تعليم جي سڌاري جي هاڻ ته اميد به ختم پئي ٿئي
محمد سليمان وساڻ
گذريل دور ۾ پير مظهر الحق جڏهن تعليم جو وزير هيو ته سنڌ ۾ تعليم جو نظام ۽ انتظام بري طرح تباهه ٿيندو رهيو. انتظامي امور کان وٺي تدريس جي عمل تائين ۽ ان کانسواء کاتي ۾ ڪيل ڀرتين ۾ به بنا ڪنهن ميرٽ جي ڀرتيون ٿينديون رهيون. نه صرف اهو پر راشي عملدارن پنهنجي وزير ۽ وڏي وزير کي بغير ٻڌائڻ بنا ئي هزارين ماڻهو ڀرتي ڪري ڇڏيا. نتيجي ۾ وزيرن ۽ آفيسرن جي الڳ الڳ ڀرتي ڪيل ماڻهن جو انگ خالي پيل جاين کان به ٽيڻ تي ويو. جعلي ڀرتيون ڪيترن ئي ضلعن ۾ ٿيون جڏهن ڪراچي ۾ سنڌي لينگيوئيج استادن جي ڀرتين ڪرڻ وقت به ڪجهه آفيسرن ۽ ڪجهه وزيرن جي ڪرپشن سبب ماڻهو ته ڀرتي ٿي ويا پر نه ته انهن کي پگهارون مليون نه ئي انهن جو مستقبل سنوريو.
نثار کهڙو تعليم جو وزير ٿيو ته مايوس قوم ۾ هڪ اميد پيدا ٿي هئي ته شايد هاڻ سنڌ جي تعليم جي ٻڏل ٻيڙي کي ڪناري رسائڻ جون ڪوششون ٿينديون، پر سڀ ڪجهه خوابن کانسواء ڪجهه ثابت ڪونه ٿيو. هاڻ ته سيڪريٽري تعليم پيچوهو صاحب ۽ وزير جي جهيڙي ۽ آفيسرن ۽ سيڪريٽري تعليم جي جهيڙي سبب سڄو نظام ختم ٿي چڪو آهي. وزير وٽ وزارت جي طاقت آهي ۽ سيڪريٽري کي وري پارٽي قيادت جي پٺ آهي، نتيجي ۾ وڙهن سان ۽ کُسن ٻوڙا وارو حساب ڪتاب لڳو پيو آهي. نه استاد پيا پڙهائن ۽ نه وري انتظامي امور پيا هلن. وزير آفيسرن ۽ استادن جي تنظيمن کي ذميوار ڄاڻائي جان پيا ڇڏائين ته هوڏانهن سنڌ جي تعليم بي يارو مددگار آخري پساهه پئي کڻي.
ايس ايل ٽي استادن کي 18 مهينن کان پگهارون ناهن مليون ۽ انهن مان ڪيترا ته باقائدگي سان اسڪول به وڃن ٿا ۽ ڪلاس به وٺن ٿا. هوڏانهن پارٽي قيادت وري ثقافتي شو جي چڪر ۾ اچي سڀ پئسا اوڏانهن لڳائڻ جي چڪر ۾ نئين ڪرپشن جي بازار کولڻ ٿي چاهي. ايترا سارا پئسا جيڪڏهن ڪنهن تعليمي اداري کي کولڻ ۾ لڳائجن ته هوند اسان وٽ هڪ بهترين ادارو کلي پوي. پر يار اسان ته هاڻي صرف رينگٽ ۾ خوش آهيون.
سنڌ حڪومت جي گذريل ۽ هاڻوڪي ڪارڪردگي ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جو عوام ان ڌڻ مثل آهي جنهن جو ڪو ڌڻي نه هجي. پنجاب ۽ خيبر پخونخواهه ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن ۽ پلاننگ کي ڏسي اهو پيو سوچيان ته ڀلا پوء ڇو نه انهن سان گڏجي ڪو گڏيل نعرو هڻجي، ڇو ته هتي اسان وارن ته ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. پر جڏهن اهڙي ڳالهه ڪبي ته سڀ آڱريون کڻندا ۽ غداري ۽ نائون مل جا نوان لقب ملندا. هاڻ اسان سان اها ڪار آهي ته ماٺ رهان ته مشرڪ ٿيان ڪڇان تان ڪافر. دنيا جا ترقي يافته ملڪ تحقيق ۽ تعليم ذريعي ئي جنگيون پيا لڙن پر اسان جي روايتي جاگيرداري ۽ وڏيرائپ واريون حڪومتون وري به پاڻ ڏي گوڏا سوري ڪمائڻ جي چڪر ۾ آهن. هاڻ ته اسان وٽ سنڌ ۾ ڪا اپوزيشن به ناهي جيڪا ڪو آواز اٿاري. ڇو ته هڪڙا وفاق جي ونگار پيا وهن ته ٻيا صوبي جي ڀيل پيا ڪن. الائي ڇو اهڙين حالتن ۾ تعليم جي سڌاري جي اميد به ختم پئي ٿئي.
January 24, 2014
January 15, 2014
سپنن جو انت : شاعريء جهڙيون ڪهاڻيون
رضوان گل جي ڪتاب تي تبصرو
سپنن جو انت : شاعريء جهڙيون
ڪهاڻيون
محمد سليمان وساڻ
مون وٽ سندس سڃاڻ ته هڪ شاعر جي ئي هئي پر سندس مضمون، ڪالم
۽ خاڪا پڙهي حيرت ٿيندي هئي ته نثر به ڪيڏي نه سليقي سان ٿو لکي. پر پوء نيٽ تي ۽
مختلف رسالن ۾ سندس ڪهاڻيون به پڙهڻ لاء مليون. رضوان گُل اسان جي ٽهيء جو اهو
اديب آهي جنهن شاعري، ڪهاڻي سميت مضمون ۽ مقالا لکي پنهنجو پاڻ مڃايو آهي. سندس
تعلق ته هڪ ادبي گهراڻي سان آهي ئي پر هي فن ۽ هي ٽيلنٽ سندس ئي آهي جو پاڻ نوجوان
ٽهي ۾ گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو. سندس شاعري، مضمون، لغت جي ڪتابن کانپوء سندس ڪهاڻين
جو ڪتاب سپنن جو انت مونکي الائي ڇو سپنن جي شروعات وانگر لڳو. ڪهاڻي جيڪا ادب جو
هڪ نه کٽندڙ سلسلو آهي ان کي پيش ڪرڻ جا هر ليکڪ وٽ پنهنجا انداز هوندا آهن. اسان
وٽ ڪهاڻيڪار ته اڻ ڳڻيا آهن پر انهن مان عوامي مقبوليت تمام گهٽ ڪهاڻيڪارن کي ملي
آهي يا اهڙي چند نالا ئي آهن جيڪي اسان کي ياد رهن ٿا. رضوان به مونکي لڳي ٿو ته
ڪهاڻي صف جي انهن ليکڪن مان هڪ هوندو جيڪو سڀني کي ياد رهندو. هو پنهنجي ڪتاب لاء
لکي ٿو ته هي ڪهاڻيون من جي شانتيء خاطر لکيل آهن پر يقين ڄاڻو ته رضوان هڪ انقلابي
ماڻهو آهي، جنهن ادبي ۽ تعليمي ميدان ۾ گهڻن کي همٿايو آهي ۽ گهڻن کي صحيح رستي تي
آندو آهي. مان به انهن مان هڪ آهيان جنهن کي هن ادب دوستي طرف آندو.

سندس ڪهاڻي بت بڻجي ويل شخص سوشل ميڊيا جي اصلي تصوير پيش
ڪري ٿي، جتي ڪو بيوقوف بڻجي ٿو، ڪو احساس تي وار ڪري ٿو ته وري ڪو پاڻ کي مصروف
رکڻ لاء ٻئي کي الجهايو ويٺو آهي. سندس ڪهاڻي ڇولين جو ماتم پڙهندي مونکي اڄوڪي
دور جا مطلب پرست انسان ياد اچي ويا جيڪي لالچ جي انڌ ۾ اچي ڪنهن جي به اعتماد کي
سولائيء سان ٺيس پهچائي سگهن ٿا. سندس ڪهاڻي سپنن جو انت ڪراچي جي موجوده حالتن جي
صحيح عڪاسي ڪري ٿي، جتي روزانو ڪيترن ئي نوجوانن جي سپنن جو انت سندن زندگيء جي
انت سان گڏ دفن ٿي وڃي ٿو. سندس ڪهاڻي پروفيسر اهڙي مطلب پرست ڀاء جي آهي جيڪو
پنهنجي خوشين ۽ مجبورين عيوض رشتن جي تقدس کي به وساري ويهي ٿو. سندس ڪهاڻي منهنجو
ارسلان پڙهندي لڳو ته ڄڻ مان ڪجهه وڃائي رهيو آهيان ۽ ڪهاڻي جي ڪردار ۾ گم ٿي ويس.
سچ ته اهو آهي ته رضوان جي ڪهاڻين جو هن ڪتاب اسان جي
معاشري جي هر ڪردار کي سمايئي ڇڏيو آهي، جيڪو ٻوڏ کان غريبي، اميري ۽ فقيري سان گڏ
استاد، ڪلرڪ، ڊرائيور، عشق، ڪوڙ، ٺڳي ۽ سچائيء ۽ عورت جري مختلف روپن جي داستانن
تي مشتمل آهي. سندس ڪهاڻين جو هي ڪتاب رشتنن جي مختلف روپن کي اهڙي ته انداز ۾
ڏيکاري ٿو جو لڳي ٿو ته هي منهنجي ئي حياتيء جا لکيل مختلف داستان آهن.
مونکي پڪ آهي ته رضوان گل ادب جي آبياري ۾ اڳ کان به اڳرو
رهندو ۽ سندس قلم بنا ڪنهن بريڪ جي لکندو رهندو ۽ اسان جي رهنمائي ڪندي معاشري کي
سنوارڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو رهندو. هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو
آهي جيڪو 144 صفحن تي مشتمل آهي، جڏهن ته ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي.
ڪراچي ۾ ملهايل انور پيرزادي جي ستين ورسي تقريب جو احوال

محمد سليمان وساڻ
ناليواري ليکڪ، صحافي، محقق، شاعر ۽ لطيف شناس انور پيرزادي جي ستين ورسي انور پيرزادو اڪيڊمي پاران آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي سياستدان ۽ ڏاهي رسول بخش پليجي، امداد حسيني، مهتاب اڪبر راشدي، ادل سومري، مظهر عباس، بيدل مسرور، جاويد قاضي، لطف پيرزادي، زرار پيرزادي ۽ امر پيرزادي جن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ انور پيرزادي جيعلمي، ادبي، تحقيقي ۽ سماجي سرگرمين تي روشني وڌي. هنن چيو ته انور پيرزادو ترقي پسند ۽ سنڌ ۽ لطيف سرڪار سان عشق ڪندڙ شخص هيو، جنهن قلم ذريعي جنگ جوٽي سنڌ ڌرتي کي ظلم مان نجات ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪئي.

ادل سومري چيو ته انور جو سنڌي ادب ۾ اهم ڪردار رهيو آهي ۽ هن شاهه لطيف جي شاعريء تي روايتن کان هٽي ڪم ڪيو. هن چيو ته انور جو پورهيو ۽ سنڌ لاءِ ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي، انور هن ميدان ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي متعارف ڪيو ۽ انهن جي رهبري ڪئي. ان موقعي تي جاويد قاضي چيو ته انور سنڌ ۽ سنڌي ادب ۾ وڏو نالو آهي ۽ نوجوانن کي سياسي، سماجي ۽ ادبي شعور ڏيڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته انور پيرزادي کي لطيف تي مهارت حاصل هئي ۽ سڄي سڄي رات لطيف جي فقيرن جو راڳ ٻڌندو هو. امداد حسيني پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته انور ۾ چاهه هيو، جستجو هئي ۽ سچائي هئي. اهوئي سبب هيو جو هو مسلسل لکندو رهيو. هن چيو ته انور پيرزادو ڇا هيو اهو وڏو سوال آهي، ڇو ته هن جي شخصيت گهڻ رخي هئي. هن چيو ته اڄڪلهه ورسيون ملهائڻ صرف اولاد جو فرض وڃي بڇيو آهي جيڪا ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، ادارا ۽ سنڌي ادبي سنگت ان سلسلي ۾ ڇو خاموش آهي؟ بيدل مسرور چيو ته انور جهڙا ماڻهو ئي معاشري کي سلجهائيندا آهن. هن چيو ته انور پيرزادي جي ڪري ئي ٻلهڙيجي مان ادب، علم ۽ صحافت جي وڏي کيپ پيدا ٿي آهي. بيدل مسرور وڌيڪ چيو ته انور صرف ليکڪ نه هو پر هو تحقيق ڪري، ڪشالا ڪري ڄاڻ حاصل ڪندو هو ۽ پوء ئي لکندو هو. تقريب ۾ بيدل مسرور شيخ اياز جو انقلابي گيت سچ وڏو ڏوهاري آهي ڳائي ماڻهن ۾ جذبو پيدا ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي انور پيرزادو اڪيڊمي جي سرواڻ ۽ انور پيرزادي جي پٽ زرار پيرزادي آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ انور پيرزادو اڪيڊمي جي ڪمن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته جي ايم سيد، رسول بخش پليجي ۽ انور پيرزادي جهڙن ماڻهن ئي لطيف جو فڪر پڙن مان ميدان تي آندو. ان موقعي تي لطف پيرزادي شاهه لطيف جا بيت ۽ انور جون يادون ٻڌايون، جڏهن ته سندس فرزند امر پيرزادي پنهنجي پيء بابت مقالي ذريعي ساروڻيون بيان ڪيون. اسٽيج سيڪريٽري جا فرض زيد پيرزادي ادا ڪيا. هن تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ صحافين، اديبن ۽ ساڃاهه وندن شرڪت ڪري انور پيرزادي کي ڀيٽا پيش ڪئي.
تبصرن جا اطلاع حاصل ڪرڻ لاءِ:
هتي ڪلڪ ڪريو