استاد محمد جمن
: سنڌي راڳ جو بادشاهه راڳي
محمد سليمان وساڻ

اُستاد محمد جُمن حاضر مجلس کي پرکي ۽ پروڙي راڳ ڳائندو هو، پوءِ ڇو
نه نيم ڪلاسيڪي يا خيال ۽ ٺمري ڳائڻا پون، شاهه جي رسالي سان استاد جي عشق جي اها حالت
هُئي جو رسالي جي سڀني داستانن کي ويهي راڳ ڪمپوز ڪيائين....جنهن لاءَ کيس ڏينهن رات
نُور نچوئڻو پيو ۽ اهڙيءَ طرح ثابت ڪري ڏيکاريائين ته ڀٽائي جو هر داستان راڳ به آهي.
استاد محمد جُمن جا اهي شاگرد جيڪي عام تائين پهتا انهن جا نالا هن ريت
آهن،شفيع محمد( استاد جو فرزند) علي محمد خاصخيلي، زيب النساء حُسين بخش خادم، روبينه
قُريشي، زرينه بلوچ ، قادر علي، سشيلا مهتاڻي ۽ اُستاد جو ننڍي فرزند غلام اويس .
استاد محمد جمن کي 1980ع ۾”پرائيڊ آف پرفارمنس“ ايوارڊ ڏنو ويو جڏهن
ته 2 ڀيرا شاهه لطيف ايوارد، سچل سرمست ايوارڊ، قلندر لعل شهباز ايوارد، مصري شاهه
ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ايوارڊ ماڻيا. موسيقي جي حوالي سان
1960ع ۽ 1970ع ٻه ڏهاڪا مرحوم استاد محمد جمن جا عروج جا هئا. ملڪ جي اهم شخصيتن مرحوم
صدر ايوب، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مرحوم صدر ضياءَ الحق جون محبتون ماڻي چڪو هو. ملڪ
جا حڪمران جڏهن به ڪنهن موسيقي جي محفل ۾ شريڪ ٿيندا هئا ته کائنس سر راڻو ٻڌائڻ جي
فرمائش ڪندا هئا .
مرحوم تقريبن 15 سال بيماري جي بستري تي گذاريا، هن سائي ۽ شگر جي بيماري
سبب 24 جنوري 1990ع تي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو ۽ ميوا شاهه قبرستان
۾ دفن آهي،
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو