July 30, 2013

سچل سچي ڳالهه عشق دي



سچل سچي ڳالهه عشق دي ..........

محمد سليمان وساڻ

جڏهن به تصوف جي ڳالهه ڪبي ته سنڌ جي انهن صوفي شاعرن جو نالو ايندو جن پنهنجي فڪر ۽ شاعريء ذريعي محبت جي سرهاڻ ۽ مهڪ سان دنيا کي واسيو آهي. اهڙي ئي تصوف جي مڪتبن مان هڪ درازا شريف به آهي. درازن جي دولهه سچيڏني جيڪو سچو ۽ سچل جي نالن سان به مشهور آهي پنهنجي صوفي فڪر ذريعي دنيا جي سڀني انسانن کي محبت ۽ پيار جو سبق ڏنو آهي.

تصوف جو اهو تسلسل شاهه لطيف جي سلسلي جي ئي ڪڙي آهي جڏهن لطيف درازن ۾ اچي چوي ٿو ته اسان جيڪو ڪنو چاڙهيو آهي ان جو ڍڪڻ هي نينگر لاهيندو. دنيا ڏٺو ته اهو نينگر ميان عبدالوهاب سچل ۽ سچو ني نالي سان نروار ٿيو ۽ سندس شاعري ستن زبانن ۾ ڪيل آهي انڪري ئي کيس هفت زبان شاعر سڏيو وڃي ٿو. تصوف ۾ وحدت الوجود جو نظريو رکندڙ سنڌڙيء جي هن سر موڙ شاعر جي دور ۾ مذهبي انتها پسندي، ناقص پيري ۽ تصنع سان مُزين فقيري عام هئي. پر هن پنهنجو آواز سچائي سان پيش ڪيو ۽ سندس ڳالهه وقت جا ملا ۽ پنڊت سمجهي ڪونه سگهيا. مذهبي انتها پسندي جي ان رجهان کي ڏسي سچل چيو ته :

مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا
شيخي پيري بزرگي بيحد ڀُلايا
آڏو ڪين آيا عقل وارا عشق کي.


سندس شاعريء ۾ تصوف جا رنگ هجن ۽ موسيقي نه هجي اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي. سندس شاعري اها سرائيڪي هجي يا سنڌي يا وري اردو مختف فنڪارن اهڙي ته رنگ ۽ سرور سان ڳائي آهي، جو ٻڌندڙ جهومندا رهندا آهن. سچل جي عشق ۽ رمز جو پيغام ڪنهن ڪتابن يا لائيبريرن ۾ قيد ناهي پر سنڌ ۽ هند کانسواء دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ڳايو وڃي ٿو ۽ سچل جي سڃاڻ به سندس فلسفي ۽ فڪر جي ڪري آهي.

انسان ذاتِ پات ۽ درجه بندي واري ويڇن ، وڇوٽين، فرقن ، تڪرارن هڪ ٻئي تي برتري جهڙن ڪُڌين جبلتن جو شڪار آهي. انتها پسندي جو لاڙو وڌي رهيو آهي، مذهبي ڪٽرپڻي ۾ واڌارو اچي رهيو آهي. فرقي پرستي جا بنياد مضبوط ٿي رهيا آهن. مذهب جي نالي تي انتها پسندي ۽ ٻين اڳراين سان گڏ الله تعالى جي عظيم تخليق کي جهاد جي نالي تي انسان دشمني جو زهر ڀريو پيو وڃي پر سچل ان کي رد ٿو ڪري:

نا مين هندو نا مين مومن سچل نانءُ سڏايان
*
ڪاٿَئِين ڪافر ڪاٿَئِين مومن، ڪاٿَئِين سوري سر هلائي
ڪاٿَئِين گُسائين ، ڪاٿَئِين سنياسي ڪاٿَئِين بت بنائي.


انسانيت، انسان ذات ۽ مخلوق سان بي پناھ پيار سچل سائين جي شاعريء مان نروار آهي. سندس شاعري ۽ فڪر کي سمجهڻ لاء به سچل جهڙي ذهن جو ماڻهو کپي پر هن تي تهمتون ۽ فتوائون جاري ڪيون ويو پر پوء هو محبت، سچائي ۽ پيار جو درس ڏيندو رهي ٿو ۽ سندس اندر ۾ مٺـڙن مـاروئڙن جي سُک ۽ سلامتي جون سَڌون سمايل آهن.

سدا هئن سکيا ، ماروئڙا ملير ۾
شل نه ڏينهن ڏکيا ، اچن آجڙين تي !


سچل سرمست لاء عشق وڏي اهميت رکي ٿو. عشق کي انساني زندگي لاءِ سڀ کان اهم ٿو سمجهي ۽ فرمائي ٿو ته عشق انسان جو رهبر آهي جيڪو انسان ذات کي حقيقت تائين پهچائي ٿو. انسان کي جيڪڏهن ڪنهن رهبر جي ضرورت آهي ته اهو عشق ئي آهي :

عشق هي امام ميرا، ديگر امام ڪيا هي،
ميخانه مين هوا، جرعه يا جام ڪيا هي،
بغير عشق دي، ڏوجها ڪوئي ڪمال نهين،
نهين جو عشق، ته اي دوست تيڏا حال نهين.


سچل عشق کانسواء ٻيو ڪجهه ڪونه ٿو سمجهي ۽ ٻين ڪمن کي اجايو ٿو سمجهي. سندس خيال ۾ عشق حقيقيءَ ۾ عاشق کي هر قسم جي قرباني ڏيڻي پوي ٿي. ايتريقدر جو عشق جي باهه ۾ سڙي خاڪ به ٿيڻو پوي ٿو. سچل سرمست انهن عاشقن جي خاڪ پنهنجي اکين ۾ به وجهڻ لاءِ تيار آهي. چوي ٿو:

خاڪ عاشق دي اکيان وچ، سرمه جوڙڪي پويسون
عاشق سو جو سرمه ٿيوي، ڳالهه اهين دي ڪيهي ايهي عجب جيهي.


رمضان جي 14 کان سچل جي نگري سندس عشق جي فلسفي ۽ محبت جي پرچار ڪرڻ لاء گڏ ٿيل عاشقن ۽ سندس ڪلام سان پئي گونجي. سنڌ جي مختلف واهڻن ۽ وستين کان هلندي ماڻهن جو پنڌ درازا ڏانهن آهي. سچل جي نگري سچ جي نعرن ۽ سچائيء جي فڪر سان واسيل آهي. انسانيت جا نعرا سچل جي نگري ۾ گونجي رهيا آهن ۽ اهو پيغام ڏئي رهيا آهن :

سچ ٿا مرد چون ڪنهن کي وڻي نه وڻي !
______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو