August 09, 2016

علي بابا : ڌرتي ڌڪاڻن جي ليکڪ جي موڪلاڻي

علي بابا : ڌرتي ڌڪاڻن جي ليکڪ جي موڪلاڻي 

محمد سليمان وساڻ 

هو فقير منش ۽ درويش طبيعت ليکڪ هو. هن وٽ وڏائي يا ڪو ٺٺ ٺانگر ڪڏهن به نه ڏٺو، هو مصنوعيت سان نفرت ڪندڙ ماڻهو هو. مان سچل ڳوٺ جي گهٽين ۾ کيس ڪيترائي دفعا گهمندي ڏٺو، جتي هو مونکي سنڌ جو ڀٽڪندڙ روح لڳندو هو. هو عام پروگرامن ۾ به ماٺ ڪيو اچي ويهندو هو. سندس ڪهاڻين ۽ ڊرامن ۾ ڪمال ڪاريگري سان اهڙا ته ڪردار ۽ مڪالما ملندا هيا جيڪي سچا ۽ کرا، سادا ۽ اجائي پٽاڙ کان آجا هوندا هئا. هن جي لکڻين ۾ سنڌي ماڻهو ۽ سنڌ نظر ايندي هئي. ” دنگي منجهه درياء“ جو ليکڪ علي بابا اڄ اسان ۾ موجود ناهي، ڪالهه هو ان راهه رباني جو راهي ٿيو جتان ڪو واپس ناهي ورندو. پر علي بابا جون ڪهاڻيون ۽ ناول سندس ياد ڏياريندا رهندا. هي درويش صفت ماڻهو جنهن سان مليو اهو کيس سدائين ياد ڪندو. علي بابا جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ جي مهاڳ ۾ نثار حسيني لکي ٿو”علي بابا، سنڌي ساهت جو اهو اڻٿڪ، اربيلو ۽ مست الست ليکڪ آهي، جيڪو جُڳن کان ڪارونجهر کان ڪينجهر تائين، ڪيٽي کان ڪشمور تائين، موهن کان سون مياڻيءَ تائين ۽ کيرٿر کان کاري تائين سنڌ جي اتهاس کي کيڙيندو رهيو آهي.“ 
علي محمد ولد محمد رمضان بلوچ 1940ع ڌاري ڪوٽڙي ضلع دادوءَ ۾ پيدا ٿيو، علي محمد اڳتي هلي ”علي بابا“ جي نالي سان مشهور ٿيو. علي بابا جو تعلق”رند“ قبيلي سان آهي، علي بابا جا وڏا، اوڻيهين صدي ڌاري بلوچستان مان لڏي اچي سيوهڻ ۾ ويٺا. علي بابا جو پيءُ محمد رمضان ريلوي ۾ شنٽنگ پائلٽ هو. هن پرائمري تعليم نانگو لائين ميونسپل اسڪول ڪوٽڙي مان حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ميونسپل هاءِ اسڪول ڪوٽڙي ۾ داخل ٿيو. هو جڏهن مئٽرڪ جو امتحان ڏيئي رهيو هو ته امتحان هال ۾ هڪ ڇوڪر کي ڀونڊو ڏيڻ تي هڪ استاد کيس امتحان هال مان ڪڍي ڇڏيو، بس اهو ڏينهن وري علي بابا اسڪول جو منهن نه ڏٺو. هن ڪجهه عرصو ريلوي ۾ ڪلارڪ طور ڪم ڪيو، پوءِ ٽيڪسٽائيل مل ۾ اسسٽنٽ مئنيجر ٿي ڪم ڪيو. 1965ع کانپوءِ نوڪري ڇڏي صرف لکڻ لڳو جيڪو سندس گذر سفر جو ذريعو به هيو. سندس شروعاتي ڪهاڻيون شمشيرالحيدري سنواري سڌاري ”نئين زندگي“ رسالي ۾ ڇپيون. هو شمشير الحيدري جي وفات وقت سندس تڏي تي وڏي واڪ اهو چوندو رهيو ته علي بابا کي علي بابا شمشير بڻايو. علي بابا، ٻارن لاءِ هڪ ناول ”سنڌباد جو سفر“ لکيو جيڪو 1993ع ۾ ڇپيو. 
علي بابا ريڊيو ۽ ٽي ويءَ لاءِ 100 کان مٿي ڊراما لکيا. سندس ٽي وي ڊرامي ”دنگيءَ منجهه درياءُ“ کي ميونخ جرمنيءَ جي عالمي ميلي ۾ 79 ملڪن جي ڊرامن مان ٽيون نمبر بهترين ڊرامو قرار ڏيئي ”ايوارڊ“ سان نوازيو ويو، هي ڊرامو سنڌو درياءَ جي مهاڻن جي ڪهاڻيءَ تي مشتمل هوسندس مشهور ڊرامن ۾ ٻاليشاهي، موکي متارا، مومل راڻو، هوشو شيدي، رقص حيات (اهو موهن دڙي جي ناچڻي ۽ زندگي بابت هو) وغيره شامل آهن. 
سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 1983ع ۾ ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ جي نالي سان ڇپيو، ڪهاڻين جو ٻيو ڪتاب ”آيل ڙي اولاڻا“ 1984ع ۾ ڇپيو ۽ ٽيون ڪتاب ”علي بابا جون ڪهاڻيون“ (ڀاڱو پهريون-1994ع) ۾ ڇپيو، هن ۾ علي بابا جون ڪُل 59 ڪهاڻيون شامل آهن. سندس لکيل ناول ”موهن جودڙو“ 1985ع ۾ شايع ٿيو. اهو ناول پهريان ماهوار ”روح رهاڻ“ ۽ پوءِ ”نئين زندگي“ ۾ قسطوار ڇپيو هو. ساڳي ناول جو ذڪر ڪندي غلام حسين رنگريز لکي ٿو: 
”علي بابا سندس ناول ”موهن جو دڙو“ (پهريون حصو) ۾ ڏات ۽ ڏانءُ جي بلندين کي ڇهي رهيو آهي. ٻوليءَ کان وٺي منظر نگاريءَ تائين ڪٿي به سندس گرفت ڪمزور پوندي محسوس نٿي ٿئي. ڪاش! علي بابا ”موهن جو دڙو“ جو ٻيو حصو به مڪمل ڪري سگهي. جيڪڏهن اهو ناول مڪمل ٿي وڃي ته هرمن هيس جي ”سڌارٿا“ کان به وڌيڪ مقبوليت ماڻهي سگهي ٿو.“ 
پر افسوس جو معاشي، مالي ۽ سماجي حالتن جي ابتري سبب هو ناول مڪمل ڪري نه سگهيو. ٻيو حصو لکي نه سگهيو. علي بابا اڄ اسان ۾ موجود ناهي پر سندس ڪهاڻيون زندهه آهن، سندس ڪردار زندهه آهن، هو پاڻ ئي چوندو هو ته ڪهاڻيڪار ته مري ويندا آهن پر ڪهاڻي ڪڏهن به نه مرندي. ڪهاڻين جي ڪردارن کي زندگي ڏيندڙ علي بابا اسان کان موڪلائي ويو. سندس زندگيءَ جو آخري حصو گمناميءَ وارو رهيو، جنهن ۾ نه ته اديبن ۽ نه وري ادبي تنظيمن سندس ڪا سار لڌي.