February 09, 2015

ڪراچي لٽريچر فيسٽيول، سنڌي ٻولي ۽ اسان جون ذميواريون

ڪراچي لٽريچر فيسٽيول، سنڌي ٻولي ۽ اسان جون ذميواريون

محمد سليمان وساڻ

ڪراچي جي بيچ لگزري هوٽل ۾ منعق ٿيندڙ ڇهين ٽن ڏينهن واري ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ۾ وڃڻ ٿيو ۽ ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي. هن ايونٽ ۾ گهڻو ڪجهه سکڻ لاء مليو. ٻارن لاء پينٽنگ ۽ ٻين سرگرمين جا ڪيئي پروگرام هيا. ڪيترن ئي علمي، ادبي، سياسي، سماجي شخصيتن سان گڏ صحافتي ۽ فن جي دنيا سان واڳيل اهم ماڻهن سان ملاقات ٿي ۽ ڪچهريون ٿيون.  اتي وڃي اهو محسوس ڪيم ته سنڌي ماڻهو هن دفعي هن ميلي ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ آيل آهن، جن ۾ فيمليز سان گڏ نوجوانن جو وڏو انگ شامل هيو، اها ڳالهه تمام گهڻو اتساهيندڙ هئي. هڪ ئي وقت ست ست پروگرام ملڻ سبب انتخاب ڪرڻ ۾ ڏکيائي پئي ٿي. هن قسمن جي ميلن ۾ شرڪت ڪري ماڻهو علمي ۽ ادبي ڳالهيون سِکي ٿو ۽ گهڻو ڪجهه سمجهڻ لاء ملي ٿو جنهن سان دل ۽ ذهن جا دروازا کُلن ٿا.
هڪ وڏي مايوسي اها پڻ ٿي ته سنڌين جي هيڏي وڏي تعداد جي شامل ٿيڻ باوجود به ميلي ۾ هڪ به سنڌي ڪتابن جو اسٽال موجود ڪونه هيو. سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ علمي ۽ ادبي ميلو هجي ۽ اتي سنڌي ڪتابن جا دڪان موجود نه هجن ته ڪيڏي مايوسي ٿيندي. معلوم ڪرڻ تي اهو پتو پيو ته صرف 15 هزار روپين جي بوڪنگ سان اسٽال پئي مليا پر اسان جي ادارن ۾ ويٺل اديبن، دانشورن ۽ اسان جي نمائندن صرف مايوس ئي ڪيو. هتي نمائندگي ته سڀني پبلشرز کي ڪرڻ گهربي هئي جو هي ميلو سنڌي ٻوليء جي بقا لاء اهم هيو ۽ سڀ پبلشرز ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪتاب ڇپائي اسان تي احسان ڪندي نظر ايندا آهن ۽ اهو محسوس پڻ ڪرائيندا آهن پر اسان جي سرڪاري ادارن خاص ڪري ثقافت کاتي، سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي، سنڌي ادبي بورڊ ۽ ڪراچي ۾ موجود شاهه لطيف چيئر ته بلڪل مايوس ڪيو. هڪ ٻي مايوسي اها به ٿي ته 70 يا 72 پروگرامن مان صرف ٻه سنڌي ٻولي جا پروگرام ٿيا جن ۾ هڪ سنڌي ڪهاڻي جي هڪ صدي ۽ ٻيو امر جليل جي آتم ڪٿا جو پروگرام جنهن ۾ به انگريزي، اردو ۽ سنڌي ٻولين ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي.
هن ميلي ۾ الائي ڇو اردو ٻولي وارا گهڻي احساس ڪمتري ۾ نظر آيا جو انگريزي ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ هنن دخل اندازي ڪندي اردو ۾ ڳالهائڻ جو مطالبو ڪيو. ان قسم جو هڪ واقعو مهتاب راشدي پاران ڪيل پروگرام ۾ ٿيو جنهن ۾ عابده حسين ۽ ٻيا مقررپاڪستان جي سياسي حالتن تي ڳالهائي رهيا هيا. ٻيو واقعو سنڌ ڄائي بينا شاهه پاران تصوف ۽ سنڌ جي شهيدن جي سار ۾ لکيل انگريزي ناول A Season for Martyrs ۾ پيش آيو، جڏهن انگريزي ۾ ٿيندڙ ان پروگرام ۾ هڪ شخص ساڳيوئي مطالبو ڪيو. بينا شاهه هر سوال کي سهڻي انداز سان سمجهايو ۽ جواب ڏنو، ساڳي وقت هن تنقيد کي به مڃيو. هڪ نوجوان ناصر سومري شاهه لطيف جي وائي “سُور انهيءَ ساڙي، هُو جي ويا هليا” مڌر آواز ۽ ترنم سان ڳائي خوب داد حاصل ڪيو.
امر جليل سان ٿيندڙ پروگرام In conversation with Amar Jaleel جو ميزبان شاهه محمد پيرزادو هيو. مان سوچي رهيو هوس ته ڇا هن پروگرام ۾ هال ڀربو يا نه ..... پر مونکي حيرت ٿي ته سوين سنڌي نوجوان، عورتون، شاعر، اديب ۽ صحافي اچڻ لڳا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سمورو هال ماڻهن سان ڀرجي ويو. رش وڌندي رهي ۽ ڪيترائي ماڻهو فرش تي ويهي پروگرام ڏسڻ لڳا ۽ ڪيترا ماڻهو پاسن کان بيهي امر جليل کي سنجيدگي سان ٻُڌڻ لڳا. هال ڀرجي وڃڻ سبب ڪيترائي ماڻهو واپس ويا. امر جليل هميشه وانگر سچيون ۽ کريون ڳالهيون ڪيون. شروعات پنهنجي هڪ انگريزي نظم سان ڪيائين جيڪو خدا سان سندس مڪالمو هيو. امر جليل چيو ته ورهاڱي کانپوء سنڌ ڇهن حصن ۾ ورهائجي وئي آهي هڪڙن جو شهرن تي قبضو آهي ته ٻين جو رهيل سنڌ تي. هن چيو ته سنڌ تي هن وقت پيرن، ميرن، وڏيرن، سردارن ۽ جاگيردارن جو قبضو آهي جنهن حصا ورهائي کنيا آهن. پنهنجي آتم ڪٿا ورجائيندي امر جليل چيو ته ورهاڱي کانپوء ڪراچي ۾ هندن جي گهرن تي قبضو ڪندڙن سندن گهرن جي لائبريرين کي ٽَڪن ۾ نيلام ڪيو ويو، سندن قيمتي ڪتاب فٽ پاٿ ۽ روڊن تي نيلام ٿيندا رهيا. هن چيو ته اسان جي ڪجهه پِيرن کي اهو ٺيڪو مليو آهي ته هڪ ڇوڪِري جو مذهب مٽرائي مسلمان ڪيو ان جي عيوض هڪ لک وٺو. امر جليل چيو ته مان ڪراچي پيو ڳوليان جنهن ۾ ماڻهو مذهبن کان مٿانهان هيا. هتي مسجد، گرجا گهر ۽ مندر محفوظ هيا. هن چيو ته اصل ۾ ٻه قومي نظريي هندستان جي ڌرتي ماء کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو. اهي جيڪي 47 کان اڳ ڄايا هئا انهن جي ماء هند ڌرتي کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو جيڪي پنهجي ماء جي ٻئي ٽڪري ۾ وڃڻ لاء ويزا لاءِ ڌِڪا پيا کائن. هن چيو ته اسان جي جن اسڪولن لاء واويلا پئي ٿئي ته هزارين اسڪول بند آهن اهي دراصل اسڪول ئي ناهن .... هن پڇيوته ڇا هڪ ڪمري واري اسڪول کي به ڪو اسڪول سڏبو جنهن ۾ هڪ کان پنجين درجي جا ڪيئي شاگرد هجن ۽ هڪ استاد سڀني کي پڙهائي؟ هن چيو ته علم ۽ تعليم ئي اسان کي هن اونداهي مان ڪڍي سگهي ٿي ۽ تعليم ئي آهي جنهن کان وڏيرو ۽ جاگيردار ڊڄي ٿو.
هن ايونٽ تي اسان جا اديب، شاعر ۽ صحافي گهڻي تنقيد ڪندا پر انهن کي پاڻ کي به ڏسڻ گهرجي ته هن پروگرام جي آرگنائيزر آڪسفورڊ پبلشرز سان اسان جو ڪيترو سهڪار رهيو؟ يا اسان هنن تائين پنهنجون ڪهڙيون ڳالهيون ۽ صلاحون پهچايون؟

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو