December 21, 2012

مختيار ملڪ : شاعر، نثر نگار ۽ براڊڪاسٽر

مختيار ملڪ : خوبصورت شاعر، نثر نگار ۽ براڊڪاسٽر
محمد سليمان وساڻ

ريڊيو سان پراڻو لاڳاپو رهيو آهي ۽ جڏهن ڳوٺ ۾ 1988ع تائين بجلي ڪانه هئي ته گهڻو ڪري ريڊيو جا سڀ پروگرام ٻڌندا هئاسين. 80 جي ڏهاڪي ۾ ريڊيو جي پروگرامن جي ترتيب تبديل ٿيڻ سان گڏ ريڊيو ۾ هڪ انقلاب آيو ۽ ايئن ئي خيرپور ريڊيو اسٽيشن جي پروگرامن به وڏو نالو ڪمايو. ان وقت جي پروڊيوسرن شوڪت خاصخيلي، مختيار ملڪ،  نصير سومرو سان گڏ اسحاق انصاري جي ڪمپيئرنگ به تمام گهڻو مقبول ٿي. ان زماني کان مختيار ملڪ جي آواز جا چاهيندڙ بڻجي وياسين. 

December 20, 2012

سنڌ جي ثقافتي ڏڻ تي واڌايون

 
قومن جي سڃاڻ انهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ ثقافتي قدرن مان معلوم ٿيندي آهي. اهي قومون دنيا جي نقشي تي سدائين آباد رهنديون آهن جيڪي پنهنجي ثقافتي قدرن کي زندهه رکن ٿيون. سنڌ کي صدين کان پنهنجي ثقافتي قدرن ۽ ثقافتي لباس سبب هڪ الڳ ئي سڃاڻ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪجهه وقت کان سنڌ جي قومي ٻولي ۽ قومي لباس سان گڏ ثقافت کي اها موٽ ڪانه ملي سگهي. جس هجي سنڌ جي ميڊيا ۽ باشعور سنڌي ماڻهن کي جن ثقافتي ڏڻ جي شروعات ڪري پنهنجي ڌرتي ماء جي سڃاڻ ۽ سندس ثقافت کي ٻيهر هڪ نئين جوش ۽ ولولي سان جيئاريو آهي.

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
 

روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ جي عمارت جي افتتاحي تقريب




روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ جي عمارت جي افتتاحي تقريب
)رپورٽ : عبدالحفيظ لغاري، تصويرون : سليمان وساڻ(


سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن (سگا)، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي بلا امتياز خدمت ڪندي رهي آهي. سندس سماجي ڪمن مان هڪ اهم ڪم آهي سنڌ جي ٻارن کي معياري تعليم ڏيڻ. سگا 1980ع ۾ روشن تارا اسڪول کولڻ جو نظريو آندو ۽ انهن جي مسلسل ڪوششن جي نتيجي ۾ اڄ ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين سندن پاران کوليل روشن تارا اسڪولن جو تعداد 26 آهي. انهن اسڪولن جي معياري تعليم لاءِ انهن پاران اڻ ٿڪ ڪوششون رهيون آهن. اهي اسڪول شروعاتي طور ڪرائي تي حاصل ڪيل عمارتن ۾ هلايا ويا ۽ پوءِ سگا پاران وس آهر مدد ۽ مخير حضرات جي مالي ۽ فني مدد جي نتيجي ۾ انهن مان پنجاهه سيڪڙو اسڪول اڄ سگا جي پنهنجي عمارتن ۾ منتقل ٿي چُڪا آهن.

December 19, 2012

ٻٽو نظام ۽ ٻٽا معيار



ٻٽو نظام ۽ ٻٽا معيار
محمد سليمان وساڻ


هن جو ادبي قد ڪاٺ تمام وڏو هيو. سنڌ جي چوٽيء جي اديبن ۾ سندس شمار ٿيندو آهي. ڀلو شاعر ۽ ڪالم نويس آهي. سندس شاعري ۽ سندس لکڻيون اسان لاء هميشه رهنمائي، سجاڳي ۽ اتساهه جو سبب بڻيون آهن. سوشل ميڊيا تي جڏهن پنهنجون سرگرميون تمام گهڻو وڌايم ته هن سان به دوستي ٿي ۽ ايئن ساڻس ملاقاتن جو سلسلو به شروع ٿيو. اڪثر ادبي محفلن، مختلف پروگرامن ۽ ميٽنگن ۾ هن سان ملاقات ۾ ڪيترن ئي ڳالهين ۽ سنڌ جي مسئلن تي تفصيلي بحث ٿيندو هيو. ڪڏهن ڪڏهن اسان گڏجي ڪراچي ۽ ڪراچي کان ٻاهر به پروگرامن ۾ حصو وٺندا رهياسين. سندس ذريعي منهنجي به ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن سان ڏيٺ ويٺ ٿي.

سندس ڳالهين جو محور هميشه سنڌ رهندي هئي ۽ لکڻين ۾ ساڳي ئي پهلو کي اجاگر ڪندو رهيو. مون کانئس گهڻو ڪجهه سکيو ۽ سندس ديوانو بڻجي ويس. سنڌ حڪومت ۽ سنڌ اسيمبلي پاران مڪاني حڪومت جي ٻٽي نظام خلاف جڏهن سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي ته اسان جو ادبي لڏو به ان ميدان ۾ اڳڀرو رهيو. هن جا ميسج ملندا هيا ۽ نوڪري جي سختين باوجود به ساڻس گڏ مختلف ميڙاڪن ۽ احتجاجن ۾ شريڪ ٿيندو رهيس. هو حڪومت، نمائندن ۽ انهن جي حامين تي ڇتي تنقيد ڪندو هيو. انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ دفعي ڪراچي جي هڪ وڏي هوٽل ۾ سندس هڪ دوست ڊنر تي گهرايس ته مونکي به ڪال ڪيائين ۽ اچڻ جو تاڪيد ڪيائين. سندس گهر پهچي هن سان گڏ دعوت ۾ پهتس. اتي اڪثر نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون نظر آيون. هي به انهن سان گڏ خوش گپين ۾ مشغول ٿي ويو. مان هن سنجيده شخص کي ڏسي پريشان ٿيندو رهيس ۽ ٽيبل تي ويهي چانهه پيئڻ لڳس. هو به هاڻي اچي مونسان گڏ ويٺو ۽ چوڻ لڳو ته خوش رهڻ لاء اهو سڀ ضروري آهي. هن بيري کي چانهه کڻي اچڻ جو چيو ، بيري جڏهن کيس چانهه پيش ڪئي ته اچانڪ سندس هٿ مان ڪوپ ڇڏائي سندس ڪپڙن تي اچي پيو. سندس ڪپڙا بلڪل خراب ٿي چڪا هيا، مان بيري کي گهٽ وڌ چوڻ لڳس ته مونکي منع ڪندي چيائين ته بابا ايئن ٿي ويندو آهي ۽ بيري جي پٺي ٺپي کيس معاف ڪري روانو ڪيائين.

December 15, 2012

جهرڪين جي آکيرن ۾ سگريٽ

جهرڪين جي آکيرن ۾ سگريٽ

تازو هڪ تحقيق سامهون آئي آهي ته جهرڪيون ۽ ٻيا پکي پنهنجي آکيرن ۾ سگريٽ جا فلٽرز رکن ٿا. سينٽ اينڊريوز يونيورسٽي جي ماهرن ان تي پنهنجي تحقيق ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته سگريٽ جي ٽوٽن ۾ موجود نڪوٽين ڪيڙا شڪن جو ڪم ڪري ٿي ، جنهن سبب آکيرن ۾ جيت جڻا نه ٿا اچن. اهوئي سبب آهي جو پکي پنهنجي آکيرن ۾ سگريٽ جا ٽوٽا رکن ٿا. ان کانسواء سگريٽ جا فلٽرز سرديء جي موسم ۾ به سيء کان بچائن ٿا.

 چيو وڃي ٿو ته جن آکيرن تي تحقيق ڪئي وئي انهن ۾ سراسري 10 جڏهن ته وڌ کان وڌ 42 سگريٽن جا فلٽر به مليا آهن. سائنسدان تحقيق ڪري رهيا آهن ته پکين کي اهو سڀ ڪيئن معلوم ٿيو.

December 12, 2012

تاجل بيوس جي ياد


تاجل بيوس جي ياد
محمد سليمان وساڻ 

سنڌ جي سونهن تي ته ڪيترن ئي شاعرن لکيو آهي پر اتر جو هوندي به سڀني لهجن ۾ لکندڙ ۽ سنڌ جا گيت ڳائيندڙن ۾ تاجل بيوس به اوچ ڪوٽي جي شاعرن ۾ شامل آهي. نرالي انداز ۾ شاعري ڪندڙ تاجل بيوس خيرپور ضلعي جي سوڀيديري تعلقي سان تعلق رکندڙ ڪچي جي ڳوٺ پير حيات شاهه ۾ تاج محمد سمون 22 سيپٽمبر 1938ع ۾ جنم ورتو. ننڍي هوندي ڪنهن ٿي ڄاتو ته هي نينگر اڳتي هلي پنهنجي لکيل امر گيت سنڌ منهنجي امان سونهن تنهنجيء مٿان ڇا لکي ڇا لکان جي ذريعي سنڌ جي سڃاڻ بڻجي ويندو. هن جو تعلق مڊل ڪلاس گهراڻي هو ۽ سندس والد مرحوم محمد جعفر ڪو وڏو ماڻهو ته ڪونه هو پر ان باوجود هن پنهنجي پٽ کي سٺي تعليم ڏياري. عجب جهڙي ڳالهه آهي ته تاجل بيوس ايم اي ته معاشيات ۾ ڪئي، پر هن جي اندر ۾ ننڍپڻ کان وٺي هڪ ڏات ڌڻي ۽ تخليقڪار لڪل هو، جيڪو گيت ۽ شاعري سرجيندو رهندو هو. اهو ئي سبب هو جو تاج محمد سمون اڳتي هلي ادب جي دنيا جو تاجل بيوس بڻيو.


December 11, 2012

ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڪتابن جو عالمي ميلو

ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڪتابن جو عالمي ميلو ۽ مان
محمد سليما وساڻ

ڪتاب اسان جا سڀ کان بهترين دوست آهن،جيڪي نه بيوفائي ٿا ڪن ۽ نه ئي وري ساٿ ڇڏي ٿا ڏين. ڪتاب ئي آهي جنهن ذريعي اسان تعليم پرائي پنهنجي زندگي سنوارڻ جي شروعات ٿا ڪيون. مونکي تاج صحرائي جون سٽون ياد ٿيون اچن، هو چوي ٿو :

ڪتاب ئي زندگيء جا بهترين ساٿي آهن. ڏسڻ ۾ ته ڪيترا گونگا، ٻوڙا، انڌا، منڊا ۽ بي جان لڳن ٿا، مگر اکين ۽ اکرن وارن لاء جان آهن، پساهه آهن، سڏڪا ۽ ٽهڪ آهن، ننڊون ۽ اوجاڳا آهن، زندگيء جون لاهيون ۽ چاڙهيون آهن. مطلب ته ڪتابن ۾ انسان پنهنجي خوبين ۽ خامين سان لڪل ۽ ظاهر آهن.

ڪتابن جو شوق ته پراڻي زماني کان آهي. مونکي ياد آهي ته يونيورسٽي جي دور ۾ اسان جا درسي ڪتاب لائيبرري ۾ ڪونه ملندا هئا، اهي ڪتاب اسان کي گهڻو ڪري خريد ڪرڻا پوندا هئا. پر مان لائيبرري وڃي سنڌي ادب، شاعري ۽ ان سان لاڳاپيل ڪتاب وٺندو هوس ۽ هر هفتي ٻه ڪتاب پڙهي واپس ڪري وري ٻيا نوان ڪتاب وٺندو هوس ... شايد اهوئي دور هيو جنهن ۾ سڀ کان گهڻا ڪتاب پڙهيا. پوء وقت جي رفتار سان گڏ ڪتابن پڙهڻ وارو ڪم گهٽبو ويو، ان جا به ڪيئي سبب هئا؟ وقت جي گهٽتائي، مصروفيتون، سوشل ميڊيا ۽ انهن سڀني کان وڌيڪ پنهنجي سُستي.

سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي ڪم ڪندي ٻيهر ڪتاب پڙهڻ جو وقت ڪڍندو رهيس ۽ وري ڪتابن ڏانهن واپسي ٿي. هاڻي سنڌي ڪهاڻي، شاعري، ناول سان گڏ سياست ۽ فلسفي جا ڪتاب به پڙهڻا پيا، ان سان گڏ آتم ڪٿا ۽ تاريخ سان گڏ اسلامي ڪتابن جو مطالعو به ٻيهر شروع ڪيو آهي. گذريل ڪجهه سالن کان ڪراچي ۾ عالمي ڪتابن جو ميلو ايڪسو سينٽر ۾ باقائدگي سان لڳي رهيو آهي ۽ منهنجي آفيس سامهون هجڻ ڪري مان هر سال ان ميلي ۾ شرڪت ڪندو رهيو آهيان. هن سال به 6 ڊسمبر کان 10 ڊسمبر تائين اٺين عالمي ڪتابن جي ميلي جو انعقاد ٿيو. ڇو ته ڪتابن سان منهنجي دوستي ۽ لڳاء گهٽجي ويو هو تنهنڪري مان اهوئي سمجهي رهيو هوس ته شايد سڀني سان ايئن ئي آهي ۽ ماڻهن ڪتاب پڙهڻ ڇڏي ڏنا آهن. پر هن ميلي ۾ پهچي منهنجا ۽ منهنجي دوست حفيظ لغاري جا اهي خيال هوائي لڳا. ڇو ته پهريون دفعو مون ڪتابن جي ميلي لاء ماڻهن کي قطار ۾ بيهندي ڏٺو. تمام گهڻي رش، عورتن، ٻارن ۽ فيمليز جو ايڏو وڏو تعداد يقينن خوشي جو سبب بڻجي رهيو هو ته ماڻهو اڃان به ڪتابن سان چاهه رکن ٿا.

December 08, 2012

ڊاڪٽر تنوير عباسي: شاعر، ڪهاڻيڪار، محقق ۽ مرتب

ڊاڪٽر تنوير عباسي: شاعر، ڪهاڻيڪار، محقق ۽ مرتب
 محمد سليمان وساڻ

جديد سنڌي شاعريء جي اهم نالي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو اصل نالو نور نبي ۽ والد جو نالو  گل حسن آهي. سندس جنم 7 ڊسمبر 1934 ۾ ڳوٺ سوڀي ديري ضلعي خيرپور ۾ ٿيو، ميٽرڪ اين-جي- وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان، انٽر سائنس ڊي- جي سنڌ گورنمينٽ ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ ايم- بي-بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد مان 1960ع ۾ پاس ڪيائين.

ڊاڪٽر تنوير سنڌي گيت جو هڪ سريلو ۽ مٺڙو شاعر آهي، جنهن جي شعر ۾ ميٺاج، رواني ۽ سادگي آهي. کيس شاعرن "Lyrical Poet" سڏيو آهي. کيس سنڌي شاعريءَ جو Words worth سڏيندا آهن، خود ورڊس ورٿ جو شمار انگريزي شاعريءَ ۾ Lyrical Poet جي حيثيت سان ٿئي ٿو. تنوير عباسي نه رڳو ڪلاسيڪل لوڪ گيتن کي نئين معنيٰ ڏني پر گيتن، بيتن ۽ وائين کي نئون موڙ ڏنو. سندس گيت ۾ هندي گيت واري مڌرتا ۽ رواني آهي. شاعريءَ کان سواءِ به گهڻو ڪجهه لکيو اٿن، پر سندس شاعري ۽ شاهه لطيف تي لکيل ڪتاب وڌيڪ مشهور آهن. ڊاڪٽر تنوير جي شاعري زندگيءَ جي ترجمان آهي. گيت جي صنف کي حسين کان حسين بنائڻ لاءِ ڪافي فني تجربا ڪيا اٿن.

December 05, 2012

هوءَ، مان ۽ چنڊ




هوءَ، مان ۽ چنڊ


هن مونکان هڪ دفعي پڇيو هو ته ڪير وڌيڪ خوبصورت آهي ؟

چنڊ يا مان ؟؟؟

مان ڪجهه وقت لاء چپ رهيس ته هن جي به پريشاني وڌي وئي ۔۔۔۔۔ !!

مون کيس جواب ۾ چيو ته اها مونکي به خبر ناهي ته ڪير وڌيڪ خوبصورت آهي پر جڏهن مان چنڊ ڏانهن تڪيندو آهيان ته تنهنجي ياد اچي ويندي آهي ۽ جڏهن مان توکي ڏسندو آهيان ته مونکان چنڊ وسري ويندو آهي ۔۔۔۔ !!

سليمان وساڻ







December 04, 2012

پنهنجو رت



هي انهن ڏينهن جي ڳالھ آهي جڏهن مان پنهنجي اداري ۾ تمام گهڻو مصروف هئس ، گڏجاڻيون ، وري ساليانه پلان ٺاهڻ ، ٽريننگ پلان ۽ ان جي گهربل نوٽس جي تياري ڪرڻ . ان سان گڏ هڪ وڌيڪ ذميواري انڪوائري جي هئي جيڪا هڪ واڌو ذميواري هئي. انڪوائري ڪميٽيء ۾ مونسان گڏ هڪ ٻيو غير سنڌي ميمبر هو ۽ اسان لاء ڏکي ڳاله هئي ته هڪ ئي وقت ٽي انڪوائريون ڪري رهيا هئاسين جن مان هڪ ڪوئيٽا ، هڪ لاڙڪاڻي ۽ هڪ ڪراچيء ۾ هئي، انهن لاء اسان کي ٽنهي شهرن ڏانهن وڃڻو پوندو هو ۽ ان کانسواء پنهنجي سيڪشن جو ڪم الڳ ڪرڻوپوندو هو. گهر ۾ منهنجي امڙ جي طبيعت خراب هئي ۽ ڊاڪٽرن جي مصيبت اها هئي ته هر روز هڪ نئين ٽيسٽ پئي ڪراين . امڙ جي بيماريء سبب مان گهڻو الجهيل هئس ۽ آفيس جي ڪم کي به چڱي طرح ڪونه پي ڏسي سگهيس.

ان ڏينهن تمام گهڻو سيء هو ۽ مان ايندڙ هفتي بيرون ملڪ مان ايندڙ هڪ وفد سان ميٽنگ لاء مواد تيار ڪري هيو هئس ۽ پراڻا فائيل کولي تياري ڪري رهيو هئس جو منهنجي پٽيوالي آچر هڪ ڪارڊ ٽيبل تي رکيو ، جيڪو مصروفيت سبب مان ڏٺو به ڪونه، ڪجھ گهڙين کانپوء هن مونکي ان ڪارڊ طرف ڏيان ڇڪايو ۽ چيو ته قريشي صاحب اوهان سان ملڻ ٿو چاهي ، مون کيس چيو ته في الحال ٽاري ڇڏينس ۽ چئينس ته ميٽنگ ۾ مصروف آهيان پر آچر چيو سائين اوهان ڪارڊ ته ڏسو، ڇڙٻ ڏني مانس پر ڪارڊ تي به نطر وڌم ، نالي پڙهڻ سان هڪدم ڪجھ ياد اچڻ لڳو ۽ سوچيم هن پيريء ۾ به گهران نڪتو آهي مونسان ملڻ لاء ، آخر ڇو؟ جڏهن ته هن مونسان ڪا چڱائي ڪونه ڪئي هئي ، هن پنهنجي ئي سنڌين تي چٿرون ڪيو هون. خير آچر کي چيم ته وٺي اچينس.

December 01, 2012

ڊسمبر تون وري آئين

ڊسمبر تون وري آئين
محمد سليمان وساڻ
ڊسمبر خبر ناهي ڇو منهنجي پسنديده موسم هوندي آهي۔ جيتوڻيڪ مان ڊسمبر کان گهڻو گهٻرائيندو به آهيان، گهٻرائڻ جو سبب شايد پنهنجي سڀ کان پسنديده شخصيتن کي ڊسمبر ۾ وڃائڻ ئي آهي۔ جيتوڻيڪ ڊسمبر يخ ٿڌين هوائن ۽ ٿڌي موسم جو مهينو آهي پر خبر ناهي ڇو ڊسمبر ۾ احساس ۽ جذبا وري گرم ٿيندا آهن۔

هن سال وري ڊسمبر آيو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ پاڻ سان گڏ ٿڌيون هوائون، يادو ۽ احساس کڻي ۔۔۔۔۔۔۔ ڊسمبر سنڌ کي خوشيون ڪونه ڏئي سگهيو آهي ۔۔۔۔۔ جيتوڻيڪ ڊسمبر جو مهينو مونکي گهڻو وڻندو آهي، جنهن ۾ اتر جي ٿڌي هوا لڳندي آهي ۽ پوء جيجيء جا اهي ٻول ياد ايندا آهن ۔۔۔۔
اترڙو ٿو لڳي او الا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسين ماڻهو لاڙ جا

جڏهن ڊسمبر ايندو آهي ته سيء جي موسم ايندي آهي جيڪا چپن ڦٽڻ جي موسم به هوندي آهي۔ اها موسم جنهن ۾ ونيون پنهنجي پرديس ويل ورن کي ياد ڪنديون آهن ۽ لطيف سائين اهڙي ئي ڏينهن ۽ پسمنظرن کي ڏسي چيو  :
سَرَ نِسرِيا پاندَ، اُتَرَ لڳا، آءُ پِرِين!
مُون تو ڪارَڻَ، ڪانڌَ! سَهِسين سُکائُون ڪَيون
 (شاهه)

November 29, 2012

سڊني جي ساحلن جو پاڻي ڳاڙهو ٿيڻ لڳو

سڊني جي ساحلن جو پاڻي ڳاڙهو ٿيڻ لڳو



بي بي سي ۽ ٻين ويب سائيٽس جي حوالي سان تازه خبرون مليون آهن ته آسٽريليا جي شهر سڊني جي ساحن جو رنگ ڳاڙهو ٿيڻ لڳو آهي۔ پري کان اهو بلڪل خون وانگر نظر اچي ٿو۔ ان جو هڪ سبب ڳاڙهي رنگ جو سينور آهي، جنهن کي انگريزي ۾algae سڏجي ٿو۔ چيو وڃي ٿو ته ان سبب ڪجهه مڇين جو موت به ٿيو آهي۔ جيتوڻيڪ اهو پاڻي ڪو زهريلو ناهي پر پوء ماڻهن لاء سمنڊ جا ساحل بند ڪيا ويا آهن۔ پاڻيء جا سيمپل ورتا ويا آهن ته جيئن ان جي ڳاڙهي ٿيڻ جا سبب معلوم ڪري سگهجن۔

تصويرون بي بي سي اردو جي ويب سائيٽ جي ٿورن سان:






November 28, 2012

مشتاق سعيد جي شاعريء جو نڪور ڪتاب ”ڪينرو ڪيسين وڄايان“

مشتاق سعيد جي شاعريء جو نڪور ڪتاب ڪينرو ڪيسين وڄايان
محمد سليمان وساڻ


سنڌ جي لاڙ پٽ واري علائقي سجاول سان تعلق رکندڙ نوجوان شاعر مشتاق سعيد جي شاعريء جو نڪور ڪتاب ڪينرو ڪيسين وڄايان منهنجي هٿن ۾ آهي. مان سوچي رهيو آهيان ته مشتاق ايڏو تيزي سان لکي رهيو آهي، جو هڪ ئي سال ۾ سندس شاعريء جا ٽي مجموعا ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا آهن، جڏهن ته سندس شاعريء جو چوٿون ڪتاب به ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي. هن کان اڳ سندس شاعريء جا ڪتاب ڌيمي وهڪ درياء جي ۽ ڀرپور سمندر گرجي ٿو هن ئي سال 2012 ۾ ڇپيا آهن. سندس شاعري صرف ڳڻپ جي حد تائين ناهي پر سندس خيالن جي بلندي ۽ لفظن جي اڏار به لازوال آهي، سندس لفظ ڪنهن مصور جي رنگن کان گهٽ ناهي. سندس ڪتاب جو ٽائيٽل ڪينرو ڪيسين وڄايان ۽ سندس ان نظم بابت ڪنهن لکيو آهي ته اها اسان مٿان طنز آهي، چٿر آهي پر مان چوندس ته مشتاق اسان کان سوال ڪري پڇي رهيو آهي ته ڇا اڃان مان جاري رکان؟ يا ها پڇي پيو ته مان ڪنهن لاء لکان؟ ۽ مان کيس اهو چوندس ته مشتاق توکي لطيف ۽ شيخ اياز واري تسلسل کي قائم رکڻو آهي ۽ اهو ڪينرو وڄائڻو آهي. هو پاڻ ئي ته ان لاء اياز کي چوي ٿو :

جو گيت تو هو ڇڏيو اڌورو،
انهيءَ کي پورو،
ڪري سگهان يا مَري وڃان مان،
اهو نه ڄاڻان مگر ٿو ڄاڻان،
جو ڪينرو تون ڇڏي ويو آن،
سو ڄڻ ته مون آ ڪُلهي ۾ پاتو


November 26, 2012

رني ڪوٽ جي راهن تي

رني ڪوٽ جي راهن تي
محمد سليمان وساڻ

مان ننڍي هوندي کان ئي رني ڪوٽ بابت مختلف رسالن ۽ ڪتابن ۾ پڙهندو رهيو آهيان پر الائي ڇو مونکي لڳندو هو ته هي سڀ مفروضا آهن ۽ اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي جو ڪو ڪوٽ 30 ڪلوميٽرن جي پسگردائي ۾ هجي. شايد ان جو هڪ سبب اسڪولي زماني کان ڪوٽڏجي جي قلعي جا چڪر هڻڻ به هو. جيڪو سولو، سهڻو ۽ رني ڪوٽ جي مقابلي ۾ گهٽ ايراضي تي اڏيل آهي. پوء وقت جي حساب سان رني ڪوٽ گهمڻ جو شوق وڌندو رهيو. ڪجهه سال اڳ جڏهن سچل ڳوٺ مان دوستن جو قافلو رني ڪوٽ گهمڻ لاء تيار ٿيو ته ڪجهه ذاتي ڪمن سبب چاهيندي به نه وڃي سگهيس، پر چاهت ۾ ڪابه گهٽتائي ڪانه آئي. واپسي تي دوستن جڏهن شير ڳڙهه تي چڙهڻ جي ڳالهه ڪئي ته ايئن لڳو ڄڻ اهوئي رني ڪوٽ آهي ۽ ان تي چڙهڻ جي ڏکيائن جو ٻڌي دل لاهي ويٺس. پر هڪ دفعو وري نثار کوکر جي ڪاوش ۾ ڇپيل رني ڪوٽ واري ڪالم پڙهڻ کانپوء ٻيهر تجسس وڌيو. ڪجهه ڏينهن اڳ سچل ڳوٺ جي روح روان سراج ميمڻ، تاج محمد وساڻ ۽ ٻين دوستن رني ڪوٽ گهمڻ جي چاهت ڏيکاري ته تيار ٿي وياسين. هتان 20 دوستن جو قافلو هڪ ڪار ۽ هڪ مزدا ۾ سوار ٿي روانو ٿيو. جيڪي دوست تيار ٿيا انهن ۾ تاج محمد وساڻ، سراج الدين ميمڻ، الهداد گوپانگ، ربنواز ڀٽو، سراج احمد ڀٽو، اعجاز احمد ڀٽو، محمد سليمان آگرو، ثناء الله راڄڙ، محمد سليمان وساڻ، عبدالحفيظ لغاري، غلام مرتضى وساڻ، پنهل لاکو، قربان ڪلوڙ، علي حسن رند، رفيق احمد ڀٽو، صاحبڏنو ارباب، نعيم ميمڻ، انور ميمڻ، لياقت بليدي ۽ نواز سانگي شامل هئا.

 نومبر 16، 2012ع تي ڪراچي مان نڪرندي ڪافي دير ٿي، ان جو هڪ سبب ان ڏينهن پهرين محرم جو هجڻ به هيو. جنهن سبب ڪراچي ۾ موبائل فون تي پيل پابندي به هئي. پُر لطف ڪچهري ڪندا پوڻين 10 بجي رات جو ڄامشوري پهتاسين جتي سنڌ يونيورسٽي جي ايڪسيلينس سينٽر جي هاسٽل ۾ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شهاب الدين ميمڻ پاران رات جي ماني جو بندوبست ٿيل هو. اتي پهچڻ تي ڊاڪٽر صاحب ڀليڪار ڪئي ۽ اتان ئي ڪافي دوست علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار تي فاتح خواني لاء ويا ۽ پوء ماني کائي سن روانا ٿياسين. رستي ۾ موضوع ته رني ڪوٽ هجڻ گهربو هو پر الائي ڇو هر دفعي اهو موضوع مٽجي مزاحيه ڪچهري تي وڃي پيو دنگ ڪري. مون جهڙو سنجيده ماڻهو به ان ڪچهري ۾ شامل ٿي ويو. رات دير سان سن کان ٿورو پرتي ڳوٺ گائنچا ۾ پنهل لاکي جي گهر تي رهائش جو انتظام هو. پنهل لاکو ڪافي سالن کان ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي ۽ واڍڪي ڪم جو ٽاپ جو ڪاريگر آهي. ڳوٺ وارن دلي ڀليڪار ڪئي ۽ چانهه جو انتظام ڪيو. آرام لاء ستاسين پر هاء ڙي دوستو اوهان جا ڪم ڪي فون تي سڄي رات ڳالهائيندا رهيا ته ڪي ڪچهريون ڪندا رهيا، اهڙي صورتحال ۾ مون جهڙي ماڻهوء جي ننڊ ته ڪوهين ڏور اڏامي وئي. خير 17 نومبر 2012ع جي صبح جو ساڍي پنجين بجي همراهه پاڻ ته اٿيا پر اسان کي به اٿاريائون. بي دليا اٿي هٿ منهن ڌوئي ڪچهري ۾ لڳي وياسين. ناشتي ۾ پنهل لاکي پاران مکڻ. ماکي ۽ ديسي انڊن جو انتظام ڪيل هو پر اسان جي رهبر سراج ميمڻ جي دانهن اصل ماني جو مزو ئي وڃائي ڇڏيو. چئي جنهن ناشتو ڪيو اهو گهمي ڪونه سگهندو، چئي گهمڻ جو مزو بکي پيٽ آهي. کائي پي الٽيون ڪندا رهندا. ان ڊڄ سبب مان ته ناشتو ڪونه ڪيو يا بنهه ٻه ٽي گرهه کاڌا پر ڪجه دوستن ته اصل رڄ تي کاڌو. صبح جو ساڍي ستين بجي اسان گاڏين ۾ ويهي رني ڪوٽ جي راهن تي روانا ٿياسين.

ماءُ : ڪائنات جي خوبصورت ترين هستي



ماءُ : ڪائنات جي خوبصورت ترين هستي
محمد سليمان وساڻ



اڄوڪو ڏينهن دنيا ۾ مائرن جي عالمي ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي. هونئن ته هر ڏينهن اسان لاء ماء جو ڏينهن آهي، هر ڏينهن اسان کي پنهنجي امڙ جو ڌيان رکڻ، خدمت ڪرڻ ۽ سندس دعائون وٺڻ جو آهي پر سڄي دنيا اڄوڪي ڏينهن کي ڀيٽا طور ماء جو ڏينهن ڪري ملهائي رهي آهي. اڄوڪي ڏينهن جتي پنهنجي ڪُک مان جنم ڏيندڙ ماء کي ڀيٽا جو ڏينهن آهي ته ساڳي ئي وقت پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ کي ڀيٽا ڏيڻ جو به آهي.

ڪائنات جا ڪروڙين رنگ آهن پر انهن ڪروڙين رنگن جو هڪ ئي اهو روپ آهي جنهن کي ”ماءُ“ چيو وڃي ٿو. سارنگ منير ڪٿي لکيو هو ته ماءُ هڪ اها ڇپر آهي جنهن هيٺان دنيا جا سمورا درد دور ٿي وڃن ٿا، هر مصيبت موٽي وڃي ٿي، هر پريشاني پويان پير ڪري ٿي. دنيا ۾ ڪروڙين ڏک پلن ٿا پر دنيا ۾ لکين مصيبتن جا دروازا کليل آهن، دنيا ۾ هزارين پريشانيون آهن پر انهن سڀني مصيبتن ۽ پريشانين جو حل هڪ ماءُ جي دعا آهي. جيڪا فرش کان عرش تي پهچائي سگهي ٿي. اها ماء جي هنج ئي آهي جيڪا زندگي گذارڻ جو سليقو سيکاري ٿي.
اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليه واله وسلم فرمايو آهي ته ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي. ماءُ هڪ اهڙو رستو آهي جيڪو سڌو جنت ڏانهن وٺي وڃي ٿو. مان ننڍي هوندي مختف گاڏين جي پويان لکيل هڪ جملي کي ڄڻ ته پنهنجي ذهن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي اهو جملو ڄڻ ته ڪُل ڪائنات آهي “ماء جي دعا ، جنت جي هوا.” حضرت امام حسين عه جو قول آهي ته”جـڏهن به اوهانکي فرصت ملي ته پنهنجي ماءُ وٽ وڃي ويهندا ڪريو، ڇاڪاڻ ته ماءُ سان گڏ گذاريل هر پل، قيامت جي ڏينهن اوهان جي نجات جو سبب بڻبو.” دنيا جي عظيم ڏاهي شيڪسپيئر چيو آهي ته جيڪڏهن هر هڪ زندگي پويان ماءُ جون دعائون ڪڍو ته اها زندگي ئي نه رهندي ڇو جو هر زندگي ماءُ جي دعائن سان هلندي آهي. ماءُ زندگي جي اونداهي راهن ۾ روشنيءَ جو مينار آهي. ماءُ هڪ اهڙي هستي آهي، هڪ اهڙو رشتو آهي جنهنجو ڪو به نعم البدل ناهي. اها ئي ماء ئي آهي جيڪا سڀڪجهه سر تي سهڻ ۽ هر شيءِ کي وسارڻ لاءِ تيار ٿي ويندي، پر ٻچي مٿان ڪک نه سهندي! چون ٿا ته لوليء جي شروعات به ماء ڪئي هئي، پنهنجي پياري ٻچڙي کي جهولي ۾ جهولي ۽ ان کي دعائون ڏيندي ۽ جهونگاريندي ننڊ ڪرائڻ.
ڪائنات جي خوبصورت ترين هستي جيڪڏهن منهنجي نظر ۾ ڪا آهي ته اها ماء آهي۔ ماء ڏک، سختيون، اهنج سهي به پنهنجي ٻچڙي لاء ڇا ڇا نه ٿي ڪري۔ مون لاء هر ڏينهن ماء جو ڏينهن هوندو آهي ڇو ته سدائين مونسان منهنجي مٺڙي امڙ جو يادون ۽ دعائون جو گڏ هونديون آهن. اهي ماڻهو جن جون امڙيون زندهه آهن ۽ هنن لاء دعا گهرن ٿيون انهن جي زندگي ڄڻ ته ڪو جنت جو جهونڪو آهي. پڇي ڏسو انهن کان زندگيء جون گهڙيون ۽ انهن جا ويران گهر جن وٽ امڙين جو پيار ۽ دعائون ناهن. مشهور واقعو آهي ته الله جي نبي حضرت موسى عه جي والده جو جڏهن انتقال ٿي ويو ته پروردگار طورسينا جبل تي حضرت موسى عه کي چيو ته اي موسى عه هاڻ هن جبل تي پنهنجا قدم سنڀالي هلجان ڇو جو اڄ ماءُ جون دعائون تو سان گڏ ناهن جيڪا چوندي هئي پروردگار منهنجي موسى جي پارت اٿئي.
افسوس جو اڄ به اهڙا ڪٺور دل انسان موجود آهن جيڪي هن عظيم هستيء کي عورت سمجهي سندس تعظيم ڪرڻ ڇڏي ڏين ٿا ۽ معاشري جي عجيب ريتن، رسمن ۽ رواجن جي پاسداري ڪندي ماء کي ستائن ٿا ۽ ڏک ڏين ٿا. ماء اهڙين سختين باوجود به پنهنجي جگر جي ٽڪري کي بد دعا نه ٿي ڏئي ۽ سندس آسانين ۽ سک لاء رب جي بارگاهه ۾ هر وقت جهولي جهليو بيٺي آهي. پر ياد رکو ماء جي بد دعا آسمان کي لرزائي ڇڏيندي آهي، پياري رسول ڪريم صه جن جو فرمان آهي ته “ماءُ جي بد دعا کان بچو ڇو جو خدا ۽ ماءُ جي دعا جي وچ ۾ ڪوئي پردو نه هوندو آهي ۽ ماءُ جي نافرماني ڪرڻ وارو جنت ۾ داخل نه ٿيندو”.
اچو ته اهو عهد ڪيون ته اسان پنهنجي حقيقي ماء ۽ ڌرتي ماء سان گڏ هر عورت جي عزت، تعظيم ۽ وقار کي بلند ڪنداسين. اچو ته اڄوڪي ڏينهن تي اسان پنهنجي پهرين درسگاهه، پهرين پينگهه، پهرين جهولي، پهرين پيار ، پهرين لولِي، پهرين چُمي، پهرين ڀاڪر ۽ پهرين تربيت گاهه جي لاج رکندي سندس قدم چميون ۽ کيس سلام پيش ڪيون.







November 24, 2012

مشتاق سعيد جو ڪتاب ”ڀرپور سمندر گرجي ٿو“


مشتاق سعيد جو ڪتاب ”ڀرپور سمندر گرجي ٿو
محمد سليمان وساڻ

 

سنڌ جي لاڙ پٽ واري علائقي سجاول جي تخليقڪارن جو سنڌي شاعريء ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي. انقلابي شاعري هجي يا وري مجازي عشق واري ڪيفيتن سان ڀرپور شاعري اسان کي سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي، آپا مريم مجيدي جهڙا نالا ذهن تي تري ايندا. ساڳي ئي تر جي نوجوان شاعرن اياز امر شيخ ۽ سورج سجاولي سان گڏ هڪ اڀرندڙ نالو مشتاق سعيد جو به آهي. مشتاق سعيد جو 2012 جي شروع ۾ خوبصورت شاعريء جو مجموعو ڌيمي وهڪ درياء جي کان پوء هن ئي سال نئون مجموعو ڀرپور سمندر گرجي ٿو منهنجي هٿن ۾ آهي.


هن ڪتاب ۾ شامل سندس احساسن ۽ شاعريء کي پڙهي اها پروڙ پئي ته مشتاق سعيد جا خيال ڪيڏا سندر ۽ حسناڪين سان ڀرپور آهن. سندس شاعري هڪ اميد جو ڪرڻو ۽ حوصلو آهي:

ڦاهيء جي تختي تي بيٺي تو جو گيت جهونگاريو آ
ان جي سُر ۽ سازن منهنجي من ۾ ٻارڻ ٻاريو آ

مشتاق جي هر نظم ۾ هڪ نئون پيغام سمايل آهي. هر نظم ۾ هڪ نين ڪهاڻي ۽ الڳ احساس سمايل آهن، جيڪي روح کي تڙپائن ٿا:

سمنڊ جي سرگم ساز ۽ سر تي
راڳي ڪوئي راڳي ٿو پيو
جيڏي دل ڪويءَ جي آهي
ايڏو سمنڊ نه گهرو تون آ

مشتاق سعيد جي شاعري مون کي شيخ اياز کان اياز گُل ۽ اياز گُل کان مشتاق سعيد تائين جو تسلسل لڳي رهي آهي. مشتاق ٻوليء ۽ لفظن کي سهڻي نموني پوئي پيش ڪيو آهي جيئن ڪو گل فروش مختلف رنگن جي گلن کي پوئي هار ٺاهيندو آهي:

ايئن نه ڳوڙها ڳاڙ نه ڳائي
ٿر اتر ۽ لاڙ نه ڳائي
راڳي تنهنجا گيت غضب جا
هيڏا هنئين ڦاڙ نه ڳائي

مشتاق سعيد جي سوچ جو سفر کيس جلد ئي سنڌ جي مُک شاعرن واري ڌارا ۾ آڻي بيهاريندو، اهو مان نه پر سندس شاعري ٻڌائي رهي آهي. سچائي اشاعت گهر دڙو پاران ڇپايل سندس شاعريء جو ڪتاب ”ڀرپور سمندر گرجي ٿو“ 144 صفحن جو آهي، جنهن ۾ سندس غزل، نظم ۽ وايون شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ اياز امر شيخ لکيو آهي ۽ ڪتاب جي قيمت 160 رپيا آهي.

سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري ڪتاب آنلائين پڙهڻ سان گڏ ڊائونلوڊ به ڪري سگهجي ٿو.  

.