January 09, 2016

ڀٽ شاهه ڏانهن ڀيرو



ڀٽ شاهه ڏانهن ڀيرو

محمد سليمان وساڻ

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سِگا) جو 37هون ساليانو ڪنوينشن هالا ۾ 25 ۽ 26 ڊسمبر 2015ع تي منعقد ٿي رهيو هو. اسان جي سچل ڳوٺ شاخ جي لڳ ڀڳ 20 دوستن ان ۾ شرڪت جي حامي ڀري هئي. مون سوچيو هو ته اتان وري ڳوٺ نڪري وڃبو جو موڪلون هيون. اسان سچل ڳوٺ مان نڪتاسين ته چئن گاڏين جو قافلو هو. سپر هاءِ وي تان گڏاپ ۽ گلشن حديد شاخ جا دوست به گڏيا ۽ ايئن هي قافلو هالا لاء روانو ٿيو.
کنڊو ۾ جمعي نماز پڙهيسين ۽ سڌو مخدوم محمد زمان طالب المولا لا ڪاليج هالا پهتاسين، رجسٽريشن ڪرائڻ کانپوء سڌو آڊيٽوريم وياسين. اسماعيل پنهنور اسٽيج کي سهڻي نموني سنواريو هو. دوستن سان گڏ ماني کائي، رجسٽريشن ڪرائي. مونکي تانگهه هئي ته لطيف سرڪار تي حاضري ڀريان. سائين ربنواز ڀٽو، مان، مرتضى وساڻ، چاچو الهداد گوپانگ ۽ ثناءُ الله راڄڙ گاڏي ۾ چڙِهي ڀٽ شاهه روانا ٿياسين.
الائي ڇو ڀٽائيءَ جا بيت ور ور ڪري پئي ذهن ۾ وسيا. ڀٽائي سنڌ جو اهو مفڪر، ڏاهو ۽ رهنما آهي جنهن پنهنجي بيتن ۾ رهنمائي وارا نقطا ڏسيا آهن ۽ اهڙا ته بيت سرجيا آهن جيڪي انقلاب جو اهڃاڻ آهن. ڀٽائي ڪنهن هڪ دور جو شاعر ناهي، هو ته هر دور جو شاعر آهي، هو ڪيڏو وطن پرست شاعر آهي اهو سندس هڪ بيت مان ئي واضح آهي ، جيڪا دعا به آهي.

سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

پر اسان لطيف کي هڪ عظيم مفڪر ۽ عظيم قومي رهنما بدران هڪ تمام وڏو پير يا بزرگ ۽ مرشد بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙا منظر سندس روضي تي دعائون گهرڻ ۽ احاطي ۾ بيٺل ڪرڙ جي وڻ ۾ ٻڌل ڌاڳن مان پوي ٿي. جنهن قوم ۾ اهڙو ڏاهو ۽ مفڪر هجي جيڪو شاعري جي سٽن ۾ پنهنجي قوم جي بي فڪري ۽ لاپرواهي کي ڏسي پيغام ڏيندي چوي ته “جاڳو جاڙيجا، سما سک م سمهو”، جيڪو پنهنجي قوم جي عام ۽ سادن ماڻهن کي بُک ۽ بدحالي مان نڪرڻ جو درس ڏئي، جيڪو وڏي واڪي ڌرتي ڌڻين کي چوي ته مان ان کي پنهنجو سمجهندو آهيان اهڙي عظيم شاعر جي پيغام کي سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ اسان سڀني جو اولين فرض آهي.
دنبوري چوڪ تي پهتاسين ته اسانکي پوليس واري روضي طرف وڃڻ کان روڪيو. اسان گاڏي ساڄي طرف ڪانفرنس هال واري رخ ۾ موڙي روڊ تي هڪ طرف بيهاري. ان گهٽيءَ ۾ صفائيءَ جو نالو نشان به ڪونه هو. ڪيمرا کڻي ڀٽائيءَ جي روضي جي احاطي ۾ پهتاسين. چپلون لاهي اڳتي وڌياسين ته اسانکي روڪيو ويو، پڇڻ تي خبر پئي ته سجاده نشين وقار لطيفي صاحب حاضري پيا ڏين. اڳيان وقر صاحب هيو ۽ پويان ڪجهه ماڻهو هيس، شاهه صاحب ٻهاري هٿ ۾ کڻي علامتي طور ٻهاري گهمائي هيٺ ويٺو ۽ دعا گهريائين. اسان سڀ به دعا ۾ شامل ٿياسين. سائين وقار لطيفي سان ان کان اڳ سچل ڳوٺ ۾ ملاقاتون آهن، هڪ دفعي ته پاڻ اسحاق انصاري صاحب جي ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ لاجواب تقرير ڪئي هئائون. منهنجي خواهش هئي ته سائينءَ سان ملجي پر روڪيو ويو ته ساڻس بنگلي تي هلي ملاقات ڪيو.
هاڻي اسان لطيف سائينءَ جي روضي جي سامهون آهيون، هٿ مٿي کنيل آهن، نگاهون جهڪيل آهن. اسان دنيا جي عظيم شاعر جي احاطي ۾ موجود راڳين جو روايتي جهونگاريندڙ آواز ٻڌون ٿا. مان اهو راڳ ٻڌڻ لاءِ ڪيئي دفعا ويٺو آهيان پر سمجهي ناهيان سگهندو، صرف سُر ۽ آلاپ ٻڌندو آهيان. ڀٽائيءَ جو راڳ ته مان عابده پروين، محمد جمن ۽ محمد يوسف کان ٻڌو آهي، جيڪو سمجهه ۾ ايندو آهي. ڪجهه تصويرون ڪڍون ٿا ۽ پوءِ روضي ۾ اندر وڃون ٿا. اکيون پرنم آهن، هٿ دعا لاءِ کڄيل آهن :

ستر ڪر ستار آءُ اگهاڙي آهيان
ڍڪين ڍڪڻھار ڏيئي پاند پناهه جو.

وري شيخ اياز جون سٽون ياد ٿيون اچن:

ڀرسان تنهنجي ڀٽ ڌڻي جهلي بيٺس جهول
ڏنئي ٻه ٽي ٻول، سخي منهنجي ساهه کي

ڪڻا کنيم ڪيچ مان، کليا تنهنجا کيت،
مون وٽ مڙئي بيت، تو وٽ آهن آيتون !

سامهون نڪري سائين حبيب شاهه جي مزار تي نظر وجهون ٿا. دير به پئي ٿئي وري ٻاهر اچي راڳين سان گڏ ويهون ٿا ۽ احاطي ۾ سڪون ملي ٿو. پر اتي پنندڙن ۽ ڌاڳا ٻڌندڙن بيهڻ ئي نه پئي ڏنو. ان کان اڳ جو انهن تي ڪاوڙ ڪڍون اسان هاڻ پاڻ ئي واپس ورڻ چاهيو. مان سوچيان ته ڇا هنن ماڻهن لطيف جون هي سٽون ناهن پڙهيون:

پنڻ جي پورهيي مان ڪنهن نه ڀريا پَل
مانجهي اهي ملهه هر جنين جي هٿ ۾

هاڻي ٻاهر نڪري ڪراڙ طرف وڌون ٿا. رستي جي ٻنهي پاسي گندو پاڻي بيٺو آهي، گٽر اٿليل آهن، ڇيڻا گهٽين ۾ پيا آهن، ڌپ پئي اچي .... هي آهي لطيف جي نگري، هي آهي ڀٽ شاهه جي نگري .... مان سوچيم پئي ڪيڏي آس هئي اچڻ ۽ ڪيڏي مايوسي ٿي انتظام ڏسي وري به لطيف ياد آيو:

ڏورِيان ڏورِيان مَ لَهان !، شالَ مَ مِلان هوتَ
مَنَ اَندَرِ جا لوچَ، مَڇُڻِ مِلَڻَ سان ماٺِي ٿِيَي

ڪراڙ جي هن ڪپ تي وڃڻ لاءِ نڪرون ٿا جتي سنڌ جو هڪ ٻيو عظيم شاعر، ليکڪ ۽ نثر نگار شيخ اياز مدفون آهي. اهو اياز جيڪو لطيف سائين مان اميدون ٿو رکي، ڇو ته هو سنڌ جي ماڻهن مان مايوس آهي.

جاڳ ڀٽائي گهوٽ! سنڌڙي ٿي توکي سڏي،
مرن پيون مارئيون، قابو آهن ڪوٽ،
اچ ته تنهنجي اوٽ، ڏاڍن کي ڏاري وجهون.

شيخ اياز




No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو