شهيد
غزالا بتول کي سرخ سلام
سليمان وساڻ

ان ريلي ۾ سنڌ جي هڪ اهڙي نياڻي به شامل هئي جيڪا پي آء اي ۾ ايڊورٽائيزنگ آفيسر هئي ۽ سندس رڳ رڳ ۾ سنڌ امڙ جو خون سمايل هو۔ هوء جيڪا سنڌ سان پيار ڪندڙ هئي ۽ سنڌ تان فدا ٿيڻ جون ڳالهيون ڪندي هئي۔ 11 مارچ 1969ع ۾ دادو ضلعي جي علمي ۽ ادبي شهر پاٽ شريف ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جي هن بهادر نياڻيءٰ شهيد غزالا بتول صديقي سان منهنجي ڪا ويجهڙائپ ته ڪانه هئي پر ٻوڏ متاثرين لاء سچل ڳوٺ ۽ ڀرپاسي ۾ جيڪي ڪيمپون لڳيون هيون انهن ۾ هن اڳتي وڌي ڪم ڪيو هو۔ پي آئي اي ۾ رهندي هن سنڌي اخبارن ۽ رسالن کي اشتهار ڏيڻ ۾ به خاص مدد ڪئي۔ هوء گهڻو سوشل ۽ قومي سوچ جي مالڪ هئي۔ پاٽ شريف ۾ جنم وٺندڙ غزاله جي شادي مظهر زرداري سان ٿيل هئي جيڪو به پي آء اي ۾ آفيسر آهي ۽ کيس چار ٻار هئا جن ۾ هڪ ننڍو پُٽ ته اڃان ستن مهينن جو مس هئس۔ هوء جلد اٽلي وڃڻ واري هئي ۽ کيس صرف ويزا جو انتظار هو ڇو ته سندس ور جي پوسٽنگ پي آء اي جي اٽلي واري آفيس ۾ آهي۔ سندس ڀاء شهاب صديقي اسان جو دوست ۽ سئي گيس ۾ اسان جي آفيسر ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري ۽ سماجي ورڪر آهي۔ غزالا بتول صديقي 1984ع ۾ اين جي وي اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ انٽر زبيده ڪاليج حيدرآباد مان ڪيو. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ هن ڊبل ايم اي ڪئي، هڪ ماس ڪميونيڪيشن ۽ ٻي انٽرنيشنل رليشن ۾.
ان ڏينهن هوء ريلي ۾ شامل ٿي ۽ ان دوران هن ڪي ٽي اين تي به پنهنجا تاثرات ڏنا ۽ چيو ته جيڪو به ماڻهو سنڌ تي ميري اک رکندو ، سنڌ جا پُٽ ته هن تي پوء وار ڪندا، سڀ کان پهرين ان جون ڌيئون ان تي وار ڪنديون۔ ۽ ها پوء سڀني ڏٺو ته هوء نه ته پُٺ ڏئي ڀڳي ۽ نه وري ڊني پر مقابلو ڪندي شهيد ٿي۔ چون ٿا ته هوء عورتن جي اڳواڻي ڪندي جڏهن اڳتي وڌي رهي هئي ته مٿان فليٽن مان ۽ سامهون کان ڪجهه ماڻهن فائرنگ ڪئي ته هن ٻين عورتن کي پويان ڪندي پاڻ اڳيان ٿي بيٺي ۽ فساد ڪندڙن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي۔ جڏهن فائرنگ وڌڻ لڳي ته هن اتي بيٺل پوليس واري کي چيو ته شر پسندن تي فائرنگ ڪيو، ان تي پوليس واري کيس جواب ڏنو ته مونکي اهي اختيار ناهن۔ ان تي شهيد غزاله پوليس واري کان بندوق کسي پاڻ فائرنگ ڪندي چيو ته اسان وٽ ته اختيار آهن ۔۔۔۔۔ پوء هڪ گولي سندس مٿي ۾ لڳي ۽ مٿان کان هڪ پٿر به اچي کيس لڳو ۔ جنهن سبب هن جام شهادت نصيب ڪندي ڌرتيء جو قرض چڪايو۔ هزارين آلين اکين سان سندس اسٽيل ٽائون قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي۔
اسان شهيد غزالا بتول کي سندس ورسيءَ ڏينهن سرخ سلام پيش ڪيون ٿا ۽ ساڳي وقت شرمنده پڻ آهيون ته سندس قاتلن خلاف اسان ڪجهه ڪونه ڪري سگهيا آهيون۔
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو