June 06, 2013

سونهن ۽ سچ جو شاعر هدايت بلوچ

جنم ڏينهن جي مناسبت سان
سونهن ۽ سچ جو شاعر هدايت بلوچ
محمد سليمان وساڻ

هن سان منهنجي پهرين ملاقات چوڪنڊي قبرستان ۾ تاجل بيوس جي پهرين ورسيء جي موقعي تي ٿي هئي. سندس شاعري، ڪالم پڙهيا هئا ۽ نالو به ٻڌل هئو. خاموش ، ماٺيڻو، قداور ، کلمک، دل جو صاف ۽ سهڻي سڀاء وارو اهو شخص هيو هدايت بلوچ. ساڳي شام ريجنت پلازا ۾ تاجل بيوس جي ورسيء جي مناسبت سان رکيل تقريب ۾ هن پنهنجا تاثر پيش ڪيا ۽ پوء فيسبوڪ ذريعي جڏهن کيس تقريب جون تصويرون موڪليم ته خوش ٿيا ۽ اتان دوستيء جي شروعات ٿي. اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن سدائين، پيار ، مرڪون، پنهنجائپ ڏيڻ سان گڏ سدائين رهنمائي ڪندا رهيا آهن.

نامياري شاعر ، افسانه نگار ۽ صحافي هدايت بلوچ جو جنم 6 جون 1948 ع تي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو غلام نبي اداسي بلوچ آهي جيڪو به سنڌي ادب ۽ شاعري جو وڏو نالو رهيو آهي. پاڪستان جو ناليوارو براڊڪاسٽر ۽ شاعر عنايت بلوچ سندس وڏو ڀاءُ آهي. هدايت بلوچ جي تعليم ايم.اي پوليٽيڪل سائنس ۽ ايل ايل بي آهي. 1972 کان 1987 تائين ڪراچي شپ يارڊ ۾ مختلف انتظامي عهدن تي ڪم ڪيائين. 1987 کان 2008 تائين پي آئي اي ۾ مختلف عهدن تي خدمتون سر انجام ڏنائين. 1994 کان 1998 تائين سندس مقرري مئنيجر ڪارگو طور سنگاپور ۾ رهي 2005 کان 2008 تائين بنگلاديش ۾ پي آئي اي جو ڪنٽري مئنيجر رهيو. ٻاهرين ملڪن ۾ رهندي هو سنڌين سان ملاقاتون ڪندو رهيو ۽ لکڻ جو ڪم به جاري رکيائين.

ادبي حوالي سان سندس سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي. روزاني عوامي آواز ۾ سندس هفتيوار ڪالم ۽ ڪافي عرصي کان چئوسٽا به ڇپبا رهيا آهن. ان کانسواء روزاني هلال پاڪستان ، روزاني جاڳو ۽ روزاني خبرون ۾ به سندس چئوسٽا ڇپبا رهيا آهن. هن وقت پاڻ روزانه مومل جا ايڊيٽر آهن. سندس غزل گهڻو مشهور آهن.

فائدن حاصل ڪرڻ وارن جي ناهيون لسٽ ۾
پر قسم سان ٿا چئون، بي فائدا ناهيون اسين

پيار کان انڪار آهي ڪفر، ڪافر ڪير ٿئي
پر هدايت حاڪمن جي ها ۾ ها ناهيون اسين

هدايت بلوچ سنڌي ادبي بورڊ جا ٽن سالن لاء ميمبر به رهيا ۽ سدائين ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندا رهيا آهن. هن وقت پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۽ ڍاڪا ڪلب آف بنگلاديش جو ميمبر آهي. پاڻ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جا لائيف ميمبر ۽ سنڌي ادبي سنگت جا سرگرم رڪن آهن. ٻه دفعا سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي گڏجاڻين ۾ امريڪا ۾ به شرڪت ڪئي اٿس.

هدايت بلوچ جي هڪ ٻي خوبي آهي سوشل ميڊيا خاص ڪري انٽرنيٽ تي سنڌي ماڻهن، سنڌي شاعرن ۽ ليکڪن جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي ڪرڻ. پاڻ سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جا چيئرمين ۽ روح روان آهن. سڄي سنڌ خاص ڪري ڪراچي ۾ ٿيندڙ ادبي سرگرمين ۾ باقائدگي سان حصو وٺندا رهن ٿا. هدايت لطيف جو پارکو آهي ۽ هو لطيف جي پيغام کي سمجهڻ سان گڏ دوستن کي سمجهائيندو رهندو آهي. ساڻس گڏ مختلف تقريبن ۾ شامل رهندي اها ڳالهه اڪثر محسوس ڪئي اٿم ته جڏهن به اسٽيج تان لطيف سائين جا بيت صحيح تلفظ سان پيش ناهن ٿيندا ته سندن چهري جي ڪيفيت تبديل ٿيندي آهي ۽ پاڻ افسرده ٿي ويندا آهن ته اسان اڃان تائين لطيف کي نه پڙهيو آهي نه سمجهيو آهي. سندس شاعري به سنڌ، سونهن، سچ ۽ پيار جي گرد گهمندي محسوس ٿيندي آهي.

اسان جو حال پڇي ڏس ڀلي ستارن کان،
توهان جي ياد ۾ شبِ روز ڇا چوان گذريا؛
ستِم ته پنهنجي جَڳهَه نيٺ يَرَ! سِتم آهن،
اسان تي تنهنجا ڪَرم ڀي مِٺا گِران گذريا!

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو