December 20, 2012

روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ جي عمارت جي افتتاحي تقريب




روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ جي عمارت جي افتتاحي تقريب
)رپورٽ : عبدالحفيظ لغاري، تصويرون : سليمان وساڻ(


سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن (سگا)، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي بلا امتياز خدمت ڪندي رهي آهي. سندس سماجي ڪمن مان هڪ اهم ڪم آهي سنڌ جي ٻارن کي معياري تعليم ڏيڻ. سگا 1980ع ۾ روشن تارا اسڪول کولڻ جو نظريو آندو ۽ انهن جي مسلسل ڪوششن جي نتيجي ۾ اڄ ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين سندن پاران کوليل روشن تارا اسڪولن جو تعداد 26 آهي. انهن اسڪولن جي معياري تعليم لاءِ انهن پاران اڻ ٿڪ ڪوششون رهيون آهن. اهي اسڪول شروعاتي طور ڪرائي تي حاصل ڪيل عمارتن ۾ هلايا ويا ۽ پوءِ سگا پاران وس آهر مدد ۽ مخير حضرات جي مالي ۽ فني مدد جي نتيجي ۾ انهن مان پنجاهه سيڪڙو اسڪول اڄ سگا جي پنهنجي عمارتن ۾ منتقل ٿي چُڪا آهن.


روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ به انهن اسڪولن مان هڪ آهي جيڪو 1993ع ۾ کوليو ويو ۽ 19 سالن بعد هاڻي سگا مرڪز جي تعاون سان تيار ٿيل عمارت ۾ منتقل ٿيو آهي. 800 اسڪوائر گز جي پلاٽ تي 400 گز تي عمارت جو گرائونڊ فلور تيار ٿي چڪو آهي جڏهن ته باقي 400 گز اسيمبلي ايريا ۽ راند روند لاء مخصوص ڪيو ويو آهي. انهي عظيم ڪاميابي جي موقعي تي سگا، سچل ڳوٺ شاخ پاران اسڪول جي افتتاح جي تقريب رکي وئي. جنهن جي صدارت سِگا جي چيئرمين سليمان شيخ صاحب ڪئي. اهو پروگرام ته 15 ڊسمبر 2012 تي رٿيو ويو هو. پر ڪراچي جي خراب حالتن سبب هڪ ڏينهن پوءِ 16 ڊسمبر 2012 تي منعقد ٿيو. مهمان خاص سڀ کان پهريان ربن واري پٽي ڪٽي اسڪول جو افتتاح ڪيو ۽ ٻارن پاران لڳايل سائنسي اسٽال، ثقافتي ۽ هنري اسٽال ۽ روشن تارا جي هڪ شاگرد پاران تصويري پورهيو به ڏٺو ۽ ٻارن جي همت افزائي ڪئي. پروگرام جي شروعات لاءِ اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض سگا سچل ڳوٺ شاخ جي جنرل سيڪريٽري ڪرم الاهي چنه انجام ڏيندي معزز مهانن کي اسٽيج تي ويهڻ لاء گهرايو. پروگرام جي باقائده شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي تنهن کانپوء روشن تارا اسڪول جي ٻارڙن آيل مهمانن لاءِ ويلڪم سانگ پيش ڪيو. ويلڪم سانگ مشهور گاني واءِ دِس ڪولاويري جي ڌُن تي ٺاهيو ويو هو. اسٽيج تي ويٺل مهمانن کي آجياڻي لاءِ روشن تارا جي ٻارڙن گُل به پيش ڪيا.

سڀ کان اول اسڪول جي چيئرمين تاج محمد وساڻ کي اسڪول جي پيرائتي رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ چيو ويو. انهن پنهنجي هميشه جيان وڻندڙ اندازِ بيان ۾ رپورٽ پيش ڪئي. آيل مهمانن جي شڪريه ادائگي کان پوءِ هن ٻڌايو ته هي اسڪول جيڪو 1993 ۾ قائم ٿيو ۽ پنهنجا 19 سال ڪرائي جي عمارت ۾ هلندو رهيو. پر اسان تمام گهڻو شڪر گذار آهيون سگا مرڪز جا جنهن 70 لک ڏيڻا ڪيا ۽ انهي پهرين قسط طور انهن 30 لک روپيا ادا ڪيا. نتيجي ۾ اڄ اسان پنهنجي پلاٽ تي پنهنجي اسڪول جي گرائونڊ فلور جو ڪم مڪمل ڪري هتي منتقل ٿيا آهيون. هن ٻڌايو ته هن وقت اسڪول ۾ 500 ٻار زير تعليم آهن ۽ اسڪول جي ڪارڪردگي جو اندازو انهي مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪراچي جهڙي سخت بورڊ مان به اڪثر شاگرد اي_ون گريڊ ۾ اچن ٿا. ٻيا اي ۽ بي گريڊ. سي گريڊ ته نه هجڻ برابر آهي. انهي کان علاوه هن اسڪول مان پڙهي ڪافي شاگر ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ ٻين يونيورسٽين ۾ زير تعليم آهن، هڪ نياڻي سونهن لڌي رستماڻي آمريڪا جي هڪ يونيورسٽي ۾ اسڪالرشپ حاصل ڪئي آهي. هڪ نياڻي سي ايس ايس جو امتحان ڏنو ۽ پاس ٿي آهي ۽ هڪ نياڻي ڪراچي يونيورسٽي ۾ سگا تي ريسرچ ڪندي سگا جي تعليمي خدمتن تي ٿيسز لکي پوري ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن اسڪول جي هڪ روايت اها به رهي آهي ته هتي 10 فيصد شاگردن کي مفت تعليم ڏني ويندي آهي. جنهن ۾ سندن پڙهائي جي خرچ کان علاوه کين ڪتاب ۽ يونيفارم به مفت ڏنا ويندا آهن.

سگا سچل ڳوٺ شاخ جي صدر پروفيسر علي انور بالادي سچل ڳوٺ ۾ روشن تارا اسڪول جي قيام جي خواب ڏسڻ کان وٺي انهي جي ساڀيان ٿيڻ تائين جي پس منظر ۾ قومن جي جدوجهد تي ڳالهايو. سندن چوڻ هو ته مسلسل جدوجهد ئي ڪاميابي جي نشاني آهي ۽ تعليم ان جي ضمانت آهي. انهن اهو به ورجايو ته روشن تارا مان مئٽرڪ ڪري نڪرندڙ ٻارن کي انٽرميڊئيٽ ۽ ٻين فني تعليمي ڪورسز ۾ ڏکيايون پيش اچن ٿيو جو هن پسگردائي ۾ اهڙا وڏا ادارا ناهن. هن گذارش ڪئي ته هتي زيبسٽ پاران فني تعليم لاءِ ادارو هنگامي بنيادن تي کوليو وڃي يا وري روشن تارا اسڪول کي انٽر تائين اپگريڊ ڪيو وڃي. هنن جو چوڻ هو ته اسان سليمان شيخ جي ڪوشش کي هميشه جيان ساراهيون ٿا ۽ سندن عمرِ دراز جي دعا ٿا گهُرون جو اسان منجهن حسن علي آفندي جو روح ٿا ڏسون.
روشن تارا تعميري ڪميٽي جي اڳواڻ غلام حسين بلوچ پنهنجي مختصر تقرير ۾ ٻڌايو ته ڪوشش ئي ڪاميابي جي نشاني آهي. ڪوشش ڪئي سين. دوستن جو ساٿ هو ۽ اسڪول ٺهي ويو. ان موقعي تي هيلٿ اينڊ نيوٽريشن ڊولپمينٽ (هينڊز) جي چيف ايگزيڪيوٽو شيخ تنوير پنهنجا خيال ونڊيندي الدين ۽ شاگردن کي هڪ گڏيل پيغام ڏنو ته اُهي ٻار جن جا والدين غريب آهن سي منهنجو مثال وٺن. آئون هڪ غريب ريلوي ۾ ڪلارڪ جو پُٽ هئس. پوءِ به اڄ منزل تي پُهتو آهيان جو سنڌ ۾ آيل مها ٻوڏ ۾ اربين رپين جي فلاحي ڪمن جو حصو ٿيس. پاڻ اسڪول لاءِ هڪ لک جي فرنيچر جو به اعلان ڪيائون. سگا جي سيڪريٽري جنرل ولي محمد روشن چيو ته رڳو سرڪار تي ڀاڙڻ بجاءِ هر ڪنهن وٽ وڃي هن خير جي ڪم ۾ حصو وٺڻ جي اپيل ڪبي ۽ محنت ڪبي. هن اسڪول سميت سڀني اسڪولن جا رهيل ڪم پورا ڪبا. ۽ علم لاءِ اها جدوجهد جاري رهندي.

پروگرام جي آخر ۾ مهمان خاص ڊاڪٽر سليمان شيخ پنهنجي شائسته، نرمي ۽ آهستي آواز ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون تِن ۾ قابل ذڪر هي آهن ته 1980ع ۾ شروع ڪيل هي سفر اڄ هن مقام تي پُهتو ڏسي دل خوش آهي. اندازو ئي نه هو ته اسان انهي منزل تي پهچنداسين پر سڄڻ دوستن جي ساٿ ۽ گڏيل جدوجهد سان هي منزل ماڻي آهي. پر هتي بيهڻو ناهي، 26 اسڪول کولڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي، اسان کي پنهنجي قوم لاءِ گهڻي خدمت ڪرڻي آهي. توڙي جو اسان سنڌي ٻولي کي شروع کان ترجيح تي رکيو، ڇو ته جيڪا شئي پنهنجي ٻولي ۾ سکبي آهي انهي جي ڳالهه ئي ٻي هوندي آهي. پاڻ تازو ترڪي جي سير جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته هُتي جي ٽيڪسٽ بوڪ جي تياري لاءِ انهن محنتي استاد رکيا آهن. جيڪي فن علم پنهنجي ٻولي ۾ منتقل ڪن ٿا ڇو ته هو يورپي يونين ۾ وڃڻ کان پهرين فرانس جي ترقي جو راز ڄاڻي چُڪا آهن جتي مادري ٻولي ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي. مادري ٻولي جي اهميت جو اندازو انهي مان به لڳائي سگهجي ٿو جو انهي جو سال ۾ هڪ عالمي ڏينهن (21 فيبروري) پڻ ملهايو وڃي ٿو. ۽ اسان کي به گهرجي ته انگريزي ٻولي ۾ پڙهائي عالمن بجاءِ طوطا پئدا نه ڪرڻ گهُرجن پر مادري ٻولي ۾ پڙهائي ڪي ذهين دماغ پئدا ڪرڻ کپن. هن چيو ته ٻي طرف نظر ڦيرائجي ٿي ته سرڪاري اسڪولن جا حال پورا ٿا نظر اچن ٿا. جتي به وڃون ٿا والدين چون ٿا سرڪاري اسڪولن جا حال پورا آهن. هتي به روشن تارا اسڪول کوليو. هن چيو ته تعليمي ڪم جاري رهڻ کپي، ادارا مضبوط ڪيو ۽ سنڌ کي تباهه ٿيڻ کان بچايو.

هن تقريب ۾ استادن، شاگردن، والدين، سچل ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي رهواسين، سگا مرڪز جي عهديدارن ۽ اسٽاف، سگا گلشن حديد شاخ، سگا ملير شاخ، سگا ڪراچي شاخ،م سگا خواتين شاخ جي عهديدارن سميت سياسي ۽ سماجي پارٽين جي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔ پروگرام هلندي روشن تارا اسڪول جي محنتي استادن کي مڃتا سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا ۽ ايئن هي تاريخي ۽ پُر وقار تقريب پُڄاڻي تي پُهتي. آخر ۾ سچل ڳوٺ جي مشهور ڪيفي ڪينجهر جي چڪن ڪارن سوپ سان موسم جي مناسبت سان مهمانن جي تواضع ڪئي وئي.


وڌيڪ تفصيلن لاء سنڌ سلامت جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
 .

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو