January 17, 2013

يرغمال ڪراچي ۽ ذهنن تي ڇانيل خوف


يرغمال ڪراچي ۽ ذهنن تي ڇانيل خوف
محمد سليمان وساڻ

ڪو وقت هو جڏهن انسان انسان کي ڳوليندي پاڻ کي محفوظ سمجهندو هو پر اڄ تهذيب يافته ۽ ٽيڪنالاجي جي دنيا جو هوشيار ۽ تهذيب يافته انسان پنهنجو پاڻ کي انسان کان ئي غير محفوظ سمجهي رهيو آهي. ڪالهه صبح جو آفيس پهتس ته عجيب خدشا هيا، ڇو ته وزير اعظم جي گرفتاري وارو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ هيو ۽ ان جي نتيجي ۾ حالتون خراب ٿي پئي سگهيون. ٻئي طرف اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر طاهر القادري جي لانگ مارچ ۾ هن اچوڪي ڏينهن جي ڊيڊ لائين ڏيندي ڪجهه به ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي ۽ هوڏانهن اسان جي ميڊيا کي شايد اهڙي چٽپٽي خبرن کان بهتر ڪو ڏينهن مليو هجي.

لنچ کانپوء آفيس جي معمول جي ڪمن ۾ مصروف هيس ته هڪ خبر آئي ته ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي منظر امام کي سندس ٽن محافظن سميت قتل ڪيو ويو آهي. اها خبر تيزي سان پکڙي رهي هئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي منهنجي سامهون آفيس جا سڀ ساٿي پنهنجا پنهنجا ڪمپيوٽر بند ڪري ۽ آفيسون لاڪ ڪري گهر طرف روانا ٿيڻ لڳا ۽ مونکي به چيائون ته جلدي نڪري وڃ نه ته هر طرف باهه هوندي. ان وقت اسان جو هڪ ڪسٽمر هڪ مسئلو کڻي آفيس ۾ داخل ٿيو، مان کيس سڀاڻي اچڻ جو چيو، ڇو ته سڀ سسٽم بند ٿي چڪا هئا پر هو بضد هيو ته مسئلو حل ڪيو. شايد هن کي ٻاهر جي خبر نه هئي مان کيس ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم جو هڪ ايم پي قتل ٿيو آهي ۽ حالتون خراب ٿي رهيون آهن. منهنجو اهو چوڻ ۽ اهو شخص بيٺي پير ٻاهر ڀڳو.


مون لاء پريشاني اها هئي ته سچل ڳوٺ کان ايندي منهنجي ڊرائيور کي اڌ ڪلاڪ لڳي پئي سگهيو ۽ مان سوچي رهيو هوس ته جيڪڏهن حالتون واقعي ايتريون خراب ٿيون ته مان ته ڦاسي پوندس پر منهنجو ڊرائيور به ڪٿي منجهيو پيو هوندو. ايتري ۾ منهنجي فون تي انيڪ ميسيج ايندا رهيا ۽ گهروارن ۽ دوستن جون به ڪالز اينديون رهيون ته  جلدي حفاظت سان گهر پهچڻ جي ڪيو. ڪجهه ئي لمحن ۾ آفيس خالي ٿي چڪي هئي. ۽ مان پڻ ٻاهر روڊ تي اچي چڪو هئس. ماڻهن ۾ عجيب خوف ۽ پريشاني هئي هر چهرو ڊنل لڳي رهيو هو. گاڏيون تيزي سان گذري رهيون هيون ۽ ڪجهه ته بي قابو ٿي پاڻ ۾ ٽڪرائجي رهيون هيون. مان هڪ رڪشي واري کي سچل ڳوٺ هلڻ جو چيو پر هن موسميات تائين هلڻ جو چيو. رڪشي ۾ ويهي اڳتي هليس ته روڊ بري طرح جام لڳو پيو هو. سڀ دڪان ۽ بازارون بند ٿي چڪيون هيون. ماڻهو ڪي پيدل ته ڪي گاڏين تي پنهنجي گهرن طرف وڃي رهيا هئا. ڪراچي مڪمل بند ٿي چڪو هو.

روڊ تان هلندي مونکي ڪٿي به نه ته ڪا پوليس ۽ نه ئي وري رينجرز نظر آئي. ڪٿان ڪٿان هلڪي فائرنگ جا آواز ماحول ۾ اڃان وڌيڪ خوف ۽ ڊڄ پيدا ڪري رهيا هيا. ڪنهن کي به ڪنهن سان همدري نه هئي، ڪو به ڪنهن ٻئي لاء ڪونه پيو سوچي بس سڀ ڪنهن کي گهر پهچڻ جي جلدي هئي. گهر پهچي خبر پئي ته مختلف علائقن ۾ گاڏين کي باهيون ڏنيون ويون آهن، هوائي فائرنگ ٿي رهي آهي. ڪراچي سان گڏ حيدرآباد، نوابشاهه ۽ ميرپور خاص ۾ فائرنگ جا واقعا ٿي رهيا هيا. سوچي رهيو هوس ته ماڻهن جي ذهنن تي ايڏو خوف ڇو آهي؟ اسان اهڙين حالتن مان ڪيئن نڪرنداسين؟ ڇا ان خوف ۾ جيئندا رهنداسين؟ ۽ ايئن سوچيندي ننڊ اچي وئي. اڄ صبح جو سوير تيار ٿي آفيس لاء روانو ٿيو آهيان ، ڪراچي جو هڪ اهڙو صبح جيڪو سخت ٿڌ جي ور چڙهيل آهي، روڊ بلڪل سنسان آهن، ماڻهن ۾ خوف آهي، دڪان بند آهن، پيٽرول پمپ بند آهن، ۽ اهو روڊ جتان هزارين گاڏيون لگهنديون آهن ۽ انهن هزارين گاڏين ۾ لکين ماڻهو سفر ڪندا آهن، اهو روڊ جنهن تي هلندي آفيس پهچڻ ۾ 45 منٽ لڳندا آهن، اڄ مان صرف 10 منٽن ۾ آفيس پهتو آهيان. اهو روڊ سنسان آهي جنهن تي هزارين گاڏين ۾ لکين ماڻهو سفر ڪندا آهن، اهو روڊ جنهن تي گلڙن جهڙا هزارين ٻار پنهنجي روشن مستقبل جا سنهري خواب ڏسندي اسڪول ويندا آهن، اهو سنسان آهي. اهو روڊ جنهن تان هزارين مزدور پنهنجي گهرن جي چلهن ٻارڻ جي آس کڻي سفر ڪندا آهن، اهو سنسان آهي. اهو روڊ جنهن جي ٻنهي پاسي بازارن ۽ دڪانن ۾ ماڻهن جي پيهه هوندي آهي سو سنسان آهي. سڀ ڪو پنهنجي روز جي هڙتال سبب پنهنجي خوابن جي تعبير کي ڌنڌلو ٿيندي محسوس ڪري ٿو. گهر کان ايندي آفيس تائين وري به ڪا پوليس يا رينجرز جي نه تا ڪا گاڏي نظر آئي ۽ نه ئي ڪا چيڪ پوسٽ. آفيس ۾ سناٽو آهي ۽ مان پنهنجي ئي يرغمال شهر جي هڪ آفيس ۾ اڪيلو آهيان. 

1 comment:

  1. shayed eho khof ain drij asaan maahrun ji qismat mei likhjii chuko aahy !!!ain qismat mei likhanr waara bhii asaan ja pehnja ayi aahin!!!

    ReplyDelete