May 05, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 13

فيس بوڪ رائونڊ اپ 13
محمد سليمان وساڻ

فيس بوڪ جي دنيا ۾ ڪيترائي دوست روزانه پنهنجي دلچسپ، معلوماتي ۽ اصلاحي جملن ذريعي اسٽيٽس اپڊيٽ ڪندا رهن ٿا. سوچيم ته اڄ ڪجهه چونڊ اسٽيٽس اوهان سان شيئر ڪجن، جن مان ڪجهه موجوده سياسي حالتن جي رخ بابت به آهن.

·         "شايد هڪ دفعو وري چپن کي سبڻ ۽ زبانن کي تالا لڳائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، شايد وري هڪ اڳوڻي فوجي آمر کي غداري جي ڪيس مان بچائڻ لاء سڀنيبلڊي سويلينز کي غداري جو سرٽيفيڪيٽ جاري ٿيندو، سواءِ انهن جي سربراهن ۽ انهن جي بٽمين قلم جي سوداگرن جي باقي سڀ غدار آهن." (حسن مجتبى)
·        "خبردار سنڌيو، لانگ بوٽن جا آواز اچي رهيا آهن، 1977ع واري تاريخ پاڻ کي وري ورجائي پيئي. تياريون ۽ صف بنديون ٿي رهيون آهن. نوان ڄار کڻي وري ساڳيا شڪاري آيا." (مير سليم سنائي)
·        "سنڌ کي ٻاهرين طاقتن کان وڌيڪ موقعي پرست وڏيرڪي ۽ وچولي طبقي جي ابن الوقت ٽولي کان خطرو آهي. هو سڄي دنيا اڳيان جمهوريت جا چيمپيئن بڻجي، غربت ۽ جهالت هٿان سٽيل ماڻهن کي اربين روپين جي اثاثن کان محروم رکي، کين خيراتي ڪارڊن تي محتاج بڻائي سندن حمايت به حاصل ڪري وٺن ٿا. عوام کي پنهنجي عزت نفس جي احساس ۽ سندن وسيلن جي ڦرلٽ کان اڻ ڄاڻ رکي، کين ذهني محڪوميءَ هيٺ رکي سندن مزاحمتي سگهه کي به مڏو ڪري ڇڏين ٿا. انهن خدمتن جي عيوض ٻاهريون طاقتون کين هميشه پنهنجو فطري اتحادي بڻائي کين داڻو آڇينديون رهن ٿيون." (نصير ميمڻ)
·       "" مسقبل قريب ۾ سنڌ جي مالڪيءَ جي دعوا ڪندڙ طالبانن کي تيار ڪرڻ لاء کين ظاهر ٿي ميدان تي اچي وفادري ڏيکارڻ لاءِ مذهبي گادين ۽ گروپن کي هوم ورڪ ڪرايو پيو وڃي" (عبدالقدير ميمڻ)
·        "هتان جا نا اهل اقتداري ڀوتار هڪ ناچڻيءَ جو ڪردار ادا ڪري، ماڻهن جي مينڊييٽ جو مزاق اڏائي، هميشه اهو ثابت ڪندا رهيا آهن ته هن ملڪ ۾ فوجي آمريت ئي بهتر نظام آهي، ائين ڪري هو ملڪ جي عسڪري قوت لاءِ راهون هموار ڪري کين عوام تي آمريت مڙهڻ جي دعوت ڏيندا آهن، باقي ملڪ جي سموري تاريخ ۾ انقلاب پسند قوتن لاءِ ته ساڳي ئي آمريت موجود رهي آهي. جمهوري حڪومت ۾ به ڏاڍ جاري آهي ۽ فوجي حڪومت ۾ به ساڳيو عمل جاري رهندو، ڪو خاص فرق نه ٿيندو." (مشڪور ڦلڪارو)

·        "اهو هاڻوڪي سوشل دنيا جو اڇو ۽ سڀ کان وڏو ڪوڙ آهي ته سوشل ميڊيا تي آزادي آهي! جيڪڏهن اوهان کي يقين نه اچي ته ڪڏهن اوهان پنهنجي پسند جي پارٽي، مذهب، سياستدان جي تعريف لاء اسٽيٽس لکو يا ڪائي اهڙي تصوير رکو جيڪا اوهان کي دلڪش، خوبصورت ۽ پياري لڳي!!" (ساگر سهندڙو)
·         "مان گذريل هفتي کان ڪراچي انٽر بورڊ جي امتحانن ۾ انويجيليشن جي ڊيوٽي ڪري رهيو آهيان. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪڙي شاگرد کي نقل جي مواد سميت پڪڙيم ته موصوف کيس ڇڏڻ بدلي ڏوڪڙ ڏيڻ جي آفر ڏني. ڪاوڙ گهٽ ۽ ڏک گهڻو ٿيم. خود اسان استادن جي ڪم ظرفي آهي جو نقل ڪندڙن اسان جا ريٽ مقرر ڪري ڇڏيا آهن!" (احمد سومرو)
·        "اسان کي هر شيءِ مبهم انداز ۾ پڙهائي وڃي ٿي، هڪ اهڙو اڌ سچ ٻڌايو وڃي ٿو جيڪو مڪمل ڪوڙ کان به خطرناڪ آهي پر سوال اهو آهي ته تاريخ جي چهري تي چڙهي ويل اها ڌوڙ ڪير لاهيندو؟ ان حوالي سان حسن خوب لکيو هو. يزيدي وقت ويري آ، سڄي تاريخ ميري آ" (وفا منور زئور)
·         "سوشل ميڊيا به اسان جو هڪ 'اوڙو پاڙو' ئي بڻجي وئي آهي، جتي ذهن چرندي پُرندي، ڳالهائيندي ٻولائيندي، اٿندي ويهندي، سٺا ڪم ڪندي، خراب شين ۾ هٿ وجهندي، عزتون ڏيندي ۽ بد تميزيون ڪندي نظر اچن ٿا، بلڪل ايئن ئي، جيئن اسان پنهنجي اوڙي پاڙي ۽ شهر ۾ ڏسندا آهيون ٻڌندا آهيون، ڪردارَ : سُٺا ڪردار به، مناسب ڪردار به، نامناسب ڪردار به ۽ جڏهن اوڙي پاڙي ۾، جن کي به بدتميزيون ڪندي ڏسبو تن جي تقرير تي، شعور تي، ڪردار تي ڪير اعتبار ڪندو!؟" (اسد چانڊيو)
·        "الائي ڪاڏي ويا هن هليا اهي ماڻهون جن جي ڏسڻ سان اکيون ٿڌيون, دل سڌير ۽ روح کي راحت ايندي هئي. محبت موڪلائي ڪنهن ڏوراهين طرف وئي آ هلي. هاڻي ته هنن ماڻهن ۽ پنهنجو پاڻ کان نفرت ٿيڻ لڳي آهي. ڪير به ڏڍ, آٿت ڏيڻ ۽ سهارو بڻجڻ وارو ناهي. ڪيئن ڪجي ؟ ڪنهن کي دانهن ڏجي.؟" (مظفر منگي)
·         "پنهنجي وسيلن هوندي به هر شهر ۾ 12 ڪلال بجلي بند ۽ گيس پنهنجي هوندي به ڏينهن مقرر، سي اين جي تي لائينون لڳل. هو ته جاڳ پنجابي جاڳ چئي اقتدار اعلى تي آيا پر سنڌ ۾ ڪير ٿو جاڳ سنڌي جاڳ چوي." (نثار کوکر)
·         "سنڌ م علم جي اڻاٺ ٿي وئي آهي، هنگامي حالتون آهن، تنهن ڪري علم سان هٿيار بند ٿيڻ جي ضرورت آهي. مان انسان سڌارڻ واري هٿيار علم جي ڳالھه ٿو ڪريان، ماڻهو مارڻ واري هٿيار جي خلاف آهيان. " (ذوالفقار واهوچو)

روزانه عوامي آواز 6 مئي 2014


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو