محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جو آواز
محمد سليمان وساڻ
ابراهيم جويي ڪمزوري سبب ڊائيس بجاء ڪرسي تي ويٺي ئي ماڻهن
جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته مان پنهنجي باري ۾ ڳالهائي ميان مٺو ٿيڻ نه ٿو چاهيان. هتي جن
به ڳالهايو مان انهن سڀني جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته اوهان جو پيار ڏسي ماضي ۾
مليل تڪليفون وسري ويون آهن. صدارتي تقرير ۾ ڊاڪٽر پيرزاده قاسم چيو ته بدقسمتي
سان اسان جو معاشرو ڪتاب ۽ علم دشمن رهيو آهي پر پوء به جويي صاحب جهڙن ماڻهن پاڻ
پتوڙيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن جويي صاحب کي علم دوست معاشرو ملي ها ته جيڪر سنڌ هن
وقت ترقي جي معراج ماڻي ها. سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي مظهر الحق صديقي چيو ته اسان ڪنهن نه ڪنهن طرح جويي صاحب کان
سکندا رهيا آهيون ۽ اسان سڀ سندس مداح به آهيون. ڪتاب جي ليکڪ سيد مظهر جميل چيو
ته مان اها ڳالهه فخريه ڪيان ٿو ته منهنجي هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري گهڻي وڌي آهي
جو ان جو موضوع محمد ابراهيم جويو صاحب آهي. هن چيو ته بنا ڪنهن شڪ جي محمد
ابراهيم جويو سنڌ سميت پاڪستان جي ترقي پسند ليکڪن ۽ اديبن جو سرواڻ آهي. ان موقعي
تي ناليواري صحافي نذير لغاري چيو ته مون سميت گذريل 80 سالن ۾ سڀني ليکڪن ۽
دانشورن جو جويو صاحب استاد ٿئي. هن چيو ته جڏهن اسان هن خطي جي ادب جي ڳالهه
ڪنداسين ته سنڌي ۽ بنگالي ٻولين جو ادب معياري ۽ سماج کي اڏيندڙ رهيو آهي. ان جو
سبب جويي صاحب جهڙا ماڻهو ئي آهن.
ان موقعي تي سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده
حسين چيو ته سنڌ کي جويي صاحب تي ناز آهي ڇو ته هو سوشلسٽ ۽ قومپرست نظرين جو حامي
رهيو آهي. ڊاڪٽر سحر امداد چيو ته جيڪڏهن جويي صاحب جهڙو فقير منش ۽ درويش طبيعت
ماڻهو پاڙيسري ملڪ ۾ پيدا ٿئي ها ته يقينن هن کي ساڌو يا سنت جو درجو ڏئي پوڄيو
وڃي ها. پروفيسر ڊاڪٽر جعفر احمد چيو ته اسان جڏهن به سنڌي ادب تي نطر وجهون ٿا ته
ان جي هر تاريخ ابراهيم جويي جي ادبي ۽ علمي خدمتن جواعتراف ڪري ٿي. جويي صاحب جي
زندگي سنڌ سان چاهت ۽ نه کٽندڙ جدوجهد جو نالو آهي. مسلم شميم چيو ته جويو صاحب جي
ڪم کي ڪنهن جي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي، سندس ڪم، خدمتن ۽ ڪارنامن سبب هو امر آهي ۽
امر رهندو. ان موقعي تي سنڌي جي ناليواري نقاد ۽ ليکڪ ممتاز مهر چيو ته ابراهيم
جويو سنڌ جو والٽيئر ۽ انقلاب جو دائي آهي. اسٽيج سيڪريٽري ا فرض پروفيسر سليم
ميمڻ ادا ڪيا جڏهن ته ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل ڪناسري آيل ماڻهن جا ٿورا مڃيا.
ان موقعي تي ڪتاب “محمد ابراهيم جويو ايڪ صدي ڪِي
آواز” جي مهورت به ڪئي وئي.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو