June 02, 2014

پهرين سنڌ سروسز اورڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيندڙ تقريب

پهرين سنڌ سروسز اورڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيندڙ تقريب

رپورٽ: محمد سليمان وساڻ

سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي طرفان ايڇ بي اين ميڊيا جي سهڪار سان پهرين سنڌ سروسز اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي تقريب آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ پهريون دفعو سنڌ جي سرڪاري ڪامورن ۽ سياسي شخصيتن کي سندن سماجي، سياسي ۽ ادبي خدمتن عيوض سنڌ سروسز اوارڊ ڏنا ويا. ان موقعي تي ادب ۽ فن سان واڳيل شخصيتن کي به اوارڊ ۽ شيلڊ پيش ڪيون ويون. هن تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ سرڪاري ڪامورن، ادبي ۽ سياسي شخصيتن ۽ فنڪارن پنهنجي فيمليز سان گڏ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ناليواري فنڪارن گيت پيش ڪري محفل کي مچايو.
جن شخصيتن کي اوارڊ ڏنا ويا انهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جو اڳوڻو وائيس چانسيلر پروفيسر مظهر الحق صديقي،  آرٽس ڪائونسل ڪراچي جو جنرل سيڪريٽري محمد احمد شاهه، اڳوڻو صوبائي وزير عبد الحق ڀرٽ، ايم پي اي سيد مراد علي شاهه، ايڊيشنل آءِ جي پوليس سائين رکيو ميراڻي، ڊي آءِ جي پوليس عاشق بوزدار، صدر پريس ڪلب ڪراچي امتياز خان فاران، اسپيشل سيڪريٽر رورل ڊولپمينٽ اڪبر لغاري، ايڪسائيز کاتي جو سيڪريٽري عبدالمجيد پٺاڻ، سيڪريٽري زڪوات ۽ عشر محمد رمضان اعواڻ، چيئرمين فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي بشير مورائي، اڳوڻو وي سي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اڪبر حيدر سومرو، ڊاڪٽر نذير ڪلهوڙو، ناميارو سفرناما نگار ۽ ليکڪ الطاف شيخ، شاعر ۽ ليکڪ ادل سومرو، ناميارو راڳي ۽ شاعر بيدل مسرور، اداڪار شهباز دراني، اداڪار صلاح الدين تنيو، گلوڪار شمن علي ميرالي، گلوڪار ظفر رامي ۽ اداڪار منير پٺاڻ شامل آهن. ان موقعي تي گلوڪاره مسڪان جي، گلوڪاره اربيشم مسينا، صوفي راڳي خان محمد چانڊيو، سنڌ آرٽس ڪائونسل جي صدر رميش ڪمار، صحافي سيد فدا حسين شاهه، مصطفى ملاح، اداڪاره نوشين شيخ، ۽ فريد خان يوسفزئي کي شيلڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. پروگرام جي آرگنائيزر، عهديدارن ۽ سرگرم رڪنن کي پڻ ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.
هن اهم تقريب ۾ ميمبر قومي اسيمبلي وسيم احمد، نثار مورائي، وزير اعلى جي صلاحڪار عبدالجبار، آرٽس ڪائونسل جي صدر اعجاز احمد فاروقي، برگيڊيئر مختيار شيخ، سلطان قمر صديقي، فريد خان ۽ ٻين ڪيترن ئي معزز شخصتين، صحافين، اداڪارن ۽ اديبن شرڪت ڪئي. هن گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جي سريلن فنڪارن پنهنجي فن ذريعي ماڻهن کي موهيو. فنڪارن ۾ شمن علي ميرالي، ظفر رامي، واحد لاشاري، ديبا سحر، مسڪان جي، اربيشم، بادل راهي، نروڌا ماروي، نذير سمون ۽ شاهه جي راڳين فقير خان محمد چانڊيو ۽ ٻين سر وکيريا. حال ان وقت تاڙين جي گونج سان ٻهڪي اٿيو جڏهن ننڍڙي آرٽسٽ مريم وقار سنڌ توکي سلام تي شاندار پرفارمنس پيش ڪئي. زيبا بلوچ ۽ سويرا علي پڻ مختلف ڪلامن تي پرفارم ڪيو.

فيس بوڪ تي شهيد منير چولياڻي جي شهادت ۽  موقعي تي سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي چيئرمين حميد ڀٽو پنهنجي آجياڻي تقرير ۾ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ هميشه فنڪارن جي پذيرائي لاء ڪوشان رهي آهي ۽ هن دفعي اسان هڪ نواڻ سان گڏ آيا آهيون ته انهن ڪامورن کي مڃتا ڏيون جن فن ۽ فنڪارن جو قدر ڪيو آهي ۽ سماجي ۽ ادبي ميدان ۾ سرگرم رهيا آهن. هن چيو ته هن وقت سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي اها ڪوشش آهي ته سنڌ جي انهن فنڪارن لاء ڪو آپريٽو سوسائٽي ٺاهيون جن وٽ پنهنجا گهر ناهن. هن اپيل ڪئي ته حڪومت، ڪامورا ۽ سرندي وارا ان ڏس ۾ اسان جي مدد ڪندي هن اهم اسڪيم کي مڪمل ڪرائڻ ۾ اسان جا ٻانهن ٻيلي ٿين. ايم پي اي سيد مراد علي شاهه چيو ته فنڪار ٻين کي خوش ڪن ٿا پر سندن گهرن ۾ فاقا آهن، هن چيو ته فنڪار ڪيڏو به مجبور ڇو نه هجي پر هو ڏوهاري ڪڏهن به ناهي ٿيندو. ايم اين اي وسيم احمد چيو ته فنڪار قومن جي عزت ۽ سڃاڻ هوندا آهن تنهنڪري انهن کي مڃتا ملڻ سان گڏ انهن جي مدد ڪئي وڃي. الطاف شيخ چيو ته مان والدين کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيندس ته هو پنهنجي نوجوانن کي تعليم سان گڏ ادب ۽ آرٽ به سيکارين ڇو ته اها به سندن سڃاڻ ٿئي ٿي. پروفيسر مظهر الحق صديقي چيو ته هن وقت اسانکي تعليم لاء پاڻ پتوڙڻو آهي، ڇو ته تعليم ئي اسان جي ٻڏندڙ ٻيڙيء کي پار پهچائيندي. بيدل مسرور ثقافت کاتي تي تنقيد ڪندي چيو ته ثقافت کاتو سنڌ جي ثقافت بجاءِ ان ثقافت تي ڪم پيو ڪري جيڪا اسان جي ناهي. هن چيو ته فنڪارن کي عزت ملڻ گهرجي. ان موقعي تي سائين رکيو ميراڻي سڀني کي چيو ته پنهنجي آسپاس ڏسو ۽ بي پهچ ماڻهن جي مدد ڪيو، هن چيو ته صرف پنهنجي لاء جيئڻ زندگي ناهي. پروگرام جي ميزباني سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي جنرل سيڪريٽري رشيد چارڻ ڪئي. ان ريت سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيء ۾ ٿيندڙ يادگار ثقافتي تقريب رات دير سان پنهنجي پڄاڻي تي پهتي. 

وڌيڪ تصويرون هن لنڪ تي موجود آهن

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو