December 11, 2012

ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڪتابن جو عالمي ميلو

ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڪتابن جو عالمي ميلو ۽ مان
محمد سليما وساڻ

ڪتاب اسان جا سڀ کان بهترين دوست آهن،جيڪي نه بيوفائي ٿا ڪن ۽ نه ئي وري ساٿ ڇڏي ٿا ڏين. ڪتاب ئي آهي جنهن ذريعي اسان تعليم پرائي پنهنجي زندگي سنوارڻ جي شروعات ٿا ڪيون. مونکي تاج صحرائي جون سٽون ياد ٿيون اچن، هو چوي ٿو :

ڪتاب ئي زندگيء جا بهترين ساٿي آهن. ڏسڻ ۾ ته ڪيترا گونگا، ٻوڙا، انڌا، منڊا ۽ بي جان لڳن ٿا، مگر اکين ۽ اکرن وارن لاء جان آهن، پساهه آهن، سڏڪا ۽ ٽهڪ آهن، ننڊون ۽ اوجاڳا آهن، زندگيء جون لاهيون ۽ چاڙهيون آهن. مطلب ته ڪتابن ۾ انسان پنهنجي خوبين ۽ خامين سان لڪل ۽ ظاهر آهن.

ڪتابن جو شوق ته پراڻي زماني کان آهي. مونکي ياد آهي ته يونيورسٽي جي دور ۾ اسان جا درسي ڪتاب لائيبرري ۾ ڪونه ملندا هئا، اهي ڪتاب اسان کي گهڻو ڪري خريد ڪرڻا پوندا هئا. پر مان لائيبرري وڃي سنڌي ادب، شاعري ۽ ان سان لاڳاپيل ڪتاب وٺندو هوس ۽ هر هفتي ٻه ڪتاب پڙهي واپس ڪري وري ٻيا نوان ڪتاب وٺندو هوس ... شايد اهوئي دور هيو جنهن ۾ سڀ کان گهڻا ڪتاب پڙهيا. پوء وقت جي رفتار سان گڏ ڪتابن پڙهڻ وارو ڪم گهٽبو ويو، ان جا به ڪيئي سبب هئا؟ وقت جي گهٽتائي، مصروفيتون، سوشل ميڊيا ۽ انهن سڀني کان وڌيڪ پنهنجي سُستي.

سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي ڪم ڪندي ٻيهر ڪتاب پڙهڻ جو وقت ڪڍندو رهيس ۽ وري ڪتابن ڏانهن واپسي ٿي. هاڻي سنڌي ڪهاڻي، شاعري، ناول سان گڏ سياست ۽ فلسفي جا ڪتاب به پڙهڻا پيا، ان سان گڏ آتم ڪٿا ۽ تاريخ سان گڏ اسلامي ڪتابن جو مطالعو به ٻيهر شروع ڪيو آهي. گذريل ڪجهه سالن کان ڪراچي ۾ عالمي ڪتابن جو ميلو ايڪسو سينٽر ۾ باقائدگي سان لڳي رهيو آهي ۽ منهنجي آفيس سامهون هجڻ ڪري مان هر سال ان ميلي ۾ شرڪت ڪندو رهيو آهيان. هن سال به 6 ڊسمبر کان 10 ڊسمبر تائين اٺين عالمي ڪتابن جي ميلي جو انعقاد ٿيو. ڇو ته ڪتابن سان منهنجي دوستي ۽ لڳاء گهٽجي ويو هو تنهنڪري مان اهوئي سمجهي رهيو هوس ته شايد سڀني سان ايئن ئي آهي ۽ ماڻهن ڪتاب پڙهڻ ڇڏي ڏنا آهن. پر هن ميلي ۾ پهچي منهنجا ۽ منهنجي دوست حفيظ لغاري جا اهي خيال هوائي لڳا. ڇو ته پهريون دفعو مون ڪتابن جي ميلي لاء ماڻهن کي قطار ۾ بيهندي ڏٺو. تمام گهڻي رش، عورتن، ٻارن ۽ فيمليز جو ايڏو وڏو تعداد يقينن خوشي جو سبب بڻجي رهيو هو ته ماڻهو اڃان به ڪتابن سان چاهه رکن ٿا.

 

پهرين ڏينهن ميلي ۾ نمائش سان گڏ ڪراچي يونيورسٽي جي شاهه لطيف چيئر پاران شاهه جي گنج جي الف ب وار رسالي جي مهورتي تقريب به رکيل هئي. مان ٽئي هال گهمندو آخر ۾ سنڌي ڪتابن جي اسٽال تي پهتس جتي اياز جاني، سائين نواز علي شوق، رخمان گُل پالاري ۽ ٻين دوستن سان ملاقات ٿي. ڪجهه ڪتاب به خريد ڪيا ۽ واپس اچي پروگرام جي مهورتي تقريب ۾ شامل ٿيس پر افسوس ٿيو جو ساڍي پنجين بجي شروع ٿيندڙ تقريب ستين بجي تائين به شروع ٿي نه سگهي ۽ مونکي ڪنهن ٻئي پروگرام ۾ ڪيل واعدي موجب شرڪت ڪرڻي پئي ۽ هي مهورتي تقريب مونکان رهجي وئي. آچر جي ڏينهن دوست حفيظ سان گڏ ٻيهر وڄڻ ٿيو پر الامان ايڏي رش جو گهمڻ ۾ به ڏکيائي پئي پيش آئي. سنڌي ڪتابن جا اسٽال مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، شاهه لطيف چيئر ڪراچي، سنڌيڪا اڪيڊمي ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران لڳايا ويا هئا، جڏهن ته اسلامي ڪتابن ۽ اردو جي ڪتابن سان گڏ انگريزي ۽ ٻارن جي ڪتابن جا اسٽال ته لاتعداد هئا. مون اهو محسوس ڪيو ته سڀ کان مهانگا ڪتاب ته انگريزي جا هيا، انهن کانپوء سنڌي جا ڪتاب گهڻا مهانگا لڳا، ان جي نسبت اردو جا ڪتاب سٺي رعائتي اگهن تي ملي رهيا هئا. مون انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانه سان گڏ ڪجهه وڌيڪ ڪتابن جي خريداري ڪئي ۽ حفيظ پڻ. اهڙي ريت واپسي ٿي. آخري ڏينهن تي سنڌي لينگوئيج اٿارٽي پاران هڪ تقريب منعقد ٿيڻي هئي ته اسان اردو وارن کي سنڌي کو ڪونه سيکاري سگهياسين. پر ڪنهن ذاتي ڪم سبب دير ٿي وئي پر اسان جو دوست شبير لاشاري ان ۾ شريڪ ٿيو سندس تاثرات هيٺ ڏجن ٿا:

تقريب ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين ، تاج جويو ،پروفيسر سليم ميمڻ ، اعجاز قريشي سان گڏ اردو اديب ، دانشور ۽ ڪافي سنڌي ادب دوست شريڪ ٿيا ۔ تقريب ۾ اردو اديبن تنقيد قبول ڪئي ته هنن سنڌ ۽ زبان لاء ڪجهه نه ڪيو آهي ۔ سنڌي دانشورن چيو ته هنن وڏي ڪوشش ڪئي ، ڪلاس هلايا پر سالن تائين به ٻار پڙهي نه سگهيا۔ هنن چيو ته پٺاڻ اچن ٿا ۽ ٿورن مهينن ۾ اردو سکي وڃن ٿا، اسان جي سنڌي دانشورن کي اڃان هي ڳالهيون سمجهه ۾ نه آئيون آهن ته ۔۔۔۔

اسان جا سنڌي اديب ٻارن لا۽ لکڻ ته ٺهيو ڪنهن سان ڳالهائڻ لا۽ به تيار ناهن۔ رڳو اڪيلو اڪبر جسڪاڻي ٻارن لاء لکندو رهيو ۽ فوت ٿي ويو۔ مارڪيٽ تي جيڪا زبان قابض هوندي آهي ، زبان اها ئي هلندي آهي. اسان وٽ ته معيشيت جو ماهر ڪير به ڪونهي ۔ وڏي مهرباني سراج ميمڻ صاحب جي جنهن سنڌ جي مختصر اقتصادي تاريخ لکي ، ان ڪري گّذارش آهي ته معيشيت ۽ ان سان لاڳاپيل مسئلن طرف توجهه ڏيڻ تمام ضروري آهي۔ ان کان سواء اردو وارا پنهنجن پڙهيل لکيل ، دانشورن جي انتهائي عزت ڪندا آهن پر اسان پنهنجي تجربي کي اڇلائي ڦٽو ڪندا آهيون۔

مونکي اسلامي ڪتابن جا تمام گهڻا اسٽال ۽ سستا اسٽال نظر آيا، انهن تي رش به تمام گهڻي هئي. ان جي نسبت سنڌي ڪتابن جي اسٽال تي اهڙي رش ڪانه هئي. جيتوڻيڪ سنڌي ٻارن کي سنڌي ڪتاب خريد ڪندي ڏسي مونکي حد درجي جي خوشي ٿي رهي هئي ته اسان جي ايندڙ نسل به ڪتابن سان پيار ڪري ٿي. اهڙي طرح هي تاريخي ڪتابي ميلو پنهنجي اختتام تي پهتو. هتي ڪيترن ئي ويبسائيٽس، تنظيمن جااسٽال به لڳل هئا. مان اميد ڪندس ته سنڌ سلامت جي ٽيم ايندڙ ميلي ۾ پنهنجي اسٽال سان گڏ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نمائندگي ڪندي. وقت ڪافي آهي دوستن کي سوچڻ ۽ رايا ڏيڻ جا حق آهن.


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو