September 01, 2013

آشا چاند جي مان ۾ سگا سچل ڳوٺ پاران آجياڻو

آشا چاند جي مان ۾ سگا سچل ڳوٺ پاران آجياڻو

رپورٽ : محمد سليمان وساڻ

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) سچل ڳوٺ، ڪراچي پاران سنڌ ۽ هند ۾ ٻوليءَ جي سفير، ٻولي ۽ ثقافت لاء جاکوڙيندڙ آشا چاند جي مان ۾ هڪ آجياڻو ڏنو ويو. پروگرام جي صدارت سگا جو چيئرمين رفيق احمد جعفري ڪري رهيو هو، جڏهن مهمان خاص آشا چاند هئي. آشا چاند هندستان ۽ دبئي ۾ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪندڙ سنڌي سنگت جي روح روان ۽ هند جي مشهور سنڌي اديب جوڙي اي جي اتم ۽ سندري اتمچنداڻي جي نياڻي آهي. آشا چاند چيو ته هندستان ۾ ٻين مقامي 22 ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ کي پڻ قومي ٻوليءَ جو درجو حاصل آهي پر اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ جو رواج گهٽ هئڻ ڪري هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ ترقي اسان لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻيل آهي، ان ڪري اسان هندستان، دبئي، آمريڪا ۽ برطانيا ۾ رهندڙ سنڌين ۽ سندن ايندڙ نسلن جي سنڌي سمجهڻ لاءِ آڊيو، وڊيو ۽ انٽرنيٽ جي جديد ذريعن کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. آشا چاند، جيڪا اڄڪلهه سنڌ جي دوري تي آيل آهي، تنهن چيو ته هندستان ۾ سنڌي ٽڙيل پکڙيل رهن ٿا، ان ڪري هو سنڌي جي پڙهائي لاءِ اسڪول ۽ ڪاليج قائم ڪري نه ٿا سگهن. هن چيو ته صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هند جي سنڌين حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ سرڪاري شعبي ۾ هڪ ٽي وي چئنل کوليو وڃي. هن چيو ته سندس تنظيم سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ موسيقي جا آڊيو ۽ وڊيوز تيار ڪري انٽرنيٽ تي رکيا آهن ۽ انهن پروگرامن جون هزارين سي ڊيز پڻ جاري ڪيون آهن ته جيئن دنيا ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي مادري ٻولي ڳالهائي ۽ سمجهي سگهن. هن سنڌ جي ڏاهن، ڪلاڪارن ۽ پبلشرس کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجا ڪلام، ناٽڪ ۽ ڪتاب انٽرنيٽ تي رکن ته جيئن سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ۽ سندن ايندڙ نسل انهن مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪري سگهن. آشا چاند چيو ته سنڌو تهذيب پڻ هڪ ڌرم جو نالو آهي. هن سگا پاران سنڌي پڙهائڻ لاءِ 24 اسڪول هلائڻ ۽ سنڌي سبجيڪٽ ۾ “لطيفيات” کي لازمي طور پڙهائڻ تي سگا جي واکاڻ ڪئي.
تقريب ۾ ڳالهائيندي پي ٽي وي جي اڳوڻي پروڊيوسر ۽ ناليواري راڳي بيدل مسرور چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ خانگي شعبي ۾ هلندڙ ٽي وي چئنل رڳو خبرن ۽ ڪرنٽ افيئرز پروگرامن ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪري رهيا آهن. باقي ڊرامن، ناٽڪن ۽ موسيقي جي شعبي ۾ سندن پروگرام سنڌي ثقافت جي عڪاسي نه ٿا ڪن ۽ ان جو بنيادي ڪارڻ پروڊيوسرز ۽ ڊائريڪٽرز جو سکيا نه وٺڻ آهي. هن چيو ته ان جي ڀيٽ ۾ آشا چاند ۽ سندس اداري سنڌي ثقافت جي فروغ لاءِ ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. سگا چيئرمين رفيق احمد جعفري چيو ته ڪنهن به قوم جي بقا لاءِ ضروري آهي ته ان جي ٻولي زنده رهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر سحر امداد چيو ته آشا چاند جون ٻولي جي لاء خدمتون ڪنهن به تعارف جون محتاج ناهن. پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته آشا چاند پنهنجي ماء پيء جي نقش قدم تي هلندي سنڌي ثقافت ۽ ٻوليء لاء پاڻ پتوڙي رهي آهي. قادر سرڪي چيو ته دبئي ۾ سنڌي ثقافتي ميلا مچائڻ ۾ سدائين آشا چاند اڳڀري رهندي آهي. سگا جي اڳوڻي چيئرمين ولي محمد روشن چيو ته اهي قومون ئي ترقي ڪن ٿيون جيڪي پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کي جيارين ٿيون. سگا سچل ڳوٺ جي صدر پروفيسر علي انور بالادي آجياڻي تقرير ۾ چيو ته اها سچل ڳوٺ وارن جي خوشقسمتي آهي جو آشا چاند جڏهن به سنڌ اچي ٿي ته هوءَ سچل ڳوٺ اچي ٻوليء جي ترقي لاء رايا وٺي ٿي ۽ صلاحون ڏئي ٿي. تاج محمد وساڻ چيو ته ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ اسان ٻارن کي آڊيو ۽ وڊيو ذريعي بهترين تعليم ڏئي سگهون ٿا جنهن جي شروعات آشا چاند ڪري چڪي آهي.
پروگرام جي ڪمپيئرنگ ڪرم الاهي چنا ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندڙن اهو به چيو ته جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جو هاڪاري شاعر سرڳواسي نارائڻ شيام هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ آشا چاند ۽ ٻين ساٿين ۽ ادارن جو ڪوششون ڏسي ها ته هو شايد اهو شعر لکڻ تي مجبور نه ٿئي ها ته “الله ايئن مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي”. ان موقعي تي بيدل مسرور ۽ شهنيلا علي شيخ اياز جا ڪلام “سچ وڏو ڏوهاري آهي” ۽ سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو” ڳائي سامعين کي جهومائي وڌو. مشهور مزاحيه فنڪار علي گُل ملاح ۽سهراب سومرو پنهنجي روائتي انداز ۾ ٽوٽڪا ٻڌائي سامعين کي محظوظ ڪيو. آجياڻي ۾ سچل ڳوٺ، سيتا ڳوٺ، ايوب ڳوٺ، ماروئڙا ڳوٺ ۽ ڪراچي شهر جي مختلف علائقن کان آيل ۽ سڄي سنڌ مان آيل اديبن، دانشورن، شاعرن ۽ ساڃاهه وندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ آشا چاند کي اجرڪ ، شيلڊ ۽ ڪتابن جون سوکڙيون پڻ پيش ڪيون ويون.
تقريب کان اڳ سنڌ سلامت جي وفد مينيجنگ ايڊيٽر محمد سليمان وساڻ جي اڳواڻي ۾ آشا چاند سان ملاقات ڪئي ۽ انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻولي، سنڌي ثقافت ۽ سنڌي موسيقي لاء سنڌ سلامت ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ڪم بابت ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ انهن نوجوانن کي داد ڏنو جن انفرادي طور ڪوششون وٺي ٻولي لاء جاکوڙ ڪئي آهي. هن سنڌ سلامت جي وفد کي دعوت ڏني ته هو سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپيوٽنگ جي دوستن جي ٽيم گڏ ڪن ۽ وڊيو ڪانفرنس ذريعي سنڌي ٻولي جي انٽرنيٽ تي ترقي بابت هڪ ٻئي سان ويچار ونڊين. آشا چاند اها به صلاح ڏني ته اسڪولن ۾ وڃي سنڌي ٻارن جي سنڌي ٽائيپنگ ۽ ڪمپيوٽر تي سنڌي سکيا بابت جامع پروگرام ترتيب ڏنا وڃن.
_______