December 19, 2012

ٻٽو نظام ۽ ٻٽا معيار



ٻٽو نظام ۽ ٻٽا معيار
محمد سليمان وساڻ


هن جو ادبي قد ڪاٺ تمام وڏو هيو. سنڌ جي چوٽيء جي اديبن ۾ سندس شمار ٿيندو آهي. ڀلو شاعر ۽ ڪالم نويس آهي. سندس شاعري ۽ سندس لکڻيون اسان لاء هميشه رهنمائي، سجاڳي ۽ اتساهه جو سبب بڻيون آهن. سوشل ميڊيا تي جڏهن پنهنجون سرگرميون تمام گهڻو وڌايم ته هن سان به دوستي ٿي ۽ ايئن ساڻس ملاقاتن جو سلسلو به شروع ٿيو. اڪثر ادبي محفلن، مختلف پروگرامن ۽ ميٽنگن ۾ هن سان ملاقات ۾ ڪيترن ئي ڳالهين ۽ سنڌ جي مسئلن تي تفصيلي بحث ٿيندو هيو. ڪڏهن ڪڏهن اسان گڏجي ڪراچي ۽ ڪراچي کان ٻاهر به پروگرامن ۾ حصو وٺندا رهياسين. سندس ذريعي منهنجي به ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن سان ڏيٺ ويٺ ٿي.

سندس ڳالهين جو محور هميشه سنڌ رهندي هئي ۽ لکڻين ۾ ساڳي ئي پهلو کي اجاگر ڪندو رهيو. مون کانئس گهڻو ڪجهه سکيو ۽ سندس ديوانو بڻجي ويس. سنڌ حڪومت ۽ سنڌ اسيمبلي پاران مڪاني حڪومت جي ٻٽي نظام خلاف جڏهن سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي ته اسان جو ادبي لڏو به ان ميدان ۾ اڳڀرو رهيو. هن جا ميسج ملندا هيا ۽ نوڪري جي سختين باوجود به ساڻس گڏ مختلف ميڙاڪن ۽ احتجاجن ۾ شريڪ ٿيندو رهيس. هو حڪومت، نمائندن ۽ انهن جي حامين تي ڇتي تنقيد ڪندو هيو. انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ دفعي ڪراچي جي هڪ وڏي هوٽل ۾ سندس هڪ دوست ڊنر تي گهرايس ته مونکي به ڪال ڪيائين ۽ اچڻ جو تاڪيد ڪيائين. سندس گهر پهچي هن سان گڏ دعوت ۾ پهتس. اتي اڪثر نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون نظر آيون. هي به انهن سان گڏ خوش گپين ۾ مشغول ٿي ويو. مان هن سنجيده شخص کي ڏسي پريشان ٿيندو رهيس ۽ ٽيبل تي ويهي چانهه پيئڻ لڳس. هو به هاڻي اچي مونسان گڏ ويٺو ۽ چوڻ لڳو ته خوش رهڻ لاء اهو سڀ ضروري آهي. هن بيري کي چانهه کڻي اچڻ جو چيو ، بيري جڏهن کيس چانهه پيش ڪئي ته اچانڪ سندس هٿ مان ڪوپ ڇڏائي سندس ڪپڙن تي اچي پيو. سندس ڪپڙا بلڪل خراب ٿي چڪا هيا، مان بيري کي گهٽ وڌ چوڻ لڳس ته مونکي منع ڪندي چيائين ته بابا ايئن ٿي ويندو آهي ۽ بيري جي پٺي ٺپي کيس معاف ڪري روانو ڪيائين.


هيڏانهن ٻٽي نظام خلاف تحريڪ ۾ تيزي اچي وئي. هڪ ڏينهن مونکي ڇڏڻ سچل ڳوٺ آيو ۽ ٻاهر روڊ تي گاڏي روڪي چيائين ته هتي چانهه ٿا پيئون. مون کيس عرض ڪيو ته گهر تي هلي چانهه ٿا پيئون پر سندس اڳيان منهنجي نه هلندي هئي. اسان ٻن کير پتي چانهه جو آرڊر ڏئي ويهي ڪچهري ڪرڻ لڳاسين. هوٽل تي موجود ڪچڙي عمر جو ڇوڪرو پاڻيء جو جڳ ۽ گلاس کڻي آيو ۽ هيٺ پيل ڪنهن شيء سان ٽڪرايو ته پاڻيء ڇلڪي سندس بوٽ تي اچي پيو. هو اٿيو ۽ ان ڇوڪري کي ڀري ڳل تي چپاٽ وهائي ڪڍيائين. ڇوڪرو روئڻ لڳو ۽ ماڻهو گڏ ٿي ويا، پر اسان جي اديب دوست جي ڪاوڙ اڃان به وڌي وئي ۽ مالڪ کي به گاريون ڏيڻ لڳو. وڏي ڪوششن سان کيس ماٺ ڪري ويهاريم ۽ سوچڻ لڳس ته ان ڏينهن وڏي هوٽل ۾ ڇوڪرين اڳيان ته هو خاموش رهيو پر پنهنجي ئي سنڌي نوجوان تي کيس ڪهل نه آئي .... الائي ڇو مونکي چانهه زهر لڳي رهي هئي. هو چئي رهيو هو ته سنڌي ماڻهن کي جوتي جي نوڪ تي رکندو ڪر نه ته ڳچي پئجي ويندا آهن ۽ مان کانئس ٻانهون ٻڌي موڪلايو. 

اڄ وري هن جو ميسيج مليو ته ٻٽي نظام خلاف دوستن سان گڏ حيدرآباد هلڻو آهي. مان ميسيج پڙهندو رهيس ۽ ٻٽي نظام ۽ سندس ٻٽي معيارن تي سوچيندو رهيس.

1 comment:

  1. تمام زبردست ليک آهي ... لکندا ۽ پڙهندا رهو ۽ غلاميءَ جا ڳٽ ڳچين مان لاهيندا هلو.

    سدا خوش رهو رب سائين اوهان کي آباد رکي.

    ReplyDelete