April 30, 2013

گُل حسن ڪلمتي جي ڪتاب ”ڪراچيءَ جا لافاني ڪردار“ جي مهورتي تقريب



گُل حسن ڪلمتي جي ڪتاب ”ڪراچيءَ جا لافاني ڪردار“ جي مهورتي تقريب
رپورٽ : محمد سليمان وساڻ
 
ڪراچي جيڪا هاڻي روشنين جي شهر بجاء رت جي راند جي شهر سان سڃاتي وڃي ٿي ان ئي ڪراچيءَ جي عظيم ۽ لافاني ڪردارن تي مشتمل ناليواري محقق ۽ مورخ گل حسن ڪلمتي جي ڪتاب ڪراچيءَ جا لافاني ڪردار“ جي مهورتي تقريب  آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ ٿي گذري. هي تاريخي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچي پاران شايع ڪرايو ويو آهي. هن پروگرام جي صدارت ڪامريڊ روچي رام ڪئي جڏهن ته خاص مهمانن ۾ ڪامريڊ عثمان بلوچ ، ناليوارو ليکڪ ۽ آرڪيالوجسٽ اشتياق انصاري ، پروفيسر سحر امداد ، پروفيسر اعجاز قريشي ، ڊاڪٽر ايوب شيخ شامل هئا.
ناليواري ڪالم نگار ۽ آرٽس ڪائونسل جي لوڪ ورثو ڪاميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر ايوب شيخ پنهنجي آجياڻي خطاب ۾ چيو ته گل حسن ڪلمتي پنهنجي روين ۾ وڏو سادگي وارو ۽ رواجي ماڻهو آهي پر تحقيق، تخليق ۽ تخيل ۾ هو هڪ وڏو ماڻهو آهي، جنهن ڪراچي سنڌ جي ماروي لکي پنهنجو نالو سنڌ جي چوٽي جي ليکڪن ۽ تاريخدانن ۾ لکايو آهي. هن ڪتاب ۾ لڳ ڀڳ 25 ڪردار پنهنجي پاڻ ۾ ادارن جي حيثيت ۾ موجود آهن، اهي ڪردار اڻوسرندڙ آهن ۽ اهي ادارن جا خالق آهن. هن قادو مڪراني جهڙي گمنام ڪردارن کي اسان اڳيان آڻي وڏو ڪم ڪيو آهي. پروفيسر سحر امداد چيو ته اسانجي تاريخ جو سفر تمام ڏکوئيندڙ آهي هن ڪتاب ۾ ڪراچي جي 25 حقيقي هيرن جهڙن ڪردارن بابت تمام محنت سان معلومات جمع ڪري ڪراچي جي تاريخ کي ميسارجڻ کان بچايو آهي. هن چيو ته گل حسن ڪلمتي جي پنهنجي ماتر ڀومي ڪراچي سان عشق لاء ڪنهن به دليل ۽ حوالي جي ضرورت ناهي، ڇو ته سندس تحريرن ۽ سوچن جو محور ئي ڪراچي آهي. نامياري آرڪيالوجسٽ ۽ ليکڪ اشتياق انصاري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اهو تاريخي الميو آهي ته اسانجي سموري تاريخ ڌارين جي لکيل يا وري رنگين داستانن سان ڀريل آهي، اها تاريخ درٻاري ۽ مذهبي شيدائين جي مذهب جي پويترتا ۾ ويڙهيل ۽ نجومين جي ڳالهين سان ڀريل ڪٿائن کان علاوه ڪجهه به ناهي. اسان اڃان به پنهنجي تاريخ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهيون.  اهڙي تاريخ لکيل آهي جنهن جو حقيقت سان ڪو به واسطو ناهي، ٻيو الميو اهو آهي ته اسانجي ادارن، ليکڪن، دانشورن ، محققن ۽ يونيورسٽين به انهن ڪوڙين تاريخن بابت ڪنهن به قسم جي ڇنڊ ڇاڻ ناهي ڪئي. اڄ به اسان جا قلم مصلحتن جي مورچن ۾ لڪيل آهن. ڪير به اهو سچ ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي ته جڏهن نادر شاهه سنڌ تي حملو ڪيو ته ميان نور محمد ڪلهوڙو ڀڳوڙو ٿي لاڙڪاڻي مان ٿر ۾ وڃي ڇو لڪيو ۽ نادر شاهه کي ٻه ڪروڙ ڏنڊ ۽ ويهه لک ساليانو خراج ڏيئي پنهنجي جان بچائي. جيڪڏهن اهي ئي پئسا پنهنجي ماڻهن ۽ سنڌ جي بچاءُ لاءِ استعمال ڪري ها ته اڄ اسان اهڙا ڏينهن نه ڏسون ها. هن چيو ته اسانجي دور ۾ بدر ابڙو ۽ گل حسن ڪلمتي اهڙا ماڻهو آهن جن اسان جي تاريخ کي نئين انداز سان لکڻ شروع ڪيو آهي.  هن چيو ته گل حسن ڪلمتي هي ڪردار ۽ انهن تي ڪتاب لکي، تاريخ کي محفوظ ڪرڻ سان گڏ ڪراچي کي واپس ورايو آهي.
 پورهيت اڳواڻ عثمان بلوچ چيو ته گڏاپ ۽ لياري جي عام ماڻهن سنڌ جي تاريخ کي ورجائن شروع ڪيو آهي اها اسان لاء اتساهه واري خبر آهي. لکڻ وارو طبقاتي طور تي اسان مان ئي آهي هن وڌيڪ چيو ته ڌاريا جڏهن به ايندا آهن ته مقامي ماڻهن جي ماضي، انهن جي تاريخ، انهن جي ماڳن ۽ مڪانن کي بدلائيندا آهن. گل حسن ڪلمتي محقق ۽ وسيع سوچ رکندڙ عام ماڻهو آهي جنهن اسان جي ماضي ۽ تاريخ کي بچائڻ لاءِ جنگ جوٽي آهي، هو کاهوڙي ماڻهو آهي جنهن جي ڪم سڀني کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو آهي. گل حسن ڪلمتي ڪراچي جي تاريخ جي سڀني ڪردارن، جيڪي مختلف مذهبن سان واسطو رکن ٿا، سڀني کي هيرو ڪري پيش ڪيو آهي، جن ڪراچي ۽ سنڌ لاء جاکوڙ ڪئي. پنهنجي صدارتي تقرير ۾ ڪامريڊ  روچي رام پنهنجي جواني جي دور جي ڪراچي جا قصا ٻڌايا ۽ چيو ته ڪراچي کي ماروي جيان قيد ڪيو ويو آهي پر گل حسن ڪلمتي ان ڪراچي جي تاريخ ورجائي ان کي آزاد ڪرايو آهي. هن چيو ته ڪراچي سنڌ جي گادي جو هنڌ آهي، تنهنڪري ڪراچي اسان جي ئي رهندي نه اسان کان ڪراچي ويندي ۽ نه ئي سنڌ ويندي. گل حسن ڪلمتي سڀني دوستن جا ٿورا مڃيا جن کيس هن ڪتاب تي همٿايو. هن چيو ته ڪراچي جي انهن تاريخي ڪردارن تي لکڻ لاء کيس ڪوبه ڪتاب رفرنس طور ڪونه مليو. هن چيو ته سواء سائين جي ايم سيد جي جنم گذاريم جن سين ۽ علي محمد راشدي جي اهي ڏينهن اهي شينهن کانسواء ٻي ڪابه تاريخ موجود ڪانه هئي. هن چيو ته کيس ان لاء ميونسپل جو پراڻو رڪارڊ، پراڻيون اخبارون ۽ ذڪر ڪيل شخصيتن جي وارثن سان رابطو ڪرڻو پيو. هن چيو ته هي ڪتابي سلسلو پنجن جلدن تي مشتمل آهي ۽ 100 کان وڌيڪ شخصيتون شامل آهن. هن چيو ته هو ان  کانسواء ڪراچي جي تاريخي عمارتن، محلن ڍنڍن ۽ ڍورن تي به ڪتاب ترتيب ڏئي رهيو آهي. ان موقعي تي رخمان گل پالاري، پروفيسر اعجاز قريشي ۽ ڊاڪٽر اسحاق انصاري به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. پروگرام دوران ڪتاب جي مهورت به ڪئي وئي ۽ ان موقعي تيِ گل حسن ڪلمتي کي انيس انصاري اڪيڊمي پاران ڊاڪٽر اسحاق انصاري ۽ اشتياق انصاري سندس تاريخي ڪم تي لائف ٽائم اچيومينٽ ايوارڊ پڻ ڏنو. هن تقريب ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرض حنيف ٻگهيو ادا ڪيا جڏهن ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ مان ڪيترن ئي اديبن، شاعرن ۽ ادب دوست ساڃاهه وندن شرڪت ڪئي.

وڌيڪ تصويرون سنڌ سلامت جي هن لنڪ تي ڏسي سگهجن ٿيون.

April 21, 2013

ماسٽر منظور جي ياد


ماسٽر منظور جي ياد

محمد سليمان وساڻ


مونکي ياد آهي ته گلستان جوهر جي حرمين ٽاور ۾ هيٺ دوست جو انتظار ڪري رهيو هوس ته سامهون ڪڙاهي ٿيل ڪڙتي ۾ هڪ شخص معصوم مرڪ سان نظر آيو، تيستائين منهنجو دوست به هيٺ اچي چڪو هو. مان ٿورو ذهن تي زور ڏنو ته ياد آيو ته هي ته ماسٽر منظور آهي ۽ پوء مان سندس ئي ڳايل ڪلام هر جاء پرين هر محفل ۾ مونکي تنهنجي ڪمي محسوس ٿي ڳائيندو ساڻس مليس ۽ هو اسان کان اڻ واقف هوندي به ڀاڪر پائي مليو. هر جاء پرين هر محفل ۾ مونکي تنهنجي ڪمي محسوس ٿي ٿئي، تنهنجون يادون سنڀالي رکيم دل ۾ پر تنهنجي ڪمي محسوس ٿي ٿئي سميت منهنجو ويڙهو ويران ڪري ويندڙ گيت سميت سوين گيت ڳائيندڙ ماسٽر منظور جو ڏکائيندڙ موت اهڙي ريت ٿيندو ان تي هينئر تائين يقين ئي ڪونه پيو اچي. منهنجو ويڙهو ويران ڪري ڳايل گيت کانپوء کيس ملڪي سطح جي پذيرائي ملي ۽ سوين گيت ۽ آڊيو ڪيسٽون ڪامياب ٿينديون رهيو.

سنڌ جو ناليوارو فنڪار ماسٽر منظور 22 اپريل 2012 واري رات قاسم آباد ۾ پنهنجي ئي گهر ۾ لوندڙي ۾ لڳل گولي سبب گذاري ويو. سندس وفات تي ڪيترائي سوال اٿيا ته هن کي قتل ڪيو ويو آهي يا هن خودڪشي ڪئي آهي. سندس ويجهن حلقن سندس قتل ۽ پوليس خودڪشي وارو موقف اختيار ڪندي سندس وفات تي ڪيترا مونجهارا آڻي ڇڏيا. سڀني سان پيار ڪندڙ ماستر منظور خودڪشي ڪرڻ جهڙو ڪونه هو، هو ته مک جي موت کان به ڊڄندو هو سو ڪيئن ٿو گولي هلائي پاڻ کي قتل ڪري سگهي. سندس اهڙي پر اسرار موت تي ان وقت جي داخلا جي وزير منظور وساڻ تحقيقات جو حڪم به ڏنو پر سندس وزارت ڇڏڻ کانپوء اها تحقيقات ٿي يا نه؟ اها ڳالهه راز ئي رهجي وئي.

قدر حسين جيڪو اڳتي هلي ماسٽر منظو جي نالي سان مشهور ٿيو، 8 جولاءِ 1974ع تي قمبر ۾ مکڻي فقير جي گهر ۾ جنم ورتو. هن پنهنجي شروعاتي تعليم ڳوٺ نئون ٺارو وڌو تعلقي ميرو خان مان حاصل ڪئي ڇو ته سندس ولادت بعد سندس وڏڙا نئين ٺارو وڌو ڳوٺ لڏي ويا هئا. ماسٽر منظور کي سنگيت ورثي ۾ ملي ڇو ته هن ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي والد کي ڳائيندي وڄائيندي ڏسي پاڻ به ڳائڻ جي شوق ڏانهن وڌيو. هن راڳ جي سکيا شروعات ۾ پنهنجي پيءُ مکڻي فقير کان ورتي ۽ 8 سالن جي ڄمار ۾ هن ڳائڻ جي باقائدي شروعات ڪئي ۽ 1992ع ڌاري سندس پهرين آڊيو ڪيسٽ رڪارڊ ٿي، جنهن ۾  آڊيو ڪمپني وارن کيس ماسٽر جو لقب عطا ڪيو، جيڪو اڄ تائين ساڻس لقب نالي ۾ شامل آهي.

ماسٽر منظور پي ٽي وي تي ڪچهري پروگرام ۾ 1995ع ڌاري پهريون دفعو پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ ايئن هن ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شرڪت ڪري پنهنجو نالو ڪمايو. اڳتي هلي هو عوام جو مقبول فنڪار بڻجي ويو ۽  آڊيو البمس جو وڏو نالو بڻجي ويو ۽ سندس 500 کان وڌيڪ ڪلام آڊيو ڪيسٽن ۾ رڪارڊ ٿي چڪو آهي. سال 2003ع ڌاري ماسٽر منظور دنيا جي پهرين سنڌي سيٽلائيٽ چينل ڪي.ٽي.اين تي هر جاءِ پرين هر محفل ۾ ڳايو ته کيس تمام گهڻي عوامي پذيرائي ملي. ماسٽر منظور جون ڏيڍ سئو کان وڌيڪ آڊيو ڪيسيٽون رڪارڊ ٿيون ۽ هن ڪيترائي وڊيو گيت  ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي ۽ ڌرتي ٽي وي لاءِ رڪارڊ ڪرايا آهن. پنهنجي وڌندڙ صروفيتن سبب ماسٽر منظور سال 2000 کان پنهنجي ڳوٺ کي ڇڏي حيدرآباد جي قاسم آباد ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي، هن شادي پنهنجي مائٽن مان ڪئي آهي. جنهن مان سندس اولاد به آهي.

سنڌ جي هن نوجوان ۽ مقبول فنڪار جي ڪمهلي موت کانپوء جڏهن سندس مڙهه وادي حسين قبرستان آندو ويو ته هر اک آلي هئي. اسان حميد ڀٽو ۽ عرفان سمون سان گڏ ڪراچي کان سندس تدفين ۾ شرڪت ڪئي ته اتي موجود فنڪار گهڻو ڏکايل نظر اچي رهيا هئا. اڄ سندس ورسي تي سنڌ کيس سندس ڳايل گيتن سان وري وري ياد ڪري رهي آهي.



April 16, 2013

سنڌ سلامت : جتي سنڌ گڏجي ٿي



سنڌ سلامت : جتي سنڌ گڏجي ٿي

محمد سليمان وساڻ

دنيا جي لاتعداد ٻولين مان سنڌي به هڪ قديم ٻولي آهي، جنهن جو اندازو موهن جي دڙي مان مليل آثارن مان پڻ لڳائي سگهجي ٿو. 1011 هجريء ۾ ٺٽي جي عالم مخدوام ابوالحسن سنڌيء ۾ پنهنجو ڪتاب “مقدمه الصلوات” متعارف ڪرايو جيڪو درسگاهن ۾ نصاب طور پڙهايو ويندو هو.
ننڍي کنڊ تي جڏهن انگريزن قبضو ڪيو ته سنڌي ٻوليء جي قدامت کي ڏسي ان کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ۽ ڪمشنر “سر بارٽل فريئر” 1857 ع ۾ اهڙو پڌرنامو پڻ جاري ڪيو هو ، جنهن ۾ واضح طور ڄاڻايل هو ته سموري دفتري لکپڙهه سنڌي ٻوليء ۾ ٿيندي ۽ جيڪڏهن ڪو شخص عربي يا ڪنهن ٻي ٻوليء ۾ لکپڙهه ڪندو ته ان جو لازمي سنڌي ترجمو پڻ شامل ڪندو ٻي صورت ۾ اها لکپڙهه قابل قبول نه هوندي.
سنڌي ٻوليء ۾ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا چپجندا رهيا ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوء به اهو سلسلو جاري رهيو. ويهين صديء ۾ جڏهن ڪمپيوٽر ايجاد ٿيو ته ان جي مقبوليت سنڌ ۾ وڌي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪمپيوٽر هر گهر ۽ آفيس جي ضرورت بڻجي ويو. ڪمپيوٽر تي پڻ سنڌي ٻولي آڻڻ هڪ چئلينج هيو ۽ ان لاء محترم سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء 1987 ۾ “مئڪنٽاش” ڪمپيوٽر تي شروعات ڪئي ۽ تمام سهڻا ۽ معياري فونٽ پڻ ٺاهيا جنهن سان خانگي ڪتاب ڇاپگاهن ۾ سنڌي ادب کي وڌائڻ لاء ڄڻ ته چٽا ڀيٽي شروع ٿي وئي. “مئڪنٽاش” جي دور کانپوء سنڌي ٻوليء کي آئي بي ايم ڪمپيوٽر تي آندو ويو ان جو سَهرو محترم اياز شاهه کي سونهي ٿو ، جنهن عبدالماجد ڀرڳڙيء جي مئڪنٽاش وارو سمورو پروگرام آئي بي ايم تي منتقل ڪيو ۽ ونڊوز 3.11 ۽ ونڊوز 95 تي سنڌي پروگرام هلڻ لڳو. انهن ونڊوز جي کوٽ ۽ نت نون مونجهارن کي محسوس ڪندي ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته مختلف ريجن جون ٻوليون هجڻ ڪري صرف انگريزيء تائين محدود نه هئڻ گهرجي جنهنڪري مختلف ٻولين ڪمپيوٽر ڪوڊ جي شڪل ۾ آڻڻ لاء کي يونيڪوڊ آرگنائيزيشن جو بنياد وڌو ويو . جڏهن عربيء جو يونيڪوڊ متعارف ٿيو ته هڪ وڏو مسئلو ساڄي کان کاٻي لکڻ حل ٿي ويو ۽ جيئن ته سنڌي الفابيٽ بنيادي طور عربيء سان ملندڙ آهي ان ڪري سنڌيء کي عربيء سان ڳنڍڻ سولو ٿي پيو. محترم عبدالماجد ڀرڳڙيء (جيڪو ان وقت آمريڪا شفٽ ٿيل هو ) هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي زبان کي يونيڪوڊ سان ڳنڍي هڪ انقلابي قدم کنيو. جنهن کي اڳتي هلي msn گروپ تان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي پليٽ فارم تي جاري ڪيو ويو.
اڳتي هلي جڏهن انٽرنيٽ متعارف ڪرايو ويو ته سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء سنڌي ٻوليء کي انٽرنيٽ تائين آسان بڻائي ڇڏيو ۽ بهترين سنڌي ويب سائيٽون ٺهڻ لڳيون. پر ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته بحث مباحثي ۽ معلومات کي هڪ ٻئي سان ونڊڻ جي لاء سنڌي فورم جي شروعات ڪجي ڇو ته ڪوبه سنڌي فورم انٽرنيٽ تي موجود ڪونه هئو. لڳاتار جدوجهد کانپوء اڪبر لاکو صاحب سنڌ فورم جي نالي سان هڪ سنڌي فورم آندو پر اهو ڪو خاص مقام حاصل ڪري نه سگهيو.
اهڙي وقت ۾ سنڌ جي نوجوان ۽ سرگرم دوستن جو هڪ گروپ ڏينهن رات هڪ ڪري پنهنجي هڙان وڙان ڪوششون وٺي لڳاتار جدوجهد سان 15 اپريل 2009 تي سنڌ سلامت جي نالي سان هڪ مڪمل سنڌي فورم شروع ڪيو جنهن سموري سنڌ سان گڏ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌين ۾ بيپناه مقبوليت ماڻي ورتي. هن فورم جو مقصد دنيا ۾ سنڌي ٻوليء کي عام ڪرڻ ۽ انٽرنيٽ تي گهڻي کان گهڻي معلومات سنڌيء ۾ پهچائڻ آهي. سنڌ سلامت هن وقت انٽرنيٽ جي دنيا جو سڀ کان مقبول ۽ سڀ کان وڏو سنڌي فورم آهي، جنهن تائين رسائي بلڪل آسان آهي ۽ پنهنجي سنڌي ٻوليء ۾ هجڻ ڪري ڪنهن به مونجهاري جو سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي. سنڌ سلامت جي مقبوليت جو هڪ اهم سبب اظهار جي آزادي آهي، اوهان پنهنجا احساس سنڌ سلامت ذريعي دنيا جي سڀني سنڌين تائين آسانيء سان پهچائي سگهو ٿا.
سنڌ سلامت تي سنڌي ٻوليء ۾ اڻکٽ موضوع ونڊ ٿيل آهن جن کي مختلف ڪيٽيگريز ۾ ورهايو ويو آهي.اسلامي سيڪشن ، اقوال زرين، تازه ترين خبرون ۽ تبصرا ، سنڌ جا تاريخي ماڳ مڪان ، سنڌ جون وسنديون، سنڌ جون سرتيون ، سنڌي شخصيتون ، سنڌي ادب ، مقالا ، ڪهاڻيون ، سنڌي شاعري ، ڊزائن ڪيل سنڌي شاعري، مزاحيه شاعري ، صحت بابت تحريرون ، سنڌ سلامت روزگار ، انگريزي سکڻ جو سيڪشن ، ڪمپيوٽر جي سکيا سنڌيء ۾ ، سنڌي ۽ معلوماتي ويب سائيٽس ، سافٽويئرس ۽ ڊائونلوڊز جو تازه ترين ۽ اڻ کُٽ خزانو ، ڊرائيورز ، گيمز ، سنڌي ڪتابن جو وڏو ذخيرو ، موبائل جي دنيا جي معلومات ، آئي ٽي بابت تازيون خبرون ، قانوني صلاح مشورا، دلچسپ خبرون ، دلچسپ وڊيوز ۽ تصويرون، سنڌي آڊيو ۽ وڊيو موسيقي ، کِل ڀوڳ ۽ ٻيا لاتعداد موضوع شامل آهن.
سنڌ سلامت پنهنجي چئن سالن جي سفر ۾ ڪيئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن پر سڀ کان اهم ڳالهه آهي سنڌي ڪيبورڊ ايڊيٽر جنهن ذريعي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ مان بغير سنڌي سافٽويئر انسٽال ڪرڻ جي سنڌي لکي سگهجي ٿي. سنڌ سلامت جي ٻي وڏي ڪاميابي آهي قرآن شريف جي سنڌي سرچ انجڻ، جنهن ذريعي ڪنهن به سنڌي لفظ جي ڳولها ڪري سگهبي ته اهو قرآن پاڪ ۾ ڪٿي ۽ ڪيترا دفعا ۽ ڪهڙين آيتن ۾ بيان ڪيل آهي. سنڌ سلامت جي ٽين اهم ڪاميابي آهي پڇڻا نه منجهڻا سيڪشن جنهن ۾ ڪمپيوٽر، سافٽويئرس ۽ انٽرنيٽ بابت پڇيل سوالن جا تفصيلي جواب ۽ حل پيش ڪيا ويندا آهن. سنڌ سلامت جو هڪ ٻيو اهم پراجيڪٽ آهي سنڌي شخصيتن تي انسائيڪلوپيڊيا سيڪشن جيڪو سنڌي شخصيتن جي نالي سان آهي. سنڌ سلامت ٽيم جي هميشه اها اهم ڪوشش رهي آهي ته سنڌي ماڻهن کي ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ ڏانهن مائل ڪجي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ سلامت جي ٽيم فيسبوڪ ۽ ٻين سماجي ميڊيا جي ذريعن تي هميشه پنهنجون خدمتون پيش ڪندي رهي آهي.
سنڌ جا سڄڻ دوستو ! اچو ته سنڌي زبان کي نئين دنيا جي نون علمن سان سنواريون ۽ سنڌ سلامت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايون. سنڌ سلامت جو فورم اوهان لاء سنڌ جي تاريخ، ثقافت ، شهرن ، واهڻن ۽ سنڌ جي ڪارائتي معلومات دنيا جي سڀني سنڌين تائين پهچائڻ لاء هڪ اهم، سولو ۽ آسان ذريعو آهي . اچو ته سنڌ سلامت جي ميدان ذريعي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي سنڌي ماڻهن تائين پهچون .

 .

محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جو آواز



محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جو آواز

محمد سليمان وساڻ

جڏهن به سنڌ جي انهن شخصيتن کي ياد ڪبو جن سنڌي ادب ۽ سنڌي سماج کي شعور، علم ۽ ڏاهپ عطا ڪئي آهي انهن مان محمد ابراهيم جويو جو نالو به گهڻن کان مٿاهون نظر ايندو. محمد ابراهيم جويو صاحب سنڌ جي جيئري تاريخ ۽ گهمندڙ ڦرندڙ انسائيڪلو پيڊيا آهي. جويو صاحب هڪ اهڙو شخص جيڪو دادو ضلعي جي ننڍڙي ڳوٺ آباد ۾ پيدا ٿيو ۽ پوء سنڌ جو عظيم دانشور بڻجي ويو. ڪراچي جي ريجنٽ پلازا هوٽل ۾ سنڌ جي ثقافت کاتي جي سهڪار سان سندس زندگيء تي اردو ۾ لکيل 750 کان مٿي صفحن تي مشتمل ڪتاب “محمد ابراهيم جويو ايڪ صدي ڪِي آواز” جي مهوتي تقريب ۽ سيمپوزيم منعقد ڪرايو ويو. هن ڪتاب جو ليکڪ اردو جو ناليوارو اديب ۽ ليکڪ سيد مظهر جميل آهي. سيد مظهر جميل سنڌي ۽ اردو ادب جي وچ ۾ هڪ پُل جو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. ان موقعي تي سنڌي ۽ اردو جي مڃيل اديبن، ليکڪن ۽ دانشورن سائين محمد ابراهيم جويو کي هڪ صدي جو آواز ڪوٺيو جيڪو سدائين سنڌ ۾ گوجندو رهندو، هنن چيو ته جويو صاحب جي زندگي جا اسي سال ادب، سماج ۽ تعليم لاء وقف ٿيا آهن. هنن چيو ته ابراهيم جويو صاحب جي ترقي پسندانه ۽ آزادانه سوچ سنڌ جي ماڻهن لاء مشعل راهه بڻي آهي پر سدائين سندس راهه ۾ رڪاوٽون وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
ابراهيم جويي ڪمزوري سبب ڊائيس بجاء ڪرسي تي ويٺي ئي ماڻهن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته مان پنهنجي باري ۾ ڳالهائي ميان مٺو ٿيڻ نه ٿو چاهيان. هتي جن به ڳالهايو مان انهن سڀني جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته اوهان جو پيار ڏسي ماضي ۾ مليل تڪليفون وسري ويون آهن. صدارتي تقرير ۾ ڊاڪٽر پيرزاده قاسم چيو ته بدقسمتي سان اسان جو معاشرو ڪتاب ۽ علم دشمن رهيو آهي پر پوء به جويي صاحب جهڙن ماڻهن پاڻ پتوڙيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن جويي صاحب کي علم دوست معاشرو ملي ها ته جيڪر سنڌ هن وقت ترقي جي معراج ماڻي ها. سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي مظهر الحق صديقي  چيو ته اسان ڪنهن نه ڪنهن طرح جويي صاحب کان سکندا رهيا آهيون ۽ اسان سڀ سندس مداح به آهيون. ڪتاب جي ليکڪ سيد مظهر جميل چيو ته مان اها ڳالهه فخريه ڪيان ٿو ته منهنجي هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري گهڻي وڌي آهي جو ان جو موضوع محمد ابراهيم جويو صاحب آهي. هن چيو ته بنا ڪنهن شڪ جي محمد ابراهيم جويو سنڌ سميت پاڪستان جي ترقي پسند ليکڪن ۽ اديبن جو سرواڻ آهي. ان موقعي تي ناليواري صحافي نذير لغاري چيو ته مون سميت گذريل 80 سالن ۾ سڀني ليکڪن ۽ دانشورن جو جويو صاحب استاد ٿئي. هن چيو ته جڏهن اسان هن خطي جي ادب جي ڳالهه ڪنداسين ته سنڌي ۽ بنگالي ٻولين جو ادب معياري ۽ سماج کي اڏيندڙ رهيو آهي. ان جو سبب جويي صاحب جهڙا ماڻهو ئي آهن.  
ان موقعي تي سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين چيو ته سنڌ کي جويي صاحب تي ناز آهي ڇو ته هو سوشلسٽ ۽ قومپرست نظرين جو حامي رهيو آهي. ڊاڪٽر سحر امداد چيو ته جيڪڏهن جويي صاحب جهڙو فقير منش ۽ درويش طبيعت ماڻهو پاڙيسري ملڪ ۾ پيدا ٿئي ها ته يقينن هن کي ساڌو يا سنت جو درجو ڏئي پوڄيو وڃي ها. پروفيسر ڊاڪٽر جعفر احمد چيو ته اسان جڏهن به سنڌي ادب تي نطر وجهون ٿا ته ان جي هر تاريخ ابراهيم جويي جي ادبي ۽ علمي خدمتن جواعتراف ڪري ٿي. جويي صاحب جي زندگي سنڌ سان چاهت ۽ نه کٽندڙ جدوجهد جو نالو آهي. مسلم شميم چيو ته جويو صاحب جي ڪم کي ڪنهن جي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي، سندس ڪم، خدمتن ۽ ڪارنامن سبب هو امر آهي ۽ امر رهندو. ان موقعي تي سنڌي جي ناليواري نقاد ۽ ليکڪ ممتاز مهر چيو ته ابراهيم جويو سنڌ جو والٽيئر ۽ انقلاب جو دائي آهي. اسٽيج سيڪريٽري ا فرض پروفيسر سليم ميمڻ ادا ڪيا جڏهن ته ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل ڪناسري آيل ماڻهن جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ڪتاب “محمد ابراهيم جويو ايڪ صدي ڪِي آواز” جي مهورت به ڪئي وئي.