊ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سموري الفابيٽ جو شامل ٿيڻ.
2. مائڪروسوفٽ پاران ونڊوز ۾ سنڌي ٻوليءَ کي شامل ڪرڻ.
3. گوگل ٽرانسليشن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو شامل ٿيڻ جنهن ذريعي دنيا جي 103 ٻولين کي سنڌي ۾ يا سنڌيءَ کان 103 ٻولين ۾ ترجمو ڪري سگهجي ٿو.
4. سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي پاران ڇهه لک چوٽيهه هزار لفظن جو لغت (ڊڪشنري) پورٽل آڻڻ.
5. آنلائين سنڌي ڪتاب گهر ۾ سنڌ سلامت پاران 800 سنڌي ڪتاب آڻڻ.
6. سوين خوبصورت سنڌي فونٽن کي هڪ جاءِ تي رکڻ لاءِ ”سنڌ سلامت فونٽ سرور“ جي تخليق.
7. اينڊرائيڊ فون تي ڪيترن ئي سنڌي ڪيبورڊز جي تخليق جنهن سان سمارٽ فون تي پڻ سنڌي ۾ لک پڙهه جو آسان ٿي پوڻ.
8. ڪيتريون ئي سنڌي ڊڪشنريون، سنڌي ڪتاب ۽ سنڌي اپليڪيشنز جيڪي سمارٽ فون ۽ ڊيسڪٽاپ يا ليپٽاپ لاءِ مفت موجود آهن.
9. هزارين سنڌي بلاگز، ويب سائيٽس ۽ فورمس جو ٺهڻ.
10. ايپل جي ميڪ سسٽم ۽ آءِ فون تي سنڌي ڪيبورڊ جو ٺهڻ.

انکانسواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي ڪاميابيون شامل آهن جنهن سبب هر ڪم جيڪو انگريزي ۾ٿئي سو سنڌي ٻوليءَ ۾ به آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿو. ڪيتريون ئي اخبارون آنلائين موجود آهن جن مان ڪيتريون ئي هر گهڙي اپڊيٽ ڪيون وڃن ٿيون ۽ هر خبر کان با خبر رهي سگهجي ٿو. شاعريءَ جا ڪيترائي گروپ ۽ ويب سائيٽون ٺهي چڪيون آهن. اليڪٽرانڪ ميڊيا جي چينلز پاران سمارٽ فون اپليڪيشنز پڻ متعارف ٿي چڪيون آهن جن مان ڪي ٽي اين سرفهرست آهي.

هاڻي ڪجهه ذڪر انهن ڳالهين جو جيڪي سنڌي ڪمپيوٽنگ لاءِ لازمي آهن.

1. سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود ڪجهه اکرن جي بيهڪ جو مسئلو جنهن ۾ جهه ۽ گهه شامل آهن انهن جو حل ڪڍڻ.
2. سنڌي او سي آر (Optical Character Recognition) ٺاهڻ جيئن لکت واري تصويرن، فوٽوڪاپي يا اسڪين ڪيل مواد کي ترميم ٿيندڙلکت ۾ تبديل ڪري سگهجي. جيڪڏهن اهو ڪم ٿيو ته اسان پنهنجو سمورو پراڻو ادبي ۽ علمي ڪتابن جو ذخيرو ڪمپيوٽر تي آنلائين ڪري سگهنداسين.
3. سنڌي اسپيل چيڪر جي سافٽويئر جي سخت ضرورت آهي جيئن پروف ريڊنگ جي غلطين کي گهٽائي سگهجي.
4. گوگل ترجمي کي 100 فيصد مڪمل ڪرڻ لاءِ ماڻهن جي وڏي ٽيم جي ضرورت جيئن گوگل جو معياري سنڌي ترجمو ڪري ان کي آوازن ۾ به آڻجي.
5. هڪ اهڙي اداري جو قائم ٿيڻ ۽ سرگرم هجڻ جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي جديد ٽيڪنالاجي سان گڏ گڏ هلڻ لاءِ سامهون ايندڙ مسئلن جو حل ڳولي، ٻولي ماهرن سان ويهي انهن جو تڪڙو حل ڪري سگهي ۽ پنهنجا فيصلا مڃائي سگهجي.
6. ٻولي ماهرن کي سنڌي الف ب مان مخرجن کي گهٽائڻ يا ختم ڪرڻ لاءِ تڪڙي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جيئين لکت کان آواز ۽ آواز کان لکت واري اپليڪيشنز ۾ پريشاني نه ٿئي.
7. يونيورسٽين ۽ ٻين اهڙن ادارن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جا پروجيڪٽس لازمي ڪرڻ جيئن ڪمپيوٽر جا گريجوئيٽس سنڌي ڪمپيوٽنگ کي سمجهي سگهن ۽ ان جي بهتري لاءِ ڪم ڪندا رهن.
8. اخبارن کي ان ڳالهه تي راضي ڪرڻ ته هو پنهنجيون ويبسائيٽس اميج يعني تصويرن بجاءِ ٽيڪسٽ ۾ ٺاهن ته جيئن سنڌي لفظن ۽ سنڌي مضمونن جو ذخيرو نيٽ تي موجود ٿي سگهي.
9. ڪتاب گهر ۽ ڇاپي گاهن جي مالڪن کي گهرجي ته سنڌي ٻوليءَ جي وسيع مفاد ۾ پنهنجا ڪتاب آنلائين ڪن يا انهن ادارن کي موڪلين جيڪي ڪتاب آنلائين ڪرڻ جو ڪم پيا ڪن.

سوشل ميڊيا ۽ ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ان اميد کي جيئاريو آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي ختم ٿيڻ جا جيڪي خطرا هيا اهي گهٽ ضرور ٿيا آهن. هي ڪم ڪنهن ادارن يا رياست نہ پر سنڌي ٻوليءَ جي عاشقن اڪيلي سِر ڪيو آهي جنهن مان اڪثريت نوجوانن جي آهي. سائين عبدالماجد ڀرڳڙي، اياز شاهه، رشيد سمون، امر فياض، عباس ڪوريجو، علي حسن ملاح، شبير ڪنڀار، عبيد الله ٿهيم، سجاد چنا، عامر ضياء چارڻ، جاويد احمد سولنگي، جاويد رحمان ميمڻ ۽ ٻيا دوست اڻٿڪ ڪوششون ڪري رهيا آهن. اسان مان سڀني کي گهرجي ته موبائل فون ۽ ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻوليءَ کي استعمال ۾ آڻيون، سنڌي ويبسائيٽس ۽ اپليڪيشنز جو استعمال وڌايون، ڪمپيوٽر کي استعمال ڪرڻ سکون ۽ پنهنجن ٻارن کي بہ ان جي ترغيب ڏيون. ياد رکو سنڌي ٻولي اسان جي ٻولي آهي، اسان کي ئي ان جي ترقي ۽ جيئدان لاءِ پاڻ پتوڙڻو آهي.
ڪاوش سنڊي ميگ 13 مارچ 2016ع

March 04, 2016

پرهه جا پياڪ : مولائي ملاح جو سانڍڻ جهڙو ڪتاب

پرهه جا پياڪ : مولائي ملاح جو سانڍڻ جهڙو ڪتاب

محمد سليمان وساڻ

مولائي ملاح ساهتي پرڳڻي جو اهڙو ليکڪ آهي جيڪو جڏهن به لکي ٿو ته دل سان لکي ٿو. سندس شير ميربحر تي آندل تحقيقي ڪتاب جي سهيڙ کانپوءِ هڪ ٻيو خوبصورت ڪتاب ”پرهه جا پياڪ“ ٽپال ذريعي مليو آهي، جيڪو سنڌ جي اهڙي املهه شخصيتن تي سندس لکڻيون آهن جيڪي سڀني لاءِ احترام لائق آهن. مولائي ملاح جون اهي محبتون آهن جو پاڻ ڪتابن جو ڪاپيون تحفي طور موڪليندو آهي، نه صرف اهو پر سافٽ ڪاپي موڪلي ڪتابن کي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ذريعي آنلائين پيش ڪرڻ جي به اجازت ڏيندو آهي. قلندر شهباز جو پائڌيئڙو هجڻ ڪري ڪتاب جي شروعات اتان ڪئي اٿائين ۽ وري ڀٽ تي موٽي لطيف جي شخصيت تي لکي ٿو. ڪڏهن رات جي رهزنن هٿان قتل ڪيل مير مرتضا ڀٽو جي شهادت تي لکي ٿو ته ڪڏهن سنڌ راڻي شهيد بينظير تي دل سان قلم کڻي لکيو اٿائين. هو سنڌ جي ان ذلفي ڀٽو تي به لکي ٿو جيڪو اڄ به عوام جي دلين ۾ زندهه آهي سندس ڪمائي پ پ پ جي موجوده ڪرپٽ قيادت خوب کائي رهي آهي. هو سنڌ جي هر فن ۽ مولا تي ننگ رکندڙ شمشير الحيدري تي لکي وري ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙي ترقي پسند ۽ بيباڪ ماڻهو تي قلم کڻي لفظن جا عقيدت ڀريا موتي پيش ڪري ٿو.
اسان وٽ شخصيتن جا خاڪا لکڻ يا انهن تي مضمون لکڻ هاڻي معمول بڻجي ويو آهي ۽ متان ڪو ايئن سمجهي ته سنڌ پنهنجي املهه ماڻڪ شخصيتن کي وساريو آهي، مولائي ملاح به ان صف ۾ شامل آهي جنهن هميشه پنهنجي هيروز کي لکڻين ذريعي زندهه رکيو آهي. ڪتاب آڻڻ ڪو سولو ڪم به ناهي، اسان وٽ ڪتاب وڪرو ڪونه ٿين تنهنڪري مولائي ملاح کي جس ڏيندي کيس سلام پيش ڪندس ته هو قلمي جنگ جاري رکيو اچي. جان جان هئي جيئري جهڙي ڪالم ۾ هو نصرت ڀٽو بابت ڀرپور ليک لکي ٿو. بيگم نصرت ڀٽو اها ارڏي شخصيت هئي جنهن ضياء جهڙي آمر اڳيان پ پ پ جي قيادت کي سنڀاليو، مڙس جي جيل ۾ هوندي به هن همٿ ڪانه هاري، هن قذافي اسٽيڊيم ۾ مٿي ۾ لڳندڙ لٺين باوجود رت ڳاڙيندي به جمهوريت لاءِ جدوجهد جاري رکي. اهڙي شخصيت تي لکي هن ڄڻ ته پنهنجو قرض لاٿو آهي. هن سنڌ جي بيباڪ صحافي، لطيف کي منفرد انداز ۾ پيش ڪندڙ ۽ سنڌ ڪيس وڙهندڙ انور پيرزادي کي به لاجواب خراج پيش ڪيو آهي.
سندس اڪثر مضمونن ۾ ڀٽو خاندان ۽ پيپلز پارٽي لاءِ خاص محبت آهي پر ساڳي وقت سائين جي ايم سيد، ڀڳت ڪنور رام، عبيد الله سنڌي، مخدوم طالب المولا، راشد مورائي، رئيس علنواز انڙ، رئيس غلام نبي ڏهراج، شير مير بحر، زرينه بلوچ، مسڪين ملاح، عبد اللطيف ملاح بابت به سٺا مضمون لکيا اٿس. مولائي ملاح جو هي ڪتاب سچ ته ادبي ۽ تحقيقي حوالي سان اهميت جوڳو آهي.
مولائي پبليڪيشن پاران ڪنول پبليڪيشن، قنبر وٽان ڇپايل هي ڪتاب 224 صفحن تي مشتمل آهي جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف وقتن ۾ ڇپيل 26 مضمون شامل آهن. هن ڪتاب تي مدد علي سنڌي مهاڳ لکيو آهي جڏهن ته غلام نبي مغل، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، سڄڻ سنڌي، ڊاڪٽر الطاف جوکيو، عمر قاضي ۽ شبير نظاماڻي جا ليکڪ بابت ويچار ۽ اعجاز منگي جو منظوم تاثر پڻ شامل آهي.