توسان ڪهڙيون ريسون : شاعري ڳالهائي ٿي
محمد سليمان وساڻ

نثار احمد ناز جي شاعريء ۾ سنڌ سان ازلي محبت جي جهلڪ به نمايان هوندي آهي. جڏهن سنڌ ڄائِي هند ۾ رهندڙ نامياري فنڪاره ۽ سنڌي شاعره محترما ڪوشي لالواڻي نثار ناز جو گيت “مٺي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو، گهڙيءَ هڪ جو ناهي آ صدين جو ناتو” ڳاتو ته اسان کي نثارناز سنڌ سان ديوانگيءَ جي حد تائين پيار ڪندڙ شاعر لڳو. هو سنڌ سان محبت عبادت سمجهي ڪندو آهي. سندس گيتن ۽ شعرن ۾ سنڌ سدائين رچندي ۽ وسندي رهندي آهي. سندس نظم جون هي سٽون ته پڙهو:
بندگيءَ جو باب سنڌ آ دين منهنجو هر ڌرم
سوچ منهنجيءَ جو سفر سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم
جيجل سنڌ سان گڏ ساري دنيا جا سنڌي به ڄڻ سندس دل ۾ ويٺا هُجن سنڌين سان سندس سڪ ۽ محبت ۽ پيار جو اظهار سندس هن غزل مان ڀليءَ ريت پسجي سگهجي ٿو:
جيڪي سنڌ تي لِکِي جيڪي سنڌ لئه وڙهن،
سڀئي ليکڪ سنڌِي مونکي ڏاها کپن !
شل هِي ويڙها سدا “ناز” سنڌ جا وسن،
وستيون واهڻ ٻنيون مونکي ها ها ! کپن .
غزل هجي يا نظم يا وري وائي لفظن جي چونڊ ۽ پسمنظر سچ ته دل کي ڇهندڙ اٿس. هو لفظن جا انڊلٺي رنگ ميڙي ڪنهن سُندريءَ جي آنچل تي ستارن جيان ٽانڪيندي نظر اچي ٿو . سندس شاعريء ۾ مجاز جو رنگ به عيان آهي ۽ ايئن لڳندو آهي ڄڻ ناز اسان جي دلين مان گهمي ويو هجي. سندس شاعريء ۾ اوسيئڙو به آهي ته التجا به آهي، سندس شاعريء ۾ بيقراري به آهي ته انتظاري به آهي سندس شاعريءَ ۾ محبت جو هڪ معراج نه پر کوڙ سارا معراج موجود آهن . هو عاشق به آهي ته معشوق به.سندس هن نهايت ئي دلڪش غزل مان اهي سُرور ڏيندڙ جذبا پڙهي اندازو لڳايو ته هُن جي شاعريءَ ۾ مجاز جي مستيءَ جو ڪو ڇيهه ئي ڪونهي سندس شاعريءَ جا لفظ سدائين رقص ڪندي نظر ايندا آهن.
ڳالهه نڪتي آ صنم زُلف سنوارڻ تائين
شوخ نظرن کان وٺي تُنهنجي نهارڻ تائين !
نثار احمد ناز جي شاعري زماني جي بي واجبين، ستم ظريفين ۽ ڏاڍاين جي به عڪاسي ڪري ٿي. هو اهڙن ڏکن، ڏوجهرن کي پنهنجي شعرن ذريعي ڄڻ ته زبان مهيا ڪري ڇڏي ٿو.
ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وڪڻون
انڌن جي اچي شهر ۾ پيا آرسيون وڪڻون
سر عام ڏئي هوڪا چَون چوڪ تي دلبر
بُک پيٽ جي خاطر ٿا اسان دلبريون وڪڻون
سندس شاعريء جو ڪتاب 208 صفحن تي مشتمل آهي جنهن ۾ غزل، نظم، وايون ۽ ڪافيون شامل آهن. ٽائيٽل بابر عظيمي جوڙيو آهي. ڪتاب جي شروعاتي 75 صفحن تي 17 شخصيتن جا رايا ۽ لکڻيون پڻ شامل آهن. اميد آهي ته نثار احمد ناز جي هن ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ دوست مثبت رايا موڪلي ، سنڌ سان محبت ڪندڙ هِنَ شاعر جي همت افزائي ۽ حوصلا افزائي ضرور ڪندا. نثار احمد ناز لاءِ دعا آهي ته هو پنهنجي قلم کي اظهار جو هڪ موثر هٿيار بنائي اڃان به لکندو رهي ۽ سنڌ امڙ جو حلالي پُٽ ٿِي سنڌ مٺيءَ سان ٿڃ جو ناتو نڀائيندو رهي .