July 02, 2013

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ - جديد سنڌي ادب جو بانيڪار

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ - جديد سنڌي ادب جو بانيڪار

تحرير : محمد سليمان وساڻ

اڄوڪو ڏينهن 3 جولاء جديد سنڌي ادب جي بانيڪار شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي ورسيء جو ڏهاڙو آهي. مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جو سچو خدمتگار ۽ سنڌي ادب جي خزاني ۾ بي بها تخليقون ڏيندڙ شخصيت ٿي گذريو آهي.

مرزا قليچ بيگ جا وڏڙا اصل سنڌ جا ڪونه هئا پر اهي اصل جارجيا جا رهاڪو هئا. شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ ولد فريدون بيگ، 4 محرم 1270ھ مطابق 1853ع ۾ ضلعي حيدرآباد سنڌ جي ڳوٺ “ٽنڊي ٺوڙهي” ۾ ڄائو. سندس ابتدائي تعليم ڳوٺ جي مدرسي ۾ آخوند محمد شفيع وٽان ٿي. جتان قرآن پاڪ ناظران پڙهي پورو ڪيائين. مرزا قليچ بيگ جو ڳوٺ حيدرآباد کان اٽڪل 2 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هوندو هو ۽ هو اتان کان روزانو پنڌ ڪري حيدرآباد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندو هو، ڳوٺان نڪرڻ بعد پهريان سنڌوءَ جي آخوند ولي محمد وٽ ويندو هو ۽ پوءِ آخوند صاحب کين اسڪول ۾ خود وڃي ڇڏي ايندو هو. نهايت ذهين هئڻ ڪري پهرين کان انگريزي تائين پهريون نمبر ايندو رهيو. سنڌ جي نالي واري ليکڪ قاسم ٻگهيو پنهنجي هڪ سنڌي ادبي ڪتاب “سنڌي ادب جو سدا روشن سج”  ۾ لکيو آهي ته جڏهن مرزا قليچ بيگ پنجين درجي ۾ پڙهندو هو ته ان وقت هڪ انگريز بهادر فلٽن سنڌ جو ايجوڪيشنل انسپيڪٽر هو ۽ هڪ ڀيري هن حيدرآباد هاءِ اسڪول جو دورو ڪيو ۽ ان اسڪول جو هيڊماستر “ڀنڊارڪر” هو جنهن ان انگريز آفيسر کي چيو ته هي ننڍڙو مرزا شاعري جو وڏو هوشيار آهي سو انگريز آفيسر به شاعرن جو قدردان هو تنهن هڪڙو ڪاغذ جو پنو ۽ پين کڻي مرزا کي ڏنائين ۽ چيائين ته هن تي ڪونئون شهر ٺاهي ڏيکار ٿورڙي دير بعد مرزا قليچ بيگ هڪ مناجات ٺاهي اچي فلٽن کي پيش ڪئي، اهڙي شاعري کان متاثر ٿيندي ان سنڌ جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر فلٽن انهي پنجين درجي جي شاگرد مرزا قليچ بيگ کي هن ساڳي ئي حيدرآباد اسڪول ۾ چاليهه روپين جي ماهوار پگهار تي فارسي جو استاد مقرر ڪيو جيڪو پنجين درجي کان گهٽ وارن ڪلاسن کي باقاعده فارسي به پڙهائيندو هو.
  مرزا قليچ بيگ 1872ع ۾ بمبئي جي ايلفيسٽن ڪاليج ۾ دخلا ورتي جتي فارسي ۽ ترڪي زبانن ۾ وڏي مهارت حاصل ڪيائين. مرزا قليچ بيگ فارسي جو تمام گهڻو ماهر هو ان ڪري کيس هن ئي ڪاليج ۾ فارسي پڙهائڻ جو اعزاز مليو ان وقت کيس ترڪي زبان ۾ تمام گهڻي ڄاڻ هئڻ ڪري ساڻن ترڪي جي هڪ سفير بمبئي ڪاليج ۾ اچي ملاقات ڪئي.  پاڻ ترڪين سان ويجهو رهي ترڪي زبان ۾ مهارت حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ هن مرهٽي، پارسي، عربي، گجراتي، سنڌي، هندي، انگريزي سان گڏ رهي اهي ٻوليون سکيون ۽ انهن ٻولين ۾ مهارت به حاصل ڪيائين اهڙين زبانن سکڻ بعد مرزا سنسڪرتن سان گڏ رهي سنسڪرت زبان سکيو پٺاڻ ۽ بلوچن سان گڏ رهي پشتو ۽ بلوچي زبان سکڻ ۾ ڪامياب ٿيو مرزا صاحب جنهن زبان، نسل يا مذهبن واري ماڻهو سان گڏ رهندو هو ته ان جي زبان سکڻ سان هن جي مذهب جو سمورو ڍانچو دماغ ۾ رکي اهو ان ٻولي ۾ ڪتابن جي صورت ۾ پيش ڪندو هو.
 مرزا صاحب پنهنجي سرڪاري نوڪريء جي شروعات روينيو کاتي ۾ ڪلارڪيء کان ڪئي ۽ جلد مئجسٽريٽ جو امتحان به پاس ڪيائين ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. پر پنهنجي ادبي کيتر ۾ به ڪم ڪندو رهيو. هي ذهين، سنجيده، صلح پسندي ۽ اورج انسان، طبعاً رلڻو ملڻو حاضر جواب ۽ خوش طبعي هو. سنڌي شاعريءَ جي سسلي ۾ سندس مڪمل ديوان آهي “ديوانِ قليچ” ان کانسواء شاعريء جي مختلف صنفن تي ڪم پڻ ڪيو اٿس. نظم کان علاوه نثر ۾ به هن سنڌي ادب جي بي لوث خدمت ڪئي آهي بالخصوص ناول، ڊراما (ناٽڪ) ادب، تنقيد ۽ صرف ونحو جهڙن اهم موضوعن تي تقريباً ساڍا ٽي سئو کن ڪتاب قلمبند ڪيا اٿس.

 پاڻ ادبي کيتر ۾ ڪم ڪندي سنڌيء سان گڏ مختلف ٻولين ۾ 350 کان مٿي ڪتاب لکيا آهن (ڪن هنڌن تي 450 کان مٿي ڪتابن جو ذڪر آهي) جن مان 42 ڪتاب هن انگريزي مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا. سندس 76 ساله زندگيء ۾ لازمي آهي ته هن لکڻ جي شروعات 18 سالن کانپوء ئي ڪئي هوندي ، ان حساب سان هن اسان کي سراسري طور هر سال 7 ڪتاب ڏنا آهن جيڪو هڪ رڪارڊ هجڻ سان گڏ سنڌي ادب تي احسان پڻ آهي.
 سنڌ جي تاريخ، شاعري، لطيفيات، ناول، ٻولي، گرامر، لغت ۽ ٻاراڻي ادب سان گڏ هر رخ تي ڪم ڪيو اٿس. سنڌ جي تاريخ تي مرزا قليچ بيگ هيٺيان 8 ڪتاب لکيا، جن جي تاريخي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. (1) چچنامو (انگريزي) ، (2) سنڌ جي تاريخ (انگريزي) ، (3) سنڌ جي تاريخ تصويرن سان، (4) سنڌ جي مختصر تاريخ ، (5) سنڌ جا قديم شهر ۽ انهن ۾ وسندڙ ماڻهو ، (6) رياست خيرپور جي تاريخ ، (7) چچنامو (سنڌي).
ٻولي، لسانيات، لغت هڪ حساس ۽ اهم موضوع آهي، جنهن بابت مرزا قليچ جو ڪيل ڪم بنيادي حيثيت رکي ٿو. جيتوڻيڪ ٻولين جي نظرين ۾ جديد تحقيق جي حوالي سان وڏي تبديلي اچي چڪي آهي، پوءِ به مرزا صاحب جي ڪم کي ٻوليءَ ۽ لسانيات جا ماهر وساري نٿا سگهن. مرزا صاحب (1) لغات لطيفي،  (2) سنڌي وياڪرڻ (چار ڀاڱا)  (3) Philological curiosity،  4)  سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ،  (5) سنڌي لغات قديمي، (6) پهاڪن جي حڪمت (7) پارسي زبان جي تاريخ ۽  (8) Persian entomology  جهڙا ناياب ۽ قيمتي ڪتاب لکي، پنهنجي علميت ۽ ڏاهپ جي ڇاپ ڇڏي آهي.
لطيفيات جي موضوع تي ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ ايڇ ٽي سورلي کان سواءِ اوائلي لطيفي پارکن ۾ سنڌي عالمن مان مرزا قليچ بيگ ئي واحد اديب ۽ عالم هو، جنهن 8 ڪتاب لکيا. انهن ۾ (1) شاهه جو رسالو، (2)Life of Shah Abdullah  ، (3) ساڳئي ڪتاب جو سنڌي ترجمو: احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو، (4) شاهه جي مختلف سُرن جي تشريح تي مشتمل ڪتابڙا ، (5) لغات لطيفي،  (6) لطيفي لات ۽ (7) شاهه جي رسالي جي ڪنجي (هي ڪتاب اڃان اڻ ڇپيل آهي).
 مرزا قليچ بيگ زراعت جهڙي موضوع تي به  ٻه ڪتاب “باغ ۽ باغباني”  ۽  “زمين پوکڻ جو علم ۽ هنر“ لکيا آهن. ٻاراڻي ادب ۾ به سندن لکيل ڪتاب اهميت وارا آهن. ٻارن لاء لکيل سندن ڪتابن ۾ 1. ٻه جاڙا ڀائر 2. نيلو پکي 3. لبا خان درزي ۽ خليفو ڪھنگ 4. پائي وائي پائي وزو 5. پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون، 6. رستم، 7. شهزادي قدم برگ، 8. شھزادي محبوب جي آکاڻي ، 9. شمرانه عرف شيطان جي ناني ، 10. وامق عذرا ، 12. عجيب طلسم، 13. ٽي ديو يا راڪاس ۽ 14. شخصيتون.
        مرزا قليچ بيگ  تقريبن ڏهه ناٽڪ لکيا ۽ ٻارنهن ناول لکيا. سندس ناولن مان زينت، دلارام ، خودياوري، حاجي بابا اصفحاني ۽ جولئن هوم تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. سندس ناول زينت ۽ دلارام اهي ناول آهن جيڪي سماجي وهنوار تي ٻڌل هئا، جن ۾ نيڪي بدي جا اطوار ۽ اخلاقي نڪتا شامل هئا. هنن ناولن ۾ بنيادي طرح سيرت ۽ تقدير جو فلسفو موجود آهي. سندس علمي، ادبي ۽ تعليمي خدمتن جي عيوض کيس ان وقت جي سرڪار 1924 ع ۾ “شمس العلماءِ (عالمن جو سج)” جو خطاب ڏنو.
   مرزا قليچ بيگ جڏهن 19 آگسٽ  1928 ع   تي رٽائر ٿيڻ بعد بمبئي ويو ته اتي کيس گردي ۾ سور جي تڪليف ٿي ۽ ان دوران ڊاڪٽرن کيس لکڻ کان به روڪيو پر پاڻ لکڻ کي روڪي نه سگهيو ۽ ادب سان محبت ڪندي ڪيترائي ڪتاب لکندو رهيو. بمبئي مان موٽڻ کانپوءِ پاڻ 1929ع اپريل جي پهرين تاريخ هالا جي مخدوم صاحب وٽ ويو اتان موٽندي کيس گردن ۾ ڏاڍي تڪيلف پيدا ٿي پئي نيٺ گردن جي سُور کيس لکڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ پهرين جولاءِ 1929ع  وارو سندس لکڻ جو آخري ڏينهن هو ان ڏينهن کانپوءِ قلم هٿ ۾ کڻي نه سگهيو ۽ آخر 2 جولاءِ 1929ع وارو سڄو ڏينهن کيس دل تي ڏاڍي مونجهه رهي آخرڪار رات جو  11 وڳي اڇي چادر تاڻي سڌو ٿي سمهي رهيو ۽ ان حالت ۾ ئي 3 جولاء 1929ع تي سندس روح جو پکي پرواز ڪري ويو ۽ پاڻ خالق حقيقي سان وڃي مليو.
         شمس العلماء مرزا قليچ بيگ اڄ اسان ۾ موجود ناهي پر هڪ صدي گذرڻ کانپوء به سندس سنڌي ادب ۽ ٻوليء لاء ڪيل بي لوث  خدمتن سبب سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو کيس وساري ناهن سگهيا ۽ هو سدائين سندن دلين ۾ موجود رهندو.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو