February 24, 2014

توسان ڪهڙيون ريسون : شاعري ڳالهائي ٿي

توسان ڪهڙيون ريسون : شاعري ڳالهائي ٿي

محمد سليمان وساڻ

ٽنڊي محمد خان سان تعلق رکندڙ شاعر نثار احمد ناز جي شاعريء جو ڪتاب “توسان ڪهڙيون ريسون” ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي. سنڌ سلامت جيڪا انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ٻولي جي ترقي لاء ڪوشان آهي هاڻ پبليڪيشن طرف به وک وڌائيندي هي ڪتاب ڇپايو آهي. نثار احمد ناز جو ڪتابشاعري جي کيتر ۾ هڪ سٺو اضافو آهي. نثار احمد ناز هڪ بهترين شاعر هجڻ سان گڏ نوجوان شاعرن لاء رهنمائي جو سبب به بڻبو رهيو آهي. علمي ادبي کيتر ۾ سندس علمي ۽ ادبي ڪاوشون ڪنهن کان به ڳجهيون ناهن. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان ، ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ ،ينگ رائيٽرس فورم سنڌ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام سميت سوشل ميڊيا فيس بُڪ تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل سندس ڪاوشون اسان سڀني جي سامهون آهن. نثار احمد ناز هڪ اڻٿڪ محنت جو نالو آهي، جنهن بغير ڪنهن سستي شهرت حاصل ڪرڻ جي پنهنجي حصي جو ڪم نهايت ئي جانفشاني ۽ ايمانداريءَ سان ڪيو آهي. سندس شاعري گهڻي عرصي کان سنڌ سلامت تي پڙهندو پيو اچان پر انتظار هيو سندس ڪتاب جو. نثار ناز اسان لاءِ ان ڪري به اهميت جوڳو آهي جو هو سنڌ جي هر شاعر، اديب ۽ ليکڪ سان گڏ سنڌ جي گهڻ گهرن جي دلي عزت ڪندي انهن کي ڀيٽا پيش ڪندو رهي ٿو، جيڪو هڪ نئون مثال آهي.

نثار احمد ناز جي شاعريء ۾ سنڌ سان ازلي محبت جي جهلڪ به نمايان هوندي آهي. جڏهن سنڌ ڄائِي هند ۾ رهندڙ نامياري فنڪاره ۽ سنڌي شاعره محترما ڪوشي لالواڻي نثار ناز جو گيت “مٺي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو، گهڙيءَ هڪ جو ناهي آ صدين جو ناتو” ڳاتو ته اسان کي نثارناز سنڌ سان ديوانگيءَ جي حد تائين پيار ڪندڙ شاعر لڳو. هو سنڌ سان محبت عبادت سمجهي ڪندو آهي. سندس گيتن ۽ شعرن ۾ سنڌ سدائين رچندي ۽ وسندي رهندي آهي. سندس نظم جون هي سٽون ته پڙهو:

بندگيءَ جو باب سنڌ آ دين منهنجو هر ڌرم
سوچ منهنجيءَ جو سفر سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم


جيجل سنڌ سان گڏ ساري دنيا جا سنڌي به ڄڻ سندس دل ۾ ويٺا هُجن سنڌين سان سندس سڪ ۽ محبت ۽ پيار جو اظهار سندس هن غزل مان ڀليءَ ريت پسجي سگهجي ٿو:

جيڪي سنڌ تي لِکِي جيڪي سنڌ لئه وڙهن،
سڀئي ليکڪ سنڌِي مونکي ڏاها کپن !


شل هِي ويڙها سدا “ناز” سنڌ جا وسن،
وستيون واهڻ ٻنيون مونکي ها ها ! کپن .


غزل هجي يا نظم يا وري وائي لفظن جي چونڊ ۽ پسمنظر سچ ته دل کي ڇهندڙ اٿس. هو لفظن جا انڊلٺي رنگ ميڙي ڪنهن سُندريءَ جي آنچل تي ستارن جيان ٽانڪيندي نظر اچي ٿو . سندس شاعريء ۾ مجاز جو رنگ به عيان آهي ۽ ايئن لڳندو آهي ڄڻ ناز اسان جي دلين مان گهمي ويو هجي. سندس شاعريء ۾ اوسيئڙو به آهي ته التجا به آهي، سندس شاعريء ۾ بيقراري به آهي ته انتظاري به آهي سندس شاعريءَ ۾ محبت جو هڪ معراج نه پر کوڙ سارا معراج موجود آهن . هو عاشق به آهي ته معشوق به.سندس هن نهايت ئي دلڪش غزل مان اهي سُرور ڏيندڙ جذبا پڙهي اندازو لڳايو ته هُن جي شاعريءَ ۾ مجاز جي مستيءَ جو ڪو ڇيهه ئي ڪونهي سندس شاعريءَ جا لفظ سدائين رقص ڪندي نظر ايندا آهن.

ڳالهه نڪتي آ صنم زُلف سنوارڻ تائين
شوخ نظرن کان وٺي تُنهنجي نهارڻ تائين !


نثار احمد ناز جي شاعري زماني جي بي واجبين، ستم ظريفين ۽ ڏاڍاين جي به عڪاسي ڪري ٿي. هو اهڙن ڏکن، ڏوجهرن کي پنهنجي شعرن ذريعي ڄڻ ته زبان مهيا ڪري ڇڏي ٿو.

ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وڪڻون
انڌن جي اچي شهر ۾ پيا آرسيون وڪڻون


سر عام ڏئي هوڪا چَون چوڪ تي دلبر
بُک پيٽ جي خاطر ٿا اسان دلبريون وڪڻون


سندس شاعريء جو ڪتاب 208 صفحن تي مشتمل آهي جنهن ۾ غزل، نظم، وايون ۽ ڪافيون شامل آهن. ٽائيٽل بابر عظيمي جوڙيو آهي. ڪتاب جي شروعاتي 75 صفحن تي 17 شخصيتن جا رايا ۽ لکڻيون پڻ شامل آهن. اميد آهي ته نثار احمد ناز جي هن ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ دوست مثبت رايا موڪلي ، سنڌ سان محبت ڪندڙ هِنَ شاعر جي همت افزائي ۽ حوصلا افزائي ضرور ڪندا. نثار احمد ناز لاءِ دعا آهي ته هو پنهنجي قلم کي اظهار جو هڪ موثر هٿيار بنائي اڃان به لکندو رهي ۽ سنڌ امڙ جو حلالي پُٽ ٿِي سنڌ مٺيءَ سان ٿڃ جو ناتو نڀائيندو رهي .

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو