June 04, 2014

ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ : موتيءَ جهڙو ماڻهو

ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ : موتيءَ جهڙو ماڻهو
محمد سليمان وساڻ

زندگيء ۾ ڪي اهڙا ماڻهو ملندا آهن جيڪي مايوس ماڻهن کي صرف هڪ ئي جملي يا هڪ ئي مرڪ سان محبت جي معنى سمجهائي زندگي بخشي ڇڏيندا آهن. اهڙن ئي ماڻهن مان هڪ آهي ڊاڪٽر سليمان شيخ. هو پيشي جي حساب سان ته ڊاڪٽر آهي ۽ مسيحا آهي پر سندس سڃاڻ بڻي آهي سندس سماجي خدمت. هڪ اهڙي شخصيت ۽ سڀاء جو مالڪ جنهن سڄي زندگي سماجي شعبي سان وابسته رهي سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي. ان ڏکيي پيچري تي هن الائي ڪهڙا ۽ ڪيترا سور سٺا آهن، سندس واٽ ۾ ڪيتريون ئي مشڪلاتون آيون آهن پر هن جو مقصد هڪ ئي رهيو آهي انساني زندگيء سان پيار ۽ انهن جي خدمت ۽ اڄ به هو ان سان ايتروئي سچائيءَ سان نڀائي رهيو آهي. ڊاڪٽر سليمان شيخ شاهه لطيف جي ان بيت جي مصداق آهي جنهن ۾ لطيف چيو آهي “ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي”. بهار جهڙي شخصيت ۽ سنڌ جي سڀ کان وڏي سماجي تنظيم سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي باني ڊاڪٽر سليمان شيخ جو اڄ 4 جون تي جنم ڏينهن آهي. مان کين 9 فيبروري تي به جنم ڏينهن جون واڌايون ڏيندو آهيان، ڇو ته شناختي ڪارڊ ۽ اسڪول جي رڪارڊ ۾ سندن جنم جي تاريخ 9 فيبروري 1942ع لکيل آهي. مان خوشنصيب آهيان جو سنڌ گريجوئيٽس ۾ رهندي ڊاڪٽر صاحب سان ڪيترن ئي پروگرامن، گڏجاڻين ۽ ڪچهرين ۾ گڏ رهيو آهيان ۽ سندن علمي، ادبي ۽ فڪري ڳالهيون ٻڌي پاڻ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندي ڪجهه انساني خدمت لاء ڪم ڪندو رهيو آهيان. ڪيترن ئي پروگرامن ۾ صرف انڪري ويندو آهيان جو اتي ڊاڪٽر سليمان شيخ جي تقرير ٻڌڻي هوندي آهي.



ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ 4 جون 1942ع تي، هالا شهر ۾ محمد حسين شيخ جي گهر اکيون کوليون. سندن والدين ڪورڪي هنر سان واڳيل هيا. مئٽرڪ تائين تعليم پنهنجي شهر مان حاصل ڪرڻ بعد انٽر سائنس حيدرآباد جي گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موريءَ مان ڪئي ۽ ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان 1966ع ۾ ڪيائين. هائوس جاب ڪرڻ کانپوءِ جُون 1967ع ۾، ميرپورخاص ۾، اسسٽنٽ ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿيو. آڪٽوبر 1967ع ۾، سانگهڙ ۾ ميڊيڪل آفيسر، ميڊيڪوليگل آفيسر، ٽي بي ڪلينڪ، ايڪسري ۽ ليبارٽريءَ جو ميڊيڪل آفيسر، آپريشن ٿيٽر توڙي پبلڪ وارڊ جو انچارج پڻ رهيو. ڊسمبر 1968ع کان جنوري 1970ع تائين اسڪالر شپ تي، پنجاب يونيورسٽيءَ مان انسٿيسيا ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين. جنهن کانپوءِ اپريل 1970ع تائين دادوءَ ۾ رهيو، انهيءَ بعد سندس بدلي سانگهڙ ٿي وئي ۽ اٺين جولاءِ 1970ع تي پوسٽ گريجوئيٽ شاگرد جي حيثيت ۾ هو جناح اسپتال پهتو، جڏهن ته 25 نومبر 1970ع تي پي ايم اي سنڌ طرفان ڊاڪٽرن جي وفد سان گڏجي تنهن وقت اوڀر پاڪستان (هاڻي بنگلاديش) ۾ طوفان کان متاثر ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ ڍاڪا روانو ٿيو. جتي سندس ڊيوٽي سڀ کان وڌيڪ نقصان واري علائقي باڙيسال ضلعي جي “بولا” ٻيٽ ۾ لڳي، تاريخي چونڊن جي ڪري کين ڇهين ڊسمبر تي اتان زوريءَ ڪڍيو ويو. 1971ع ۾ هو واپس ڪراچي اچي ويو ۽ پوءِ سندس تقرري نوشهره ڪينٽ ۾ ٿي، جتي مهينو ڏيڍ رهڻ بعد لبيا هليو ويو. لبيا ۾ تيرنهن مهينا کن رهڻ بعد واپسيءَ تي ٽن سالن تائين ايل ايم سي ۾ انسٿيسيا جو هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ٿي رهيو. 1976ع ۾ فيڊرل ڪميشن جو امتحان پاس ڪري اسسٽنٽ پروفيسر طور مقرر ٿيو، سندس تقرري جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ۾ ڪئي وئي. جتي 25 سال سروس ٿيڻ تي پاڻ پندرهين مارچ 1993ع تي رضاڪارانه طور ريٽائر ڪيائين.
          ڊاڪٽر صاحب کي شروع کان ئي ادب ۽ سماجي ڪمن سان چاهه پڻ رهيو آهي. مئٽرڪ ۾ پڙهائيءَ دوران هن پنهنجي ساٿين سان گڏجي “انجمنِ فروغ ادب” ٺاهي، “ليڊنگ لائبريري” جو بنياد وڌو ۽ گڏوگڏ ادبي مشاعرن، مضمون نويسي تقريرن جي مقابلن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ڪيو. هن ون يونٽ خلاف سنڌي ادبي سنگت جي دستخطي مهم ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو، جنهن دوران سي آءِ ڊي وارن کيس گرفتار ڪيو پر ننڍي عمر جي ڪري ڇڏي ڏنو. هو شاگرد سياست ۾ پڻ سرگرم رهيو، جنهن دوران کيس جيل پڻ وڃڻو پيو. 1971ع ۾ هن شمشرالحيدري ۽ سائين بخش عباسيءَ سان گڏجي سنڌ گريجوئيٽس ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ چوٿين جون 1972ع تي ان جو پهريون جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو. سماجي شعبي ۾ سندس نالو نهايت احترام سان ورتو وڃي ٿو. هو ڪيترن ئي ادارن جي بورڊن جو ميمبر رهي چڪو آهي ۽ هن وقت به اهڙيون ذميواريون نڀائي رهيو آهي. پاڻ 1992ع ۾ زيبسٽ جي بورڊ آف ٽرسٽيز جو اعزازي ميمبر ٿيو، جڏهن ته پهرين جنوري 2000ع کان اڄ تائين زيبسٽ جي بورڊ آف ٽرسٽيز جو ڪل وقتي سيڪريٽري آهي.
ڊاڪٽر صاحب پاران ميڊيسن ۽ ڊاڪٽري جي حوالي سان ڇپيل ڪم ۾  (i) انسٿيزيا فار ميڊيڪل اسٽوڊنٽس (انگريزي) (ii) رول آف اڪوپنچر ان رليف آف پين (iii) ايڊٽ/ٽرانسليٽ  “چائلڊ ڪيئر” اي پبليڪيشن آف يونيسيف (iv) امپيڪٽ آف اسلام اِن ڊولپمينٽ آف ماڊرن ميڊيسن (v) اينسٿيٽڪ مئنيجمينٽ آف ڪليفٽ لپ اينڊ پيليٽ سرجري ان انفينٽس اينڊ چلڊرين (vi) اڪوپنچر ان ٽريٽمينٽ آف مائگرين  (vii) رول آف اڪوپنچر ان پين –اي پاڪستاني ايڪسپيرنس پين-86 شامل آهن. ان کان علاوه ڊاڪٽر صاحب پاران مختلف جرنلن ۽ ميگزينن ۾ طب ۽ ٻين موضوعن تي 19 ته ڊاڪٽر صاحب ڪافي ڪورسز ۽ ٽريننگس پڻ منعقد ڪيا.
ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻولي ۽ ادب تي پڻ ڪافي ڪم ڪيو جن ۾ (i) انجمن فروغ ادب هالا اکڙيون اجايون (ii) سنڌ سائنس سوسائٽي، سنڌ يونيورسٽي پاران 1974 ۾ انسان جا پراسرار دشمن (iii) لبيا جو سفرنامو -سون ورني زندگي، پبلشر-سنڌي اڪيڊمي حيدرآباد 1974 (iv) ماءُ ٻار صحت بابت ڪتاب “گلن جهڙا ٻارڙا ڦلن جيئن نپجن” پبلشر سنڌ سائنس سوسائٽي، سنڌ يونيورسٽي 1976 (v) چائنا جو سفرنامو “پيڪنگ پچارون” پبلشر مهراڻ پبلشرز ڪراچي 1992 (vi) منهنجي دنيا (ڪالمن جو مجموعو) 2014ع ۽ مختلف اخبارن ۾ سنڌ جي سماج تي ڪالم، سرت جي ڊائري، هلال پاڪستان (vii) تعليم ۽ معاشرو، هلال پاڪستان، منهنجي دنيا، جاڳو اخبار 1990، راڄ ڌانيءَ مان، هلال پاڪستان، الا ائين مَ هوءِ، عوامي آواز  (viii) “ويهه مَ وساريج” پبلشر سنڌيڪا پبليڪيشن 1998ع شامل آهن.
سندس شخصيت، ڪيل علمي، ادبي ۽ سماجي ڪم، ماڻهن سان پنهنجائپ ۽ انسانيت سان پيار تي لکڻ لاء ڪتاب گهرجن، هي سڀ هڪ ڪالم ۾ سهيڙي نه ٿو سگهجي. دعاگو آهيون ته سنڌ جو هي ڏاهو ڏات ڌڻي سدا سلامت رهي.



No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو