May 29, 2013

فاطمه ڀٽو : ڀٽو خاندان جي شهزادي ۽ باغي شاعره

فاطمه ڀٽو : ڀٽو خاندان جي شهزادي ۽ باغي شاعره

محمد سليمان وساڻ

پاڪستان جي سياست ۽ پاڪستان جي ٺهيل دستور ۽ سياسي ريتن کان نفرت ڪندڙ ۽ گهري سوچ رکندڙ باغي شاعره ، ڀٽو خاندان جي شهزادي ۽ بين الاقوامي سياست تي ڳوڙها تجزيه ڪندڙ محترمه فاطمه ڀٽو کي سندس 31 هين سالگرهه تي سنڌ سلامت پاران واڌايون پيش ڪريون ٿا۔

29 مئي 1982 تي افغانستان جي شهر ڪابل ۾ مير مرتضى ڀٽو جي جلاوطنيء دوران جنم وٺندڙ فاطمه ڀٽو زندگيء ۾ خوشيون گهٽ ۽ ڏک گهڻا ڏٺا آهن۔ پُر اعتماد انداز سان ڳالهائيندڙ ۽ پنهنجي جذبن کي شاعري ۽ ڪالمن ذريعي بيان ڪندڙ فاطم ڀٽو جي لفظن ۾ تلخي ته ضرور هوندي آهي پر ان کي پيش ڪرڻ جو انداز شائسته هوندو آهي. هُن جنهن پنهنجي ڏاڏي ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت ته ڪانه ڏٺي پر ان کي عوام جي اکين ۾ آيل لڙڪن سان ضرور ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي. هوء جنهن جي شهزادن جهڙي چاچي شاهنواز ڀٽو کي جلاوطنيء دوران شهيد ڪيو ويو ۽ جنهن جي پيء مير مرتضى ڀٽو کي سندس گهر ڀرسان پنهنجي ئي ڀيڻ جي حڪومت ۾ بيدرديء سان قتل ڪري شهيد ڪيو ويو. هوء جنهن جي ڏاڏيِ ڏکن سان وڙهندي گذري هجي ۽ جيئري ئي موت جهڙي زندگي گذاريندي هجي، هوء جنهن جي ڏاهي پڦيء کي ملڪ جي قاتل اسٽيبلشمينٽ، لکن ماڻهن جي مجموعي ۾ شهيد ڪرائي ڇڏي ان جي لهجي ۾ تلخي ته ضروري هوندي. سندس ڏکن واري ڪيفيت شاهه لطيف جي هنن سٽن سان ڪيڏي ٿي ٺهڪي:

سِرجيس ته سور، سامائي ته سُک ويا،
اهي ٻئي پور ، مون نماڻيء نصيب ٿيا۔

سندس دردن جو داستان, سندس احساس، سندس جذبا سندس شاعريء جي مجموئي صحرا جون سرگوشيون Whispering of desert ۽ Songs of Blood & Swords مان واضح آهن. سندس شاعري ڪيڏي پختي آهي ، هن جا خيال ڪيترا گهرا آهن اهو صرف اهو ماڻهو ئي محسوس ڪري سگهي ٿو جنهن سندس ڪتاب ، مضمون ۽ ڪالم پڙهيا هجن.

اڄ سندس جنم ڏينهن تي ذهن جي يادگيرين تي ڀٽو خاندان سان ٿيل ظلمن جي داستان سان گڏ هنن جي دليري، ڏاهپ، ارڏائي ۽ اصول پرستي بار بار دل ۽ دماغ کي جهنجهوڙي رهي آهي. دعا آهي ته سنڌ جي هي نياڻي خوشيون ڏسي ۽ سندس نظريي وارو معاشرو قائم ٿئي۔

______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو