December 21, 2012

مختيار ملڪ : شاعر، نثر نگار ۽ براڊڪاسٽر

مختيار ملڪ : خوبصورت شاعر، نثر نگار ۽ براڊڪاسٽر
محمد سليمان وساڻ

ريڊيو سان پراڻو لاڳاپو رهيو آهي ۽ جڏهن ڳوٺ ۾ 1988ع تائين بجلي ڪانه هئي ته گهڻو ڪري ريڊيو جا سڀ پروگرام ٻڌندا هئاسين. 80 جي ڏهاڪي ۾ ريڊيو جي پروگرامن جي ترتيب تبديل ٿيڻ سان گڏ ريڊيو ۾ هڪ انقلاب آيو ۽ ايئن ئي خيرپور ريڊيو اسٽيشن جي پروگرامن به وڏو نالو ڪمايو. ان وقت جي پروڊيوسرن شوڪت خاصخيلي، مختيار ملڪ،  نصير سومرو سان گڏ اسحاق انصاري جي ڪمپيئرنگ به تمام گهڻو مقبول ٿي. ان زماني کان مختيار ملڪ جي آواز جا چاهيندڙ بڻجي وياسين. 
نامياري شاعر ۽ براڊڪاسٽر مختيار ملڪ جو جنم خيرپور ميرس ۾ 21 ڊسمبير 1959 ۾ ٿيو. مئٽرڪ ناز پائلٽ اسڪول مان ۽ انٽرميڊييٽ سپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور مان پاس ڪيائون. شاه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان آرگينڪ ڪيمسٽري ۾ ماسٽرس ڪرڻ سان گڏ ماس ڪميونيڪيشن ۾ به ماسٽرس ڪيائون. ان کانپوء پاڻ ريڊيو پاڪستان ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي شعبي سان لاڳاپيل رهيا. 80 ۽ 90 جي دور ۾ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي نشريات کي عروج تي پهچائڻ ۾ شوڪت خاصخيلي ، نصير سومرو ۽ مختيار ملڪ پيش پيش رهيا. مختيار ملڪ خوبصورت آواز جو مالڪ هجڻ سان گڏ سٺو مقرر پڻ آهي. هن انيڪ پروگرامن ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرض نڀايا آهن. ممتاز مرزا جي هوندي ئي هن سچل سرمست جي ميلي ۾ اسٽيج سيڪريٽري وارو ڪم وڏي خوبصورتي سان نڀايو.

ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران شاگرد سياست ۽ پرنٽ ميڊيا ذريعي جمهوريت جي بحاليء لاء پاڻ رسالا ڪڍڻ ۽ لکڻ ۾ سرگرم رهيا. اهوئي سبب هيو جو کين گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو ۽ ڪجهه عرصو روپوشي جي زندگي گذاريائون. مختيار ملڪ بهترين شاعر پڻ آهي ۽ سندن شاعري مختلف رسالن ۾ ڇپجندي رهي آهي ان کانسواء سندن شاعري جا هيٺيان ڪتاب به ڇپيا :

ٽم ٽم ٽانڊاڻا – 1981  مهاڳ محترم محمد ابراهيم جويو صاحب

اماس ۾ به سوجهرو – 2001 مهاڳ محترم تنوير عباسي صاحب

مختيار ملڪ هڪ تمام سٺو نثر نگار ۽ ڪالم نگار پڻ آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جا تمام متحرڪ ميمبر ۽ جنرل سيڪريٽري پڻ رهيا آهن۔ هڪ ڊگهي عرصي کان ريڊيو پاڪستان لاء پنهنجون خدمتون نڀائيندي مختلف اسٽيشنن جهڙوڪ خيرپور، لاڙڪاڻو، ڀٽ شاهه ۾ ريڊيو جا لاجواب پروگرام پيش ڪيا اٿن. هن وقت پاڻ ڊپٽي ڪنٽرولر طور ڪراچي ۾ مقرر آهن. مختيار ملڪ يار ويس ماڻهو آهي ۽ سنڌي ٻوليء لاء سندس خدمتون قابل تعريف آهن. هو جڏهن به ۽ جتي به ملندو آهي ته وڏي پيار ۽ شفقت سان پيش ايندو آهي. سندس شاعريء مان هڪ چونڊ غزل پيش آهي.

غزل

توکان ڪيڏو ڏور ٿياسين
صحرائن ۾ چور ٿياسين

ٺهندا ڊهندا رهندا آهيون،
يارو! ڄڻ ڪو پور ٿياسين

قيد به ڄاڻون، ڀيد به ڄاڻون،
ڏاڍي لئه پر سور ٿياسين

ڳاٽ اسان جا اوچا اوچا،
اسان به اڄ منصور ٿياسين

لُٽجون ڀي ٿا، چپ ڀي آهيون
ايڏو اڄ مجبور ٿياسين

مختيار ملڪ، نظر محمد ڳاهو ۽ محمد سليمان وساڻ



No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو