November 11, 2015

شاهه لطيف جي ڪردارن موکي ۽ متارن تي


شاهه لطيف جي ڪردارن موکي ۽ متارن تي 

محمد سليمان وساڻ

موکي، چوکي نه ٿئي، اصل اوڇي ذات
وٽيون ڏيئي وات، تنهن متارا ماريا

شاهه لطيف سُريمن ڪلياڻ

شاهه سائين اهو ذڪر سُريمن ڪلياڻ جي چوٿين داستان ۾ ڪيو آهي. شاهه صاحب پنهنجي جوانيءَ جي ڏهاڙن ۾ جڏهن ڀٽ شاهه کان لاهوت لا مڪان ۽ هنگلاج لاءِ سفر تي روانو ٿيو يا سسئي جي جهاڳيل لَڪن ۽ جبلن تان گذريو ته ڪراچيءَ وٽان لنگهندي موکيءَ ۽ متارن جي ماڳ جو مشاهدو ڪندو پوءِ اڳتي وڌيو هو.
شاهه لطيف جي ڪردارن موکي ۽ متارا بابت پڙهيو ته گهڻو ڪجهه هيو پر اها سڪ، اُڪير ۽ چاهت هئي ته اهي ماڳ گهمجن. گڏاپ جي تحقيقي ليکڪ گل حسن ڪلمتي سان سدائين اتي گهمڻ جو پروگرام جوڙڻ جي ڪئيسين پر پوءِ به ناڪام. هن دفعي جڏهن اڇڙي ٿر جو گهمندڙ ڦرندڙ ڪردار نور محمد سمون سچل ڳوٺ آيو ته اها ساڻس پهرين ملاقات هئي. فيسبوڪ جي دوستن سان ملندي ڪڏهن به ايئن ناهي لڳندو ته هي ڪا ساڻن پهرين ملاقات آهي. نور محمد زور رکيو ته اوهان سدائين گهمندا ٿا رهو هن دفعي اسان به اوهان سان گڏ گهمڻ ٿا چاهيون. مون کيس لطيف جي مشهور ڪردارن موکي ۽ متارا گهمڻ جو چيو. بس پوءِ ته نور محمد جا روز فون ته ڪڏهن ٿا هلو؟ هيڏانهن ڪراچي ۾ گرمي جو زور گهٽجي ڪونه پيو ۽ پارو 37 ڊگري تائين رهڻ لڳو، انڪري مان لنوائي ويس. آخر نور محمد اسان جي دوست ۽ پسنديده ليکڪ حفيظ ڪنڀر کي وٺي اچي ڪراچي پهتو ته هاڻ هلو ته گهمڻ هلون. مان حيرت ۾هيس ته فيسبوڪ تي هڪٻئي کي بلاڪ ڪندي ناراض ٿيندڙ هينئر ڪيئن گڏيا آهن ... اهو الڳ قصو آهي. هاڻ ته هلڻو ئي پيو سوچڻ لڳس. اهو ضروري هيو ته اهي تاريخي ماڳ گهمڻ لاء ڪو تاريخ ۽ٌ ماڳ مڪانن جو ڄاڻو دوست گڏ هجي. منهنجي ذهن ۾ بس هڪ ئي نالو هو محترم گُل حسن ڪلمتي جو. گل حسن ڪراچي جي تاريخ ۽ ڀرپاسي جي آثارن ۽ ماڳن تي ڪمال جو ڪم ۽ تحقيق ڪئي آهي. هن جو تحقيقي ڪم ان لاء به ساراهه لائق آهي ته هن اي سي ڪمرن ۾ ويهي ناهي لکيو پر سسئي وارا ساڳيا پنڌ جهاڳيا آهن. سندس ڪراچي جي تاريخ کي ڪتابن ۾ سمائڻ وارو ڪم تاريخي آهي. هن ڪراچي جي تاريخ کي دستاويز بڻائي ڇڏيو آهي. آهي به کلڻو ملڻو ۽ ملنسار ماڻهو، وڏي ڳالهه آ ته هن وٽ تڪبر ڪونهي.



مون سائين گل حسن ڪلمتي کي فون ڪيو ته اسان موکي ۽ متارا گهمڻ ٿا چاهيون ۽ دوست ڪهڙا گڏ هوندا اهو به ٻڌايو مانس. گل حسن اها پڪ ڏني ته هو اتي ئي هوندو ۽ گڏ هلندو. موکي ۽ متارن جون قبرون هڪ هنڌ ناهن. متارن جون قبرون نارا ٿر جبل تي مٿي ٽڪرين تي آهن، جڏهن ته موکيءَ جي قبر اتان کان ويهه ڪلوميٽر پري ناردرن باءِ پاس واري روڊ تي آهي. گڏاپ ڪراچي ۽ سنڌ جي سونهن آهي. سرسبز علائقو جتي باغ، ٻنيون ٻارا ۽ فصل به ٿين پر جڏهن کان ريتي بجري کنئي وئي آهي ته جر جو پاڻي ڪافي اونهون ٿي ويو آهي ۽ ڄڻ ته اڻلڀ ٿي پيو آهي، ٻيو ته هتي ٻاهرين ماڻهن جي لوڌ ۽ پنهنجي ماڻهن پاران زمينن جي فروخت ڳڻتي واري ڳالهه آهي.
هڪ ڏينهن اڳ گل حسن ٻڌايو ته هو سچل ڳوٺ ۾ ٿيندڙ پروگرام ۾ پيو اچي مون ساڻس شام جو اتي ملڻ ۽ ٻئي ڏينهن جي پروگرام بابت ڳالهائڻ پئي چاهيو، پر آرٽس ڪائونسل واري پروگرام ۾ دير ٿيس ۽ واپس آيس ته گل حسن، سچل وارو پروگرام دير سان ٿيڻ سبب واپس گڏاپ هليو ويو. مان دير سان ٻيهر فون ڪئي جو نور محمد سمون فون تي ڏنڊو کنيو بيٺو هو ته ڪٿي
سڀاڻي بغير رهنما جي جبلن ۾ گم نه ٿي وڃون. فون جو جواب نه مليو ته مان نور محمد سان ٻئي ڏينهن ٽين بجي جو پروگرام طعي ڪيو ڇو ته گرمي ان ڏينهن به زورن تي هئي. ٻئي ڏينهن صبح جو گل حسن جو فون آيو ته مان پروگرام جو ٻڌايومانس. پاڻ پڪ ڏنائون ته هو ڪونڪر مان اسان سان گڏبو. مان پنهنجي دوست ڊاڪٽر حفيظ لغاري ۽ مرتضى کي به تيار رهڻ جو چيو. حفيظ ڪنڀر ٻڌايو ته فيسبوڪ جا گڏاپ جا ڪجهه دوست به اتي اسان سان گڏ هلندا جن مان شير جوکيو ۽ سندس دوست هيا. اهو سڄو وقت فون جي گهنٽي ٽڻن ٽڻن ڪندي رهي ۽ اهو احساس ڏياريندي رهي ته موبائل جو قدر ڪيو اها به قيمتي شيء اٿو هن دور جي. سچل ڳو ٺ مان ڊاڪٽر حفيظ لغاري، مان سليمان وساڻ، مرتضى وساڻ، حاجي مينهن ڇُٽو ۽ ذوالفقار جوڳي روانا ٿياسين جو حفيظ ڪنڀر ۽ نور محمد سمون گلشن حديد کان بقائي سپر هاءِ وي پهچي چڪا هئا. اتان کان گڏجي گڏاپ روڊ تي روانا ٿياسين. منهنجي سوچن تي هاڻ موکي ۽ متارن جون روايتون ۽ شاهه جا بيت طاري ٿي چڪا هئا.
هڪ روايت مطابق موکي! اصل ۾ مومل جي خاص ٻانهي، ناتر جي ڌيءَ هئي. ناتر چالاڪ هئي جنهن شهزادن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا هئا. جڏهن مومل ڪوششن باوجود رٺل راڻي کي ماڻي نه سگهي ته چکيا چڙهي وئي. تڏهن ناتر هاڻ ڪو ٻيو حيلو وسيلو نه ڏسي لڏي هتي گڏاپ ۾ اچي ويٺي. پاڻ هيبت خاصخيليءَ سان شادي ڪيائين ۽ کيس اٺ ڌيئرون ڄايون جن مان هڪ موکي به هئي. جڏهن موکي جوان ٿي ته ڪلاڪو هٽ يا مئخانو قائم ڪيائين. جتي پري پري جا پياڪ اچي پهچندا هئا. هي هنڌ قافلن جي گذرگاهه هوندو هو جتان واپاري، سردار، شهزادا پيا ايندا ويندا هئا. چون ٿا ته ڪجهه جوڌا جوان به ٿاڻي بولا خان واري پاسي کان ڪنهن ڏورانهين منزل کان ڪهي هتي منزل هڻي، موکيءَ جو ٺاهيل ڪڪوهه ڪتب آڻي اڳتي هليا ويندا هئا. جيئن لطيف چيو:

وَٽَ وَٽَ وٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَنڌُ ٻيو؛
قدر ڪيفَ ڪلال جو، پِياڪَن پيو؛
اَچن دُرسُ دڪان تي، ڪَنڌَ قبول ڪيو؛
سُرها سِرُ ڏيو، چَکَن سُرڪَ سيَد چئي.

هڪ ڀيري موکيءَ متارن کي پراڻي مٽ جو منڌُ پياريو. متارا روانا ٿي ويا ته وري موٽيائي ڪين. موکيءَ مٽ جاچيو ته ان ۾ زهريلو نانگ مئل هو. موکيءَ ڀانيو ته متارا مري ويا. ٻن ٽن مندن کانپوءِ متارا اوچتو ظاهر ٿيا ۽ چيائون ته ساڳيو منڌُ ڏنو وڃي، موکيءَ کين اصل حقيقت ٻڌائي ته متارا صدمي کان ڊهي پيا ۽ دم ڏنائون ۽ اتي ئي سندن قبرون ٺهيون. ڪي چون ٿا ته متارا موکيءَ جي ويڻ ۾ مئا جنهن ۾ موکي کين طعنو ڏنو ته اوهان کي ته نانگ جي زهر به ڪجهه نه ڪيو. لطيف سرڪار چوي ٿو:

سَري ڪين ڪيونِ، ويڻَ موکيءَ جي ماريا!
ڪو جو سخن ڪلال جو، پِتي تي پيونِ!
تِهان پوءِ ٿيونِ، مرڻ مَتارنِ کي!

ڪونڪر پهتاسين ته اتي شير جوکيو ۽ سندس ڀاءُ امير جوکيو اسان جي انتظار ۾ هئا. انهن سان ملي مون گل حسن کي فون ڪيوجنهن چيو ته اوهان متارن تي اچو هو اتي پهچڻ وارو آهي. بنديچه اسٽاپ وٽان شير وارن حڪيم جوکيو ۽ غلام قادر جوکيو کي به ساڻ کنيو. وچان سنهن روڊن، ٻنين ٻارن ۽ فصلن مان ٿيندا هڪ ٽڪري جي هيٺان اچي گاڏين کي بيهاريوسين. مٿي چڙهياسون ته گُل حسن ڪلمتي، اياز حميد بلوچ ۽ غلام قادر بلوچ به مليا. هاڻ گل حسن هيو جنهن کي اسان سڀ ٻڌي رهيا هياسين ۽ ڪيئي سوال ڪري رهيا هئاسين ۽ هو شريف ماڻهو اسان سڀني جي سوالن جا دليلن سان جواب ڏئي رهيو هو.

گل حسن ڪلمتي بابت حفيظ ڪنڀر جي راءِ :

”گل حسن ڪلمتي کي دل جان سان آءُ اھلِ علم سمجھي عزتون ڏيندو آھيان ھن جي ورڪ جو ڪير منڪر ٿيندو. ھن کي مون جڏھن بہ جيترو بہ پڙھيو تہ ھن جي سوچ ۽ اندازِ فڪر مونکي ريشنل لڳو آھي ۽ تحقيق يا تاريخ ۾ واقعي ڪنھن بہ رومانس جي گنجائش ئي ناھي. ھن صاحب کي پنھنجي تحقيقي ڪم جيئن پوء تيئن نھٺو ۽ حليم بنايو آھي ۽ علم لاء اھو شرط بہ آھي تہ علم جو ماڻھن تي رعب ۽ دٻدٻو نہ وھارجي بلڪ ان کي ورھائجي شيئرنگ ڪجي. ھن ھمراھ ۾ اھي گڻ مون ڏٺا. ھو سنڌ جي ڪيترن لکارين جي مقابلي م وڌيڪ رولاڪ آھي. ان ڪري ھو وڌيڪ ايڪٽو بہ آھي ھن يار م پنھنجائپ، ملنساري تہ آھي ئي آھي پر ھن ۾ ظرافت، مزاح، خوشگواري بہ دنگ آھي.“

نارا ٿر جبل تي پهرين ٽڪري تي موجود قبرن بابت گهڻن محققن لکيو آهي ته اهي ئي متارن جون قبرون آهن سي هڪ ننڍڙي چوديواري ۾ ڇهه قبرون اندر ۽ هڪ قبر ٻاهر آهي. انهن مان ڪجهه قبرن تي نالا به لکيل آهن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهي حاجي آهن. هڪ قبر تي حاجي حالار لکيل آهي. ٻي قبر تي محمد اسماعيل لکيل آهي. ٽين قبر تي اسحاق خان، چوٿين تي روستم ۽ پنجين تي، يادگار، اسماعيل حاجي لکيل آهي. ٻين قبرن تي نالا ناهن، پر سڀ هڪجهڙيون آهن. چوديواري ۾ هڪ پٿر کي اهڙي طرح تراشي رکيو ويو آهي. جو اهو پيالي جهڙو لڳي ٿو، اهو پٿر اڄڪلهه ٻه-ٽڪر ٿيل آهي. گل حسن ڪلمتي پنهنجو خيال ڏيکاريو ته هي ڪنهن هڪ ئي خاندان جي ماڻهن جون لڳن ٿيون جيڪي مختلف وقتن ۾ ٺهيون آهن. ڇو ته نالا اهڙا آهن. ڪجهه قبرون مٿي به آهن جن تي وڃڻ لاء مان ته تيار ئي نه هوس جو مونکي کيرٿر جبل تي چڙهڻ جا منظر ياد پيا اچن جتان واپسي ۾ 20 ڪلوميٽر پنڌ لهڻو پيو هو سو به رات جي اونداهيءَ ۾. باقي سڀ دوست مٿي چڙهي ويا سواءِ غلام قادر بلوچ ۽ منهنجي، پر پوء حفيظ ڪنڀر، شير ۽ سندس ڀاءُ به اڌ تان موٽيا جو حفيظ ڪنڀر اصل ٿڪجي چڪنا چور ٿي چڪو هو. سڀ کان اڳ مٿي ويندڙن ۾ حاجي مينهن ڇُٽو ۽ حفيظ لغاري پيش پيش هئا.
چون ٿا ته مٿي ئي موکيءَ جي رهائش جا آثار به مليا آهن جڏهن ته مئخانو يا ڪلاڪو هٽ سامهون واري ٽڪرين تي هو. مٿي دوست ٻڌائين پيا ته ڪجهه قبرون آهن جيڪي ميسارجي رهيون آهن ۽ هڪ ويهه فوٽ ڊگهي قبر به هئي، جنهن تي ڪجهه عقيدتمند پڙ وجهي ويندا آهن. گُل حسن ڪلمتي چوي پيو ته هتي جيڪي مٿي قبرون آهن سي متارن جون ٿي سگهن ٿيون. ٿي سگهي متارا هتي مري ويا هجن ۽ انهن کي اجتمائي قبر ۾ دفن ڪيو ويو هجي ڇو ته مٿي ميت کڻي اچي دفن ڪجي اهو تمام مشڪل ڪم آهي. پر پوء به اهي ڳالهيون اندازا ۽ مفروضا آهن. متارن جون قبرون ڪهڙيون به هجن پر هي واقعو يا روايت هن علائقي ۾ ئي لڳي ٿي. ڇو ته هي گس ان وقت قافلن جي راهه هيو. گُل حسن سڀ ڳالهيون دليلن ۽ تاريخي ۽ جاگرافيائي حقيقتن آڌار ڪري رهيو هو. ساڳي وقت حفيظ ڪنڀر ۽ گل حسن جي مزاحي رخ به ڪچهري ۾ رنگ پئي ڀريا. هونئن هن قصي کي من گهڙت چئي ٽاري به نه ٿو سگهجي ڇو ته موکي ۽ متارن جو ذڪر رڳو شاهه لطيف به ڪيو آهي ته لطف الله قادري ميين ۽ شاهه عنايت جي شاعري ۾ پڻ ان جو ذڪر ملي ٿو. جديد دور جي شاعرن ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، تاجل بيوس، ابراهيم منشي، ج ع منگهاڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي سگهڙن ۽ صوفي فقيرن پڻ هن داستان متعلق شاعري ڪئي آهي.
گل حسن ۽ اتان جي دوستن ٻڌايو ته نارا ٿر جبل کي ڪجهه ماڻهو ناڻا ٿر سمجهي هتي موجود قبرن جي کوٽائي ڪرائي ويا آهن صرف ان لاء ته هنن کي شق هو ته قبرن ۾ دولت پوريل آهي. اهڙا آثار ۽ کڏون کوٻا به مليا آهن.
نارا ٿر جبل جي اتر پاسي هيٺاهين ۾ جوکين جو قديمي قبرستان آهي. ان هنڌ تي برفتن ۽ جاکرن جي جنگ لڳي هئي. هتان جي ماڻهن ڪلمتين جي حمايت ڪئي ۽ نومڙين جاکرن جو پاسو کنيو. هن جنگ ۾ جاکرن کي شڪست ملي.
جيسين مٿيان دوست هيٺ لهن تيسين اسان جو اُڃ ۾ ساهه پئي ويو، حاجي مينهن جي پاڻي جي بوتلن هتي وڏو ڪم ڏنو ۽ اسان اُڃ اجهائي وري ڪچهرين ۾لڳي وياسين. گُل حسن ۽ ٻيا دوست هيٺ لٿا ته دير ٿي رهي هئي ۽ اتان موکيءَ جي قبر لاءِ روانا ٿياسين توڻي جو حفيظ ڪنڀر هاڻ صفا اڳتي هلڻ جي موڊ ۾ ڪونه هئو پر اسان سڀني جي اها ضد هئي ته متارن جي عشق جي ان معشوقه تائين پهچي لطيف جي ڪردارن کي ڀيٽا پيش ڪندا واپس ورون جنهن جي ويڻ کين گهايل ڪري دنيا کان ڏور ڪيو . هاڻي اسان وري واپسي ڪئي آهي ۽ چئن گاڏين جو قافلو ناردرن باءِ پاس ڏانهن راهي آهي ۽ سج پنهنجي پوين پساهن ۾ آهي. لهندڙ سج جي لالاڻ الائي ڇو لطيف جي انهن سٽن ڏانهن ڌيان پئي ڏياري:

مَتارا مري ويا، موکِي! تون نه مَرِين!
ڪيهِيءَ پَرِ پَرِين، ڏُکِي! ڏاتارن ري؟

مَتارا مري ويا، موکِي! تون بِي مَرُ؛
تنهنجو ڏوسُ ڏمرُ، ڪونَ سهندو اُنِ ري!

موکيءَ جي قبر نارا ٿر جبل کان ويهه ڪلو ميٽر جي پنڌ تي ڳوٺ موکيءَ ۾ آهي. جڏهن ته سهراب ڳوٺ کان 18ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي. موکيءَ جي قبر، مٽي جي دڙي تي ٻين کان ٿورو مٿي آهي. جنهن نموني متارن جون قبرون گهاڙي آهن. تنهن جي ابتڙ موکي جي قبر بلڪل سادي ۽ عام قبرن وانگر بنا ڪنهن ڪتبي جي آهي. پهرين ان کي چارديواري ڏنل هئي پر تازو ئي مجاور حاجي خان خاصخيليءَ ان کي سيمنٽ سان پڪو ڪرائي مٿان ڇت وجھرائي آهي.
اسان هاڻ موکيءَ جي مزار جي سامهون آهيون. اها موکي جنهن متارن کي اهڙي ته مئه پياري جو هو دنيا تياڳي واپس ورن ٿا. اندر وڃون ٿا جتي قبر تي پڙ پيا آهن ۽ اسان جي هوندي ئي ڪجهه فيمليز اچن ٿيون، ڪير آهن؟ ڪهڙي باس باسين پيون؟ ڪا خبر ناهي. هو موکيءَ بابت ڇا ٿا ڄاڻن سا به خبر ناهي. پر لطيف جي ڳايل هنن ڪردارن جو وجود موجود آهي.

آڻي اُتر واءَ، موکيءَ مٽ اُپٽيا؛
مَتارا تنهن ساءَ، اَچن سِرَ سَنباهِيو.

سج هاڻ ٽٻي هڻڻ وارو آهي ويندي ويندي به گُل حسن اسانکي مختلف ڄاڻ پيو ڏئي ۽ ساڳي وقت اها به دعوت ڏئي ٿو ته هاڻ وقت ڪڍو ته سسئي جي مزار تي هلون. سسئي لطيف جي اها سورمي جنهن اڪيلي جبل جهاڳيا آهن ۽ ڀنڀور کان لڪ لتاڙيندي مرن سان مقابلو ڪندي پنهونءَ جي تلاش ۾ ڪيچ مڪران جي راهن تي هلندي ٿي رهي. سڀ دوست ڀاڪر پائي موڪلائن ٿا. مان وري گل حسن جو ٿورو مڃيان ٿو جيڪو مُرڪي موڪلائي ٿو. گڏاپ جي سڀني دوستن کان هٿ ٻڌي موڪلايون ٿا ۽ واپس سچل ڳوٺ روانا ٿيون ٿا.
موکيءَ ۽ متارن جا آثار ۽ مزارون ڪراچيءَ کان گهڻو پري ناهن پر پوء به هنن آثارن جي ڪو به سار سنڀال لهڻ وارو ناهي. هنن جي حفاظت ڪير ڪندو، لطيف جا ڪردار ۽ انهن جا آثار ميسارجن پيا، کنڊرات پيا ٿين. ڪراچي کان 18 يا 20 ڪلوميٽرن تي هوندي به ڪي ٿورا ماڻهو ئي ايستائين ويا آهن. ثقافت کاتو هجي يا آثار قديمه کاتو يا وري سنڌ جا ساڃاهه وند سڀني کي گهرجي ته هر سال ڪو هڪ ڏينهن، هڪ هفتو يا ڪجهه ڏينهن هنن آثارن جي نانءُ ڪن، ميلو لڳائن، سيمينار ڪرائن جيئن اسان سميت ڪراچي ۾ رهندڙ لکين سنڌين مان ڪي سوين ماڻهو ئي هن طرف اچن ۽ هڪ آواز بڻجي هنن آثارن لاء ڪجهه ڪن. نه ته ٻي صورت ۾ بحريا ٽائون يا ڊي ايڇ اي سٽي جهڙي ڪنهن سوسائٽي جي ور چڙهي وينديون نارا ٿر جبل جون چوٽيون ۽ هي آثار. بلڪل ايئن جيئن شاهه لطيف جا تڪيا بحريا ٽائون جي ور چڙهي ميسارجي رهيا آهن.

وڌيڪ تصويرون فيسبوڪ جي هن لنڪ تي

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو