سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ۽ ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي پاران منعقد ڪيل سنڌ ايڪسيلنس ايوارڊ 2013 جي ڪراچي ۾ ٿيل رنگا رنگ
تقريب جو اکين ڏٺو احوال
رپورٽ : محمد سليمان وساڻ
قوم جي سڃاڻپ سندس ثقافت، ٻولي، تهذيب، تمدن ۽ رهڻي ڪهڻيء مان ٿيندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن قوم جي پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي مضبوط ناهي ته اها قوم پنهنجي سڃاڻپ وڃائيندي رهندي آهي. سنڌي قوم دنيا جي خوشقسمت قومن مان هڪ آهي جنهن کي پنهنجي ٻولي، تهذيب ۽ ثقافت آهي. سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ٻولي ۽ ثقافت جي سفير فنڪارن جي سهائتا ۽ مڃتا لاء گهڻي وقت کان ڪوشان آهي. گذريل سال وانگر هن سال به سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ سنڌ جي ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي جي گڏيل سهڪار سان سنڌي فن سان لاڳاپيل سنڌ ڌرتيء جي شخصيتن سان گڏ قومي ميڊيا ۽ فن سان واڳيل شخصيتن کي مڃتا ۽ ڀيٽا طور سنڌ ايڪسيلنس ايوارڊ 2013 ڏيڻ واري تقريب ڪراچي ۾ نيشنل ميوزم جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪئي. هن تقريب ۾ سنڌي ۽ اردو ميڊيا ۽ فن سان تعلق رکندڙ ڪيترين ئي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي جن کي ايڪسيلنس ايوارڊ ۽ ميڊل ڏنا ويا. تقريب جي خاص مهمانن ۾ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر سيد ناصر شاهه ، جڏهن ته ٻين خاص مهمانن ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جو چيئرمين حميد ڀٽو، نظر محمد ڳاهو، ثقافت کاتي جو اڳوڻو سيڪريٽري شمس جعفراڻي، اڳوڻو وزير ڊاڪٽر شفقت عباسي، ڊپٽي ڊائريڪٽر ثقافت کاتو سنڌ اعجاز شيخ، ايس ايس پي عاشق بوزدار، تاج جويو، مختيار ساريو، شهاب منگي، ايس ايس پي روگن ۽ ٻيا شامل هئا. هي تقريب ان ڪري به منفرد هئي جو سنڌ جي سمورن چينلز سان واسطو رکندڙ اداڪار، راڳي، ميزبان ۽ ڊائريڪٽرز هڪ ئي هال ۾ موجود هيا.
هن تقريب ۾ محفل موسيقي جو به بندوبست هيو جنهن ۾ لنڊن کان آيل ساره جان پيٽر، مظهر حسين، واحد لاشاري، سجاد يوسف، بادل راهي ۽ نروده پنهنجي ڪلاسيڪل ۽ لائيٽ ميوزڪ ذريعي ماڻهن کي جهومايو. ان موقعي تي ٽرسٽ جي سيڪريتري جنرل رشيد چارڻ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا جڏهن ته چيئرمين حميد ڀٽي چيو ته سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ هميشه ثقافت ۽ فن کي هٿي وٺرائي آهي ۽ ڪوشش ڪئي آهي ته فنڪارن جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي. هن چيو ته هن تقريب ۾ اسان ڪوشش ڪئي آهي ته قومي ميڊيا کي پنهنجي ڌارا ۾ آڻيون جيئن سنڌي ثقافت ۽ فنڪارن کي اڳتي اچڻ جا موقعا ملي سگهن. هن سنڌ فنڪار ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي قيام جي ڪوششن بابت به آگاهه ڪيو. ان موقعي تي قومي ميڊيا ۽ فن سان واڳيل شخصيتن کي به اسپيشل ايوارڊ ڏنا ويا. فلم اسٽار سعود چيو ته هي ايوارڊ وٺي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته اسان جون گهڻيون فني سرگرميون ڪراچي ۾ ٿي رهيون آهن ۽ ڪراچي سنڌ جو حصو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ ٻيهر ٿيٽر ۽ فلم انڊسٽري ترقي ڪري رهي آهي جنهن سان سڀني لاء روزگار جا موقعا نڪرندا. نامياري اداڪاره سڪينه سمون پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ فنڪار جي هن سرگرمي تي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ فنڪار قومي ميڊيا ۽ سنڌي فنڪارن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻي نئون ٽرينڊ متعارف ڪيو آهي. ان موقعي تي گلوڪار ظفر رامي ۽ اداڪار ماني پڻ پنهنجا ويچار ونڊيا. ان موقعي تي قومي ميڊيا ۽ فنڪارن کي پڻ اسپيشل ايوارڊ ڏنا ويا جن ۾ فلم اسٽا سعود، گلوڪاره ساره جان پيٽر، آج ٽي وي جي مارننگ شو هوسٽ نصرت حارث، لاريب ٿيٻا، عمران زيدي، ميزبان سلمان ثاقب (ماني)، ماڊل ۽ هوسٽ نيلم منير، ليکڪ ۽ اداڪار محسن گيلاني، ڪاميڊين ۽ اداڪار شهزاد رضا، اداڪار اڪبر سبحاني با يونس، گلوڪار احمد جهانزيب، ڪرمنل موسٽ وانٽيڊ جو ميزبان علي رضا، اداڪار اسلم شيخ، ڊائريڪٽر علي اڪبر پٺاڻ، پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر طاهر جتوئي، موسيقار استاد اظهر حسين، هوسٽ ياسمين مرزا، گلوڪار ظفر رامي ۽ شاداب اسٽوڊيو جي اشفاق احمد کي اسپيشل ايوارڊ ڏنا ويا.

تقريب ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي ويبسائيٽ جي مهورت پڻ ٿي. سنڌ فنڪار جي تخليقي ڪميٽي جي چيئرمين محمد سليمان وساڻ ويبسائيٽ بابت پريزنٽيشن پيش ڪئي ۽ ويب سائيٽ جا تفصيل ونڊيا. ان موقعي تي سنڌ فنڪار ويفيئر ٽرسٽ لاء ڪم ڪندڙ مختلف عهديدارن کي ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا. پروگرام جي ڪمپيئرنگ رشيد چارڻ، حميد ڀٽو، سهراب سومرو، علي گل ملاح، سيد فدا حسين شاهه، ثاقب ابڙو، سيم خان ۽ فصيحا خان ڪري رهيا هيا.
آخر ۾ مهمان خاص سيد ناصر شاهه چيو ته ثقافت لاء سنڌ فنڪار جون خدمتون قابل تعريف آهن. هن واعدو ڪيو ته هو فنڪارن جي سهوليتن ۽ سهائتا لاء هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهندو. جڏهن ته مهمانن کي سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ ۽ ٽوپين جا تحفا سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي مختلف عهديدارن پاران پيش ڪيا وي. اهڙي طرح رات دير تائين هلندڙ هيءَ تقريب سنهري يادون ڇڏي نين اميدن سان گڏ اختمام پذير ٿي.
تصويرن لاء هيٺين لنڪ جو ڀيرو ڀريو.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو