February 16, 2014

فيسبوڪ رائونڊ اپ - 2

فيسبوڪ رائونڊ اپ - 2
محمد سليمان وساڻ

هن هفتي فيسبوڪ جي ڏهين سالگرهه جي حوالي سان مختلف دوستن به فيسبوڪ جي باني مارڪ زوڪر برگ ۽ سندس ٽيم جا ٿورا مڃيا ته هنن جي ئي محنتن سبب اڄ اسان بي خوف ۽ آزاد انداز سان پنهنجا ويچار ونڊي رهيا آهيون. ان حوالي سان عبدالحفيظ لغاري ۽ وفا منور زئور خاص لکڻيون پيش ڪيون جن تي گهڻن ئي دوستن پنهنجا رايا ڏنا. وفا منور لکيو ته ” ڪڏهن ڪڏهن فيس بڪ مونکي پهرين، ٻين ۽ ٽين دنيا کان به مختلف ڪا چوٿين، هڪ عجيب ۽ منفرد دنيا لڳندو آهي. بلڪل هڪ يوٽوپيائي دنيا وانگر، هڪ اهڙي دنيا جنهن تي سڀني رهواسين جا هڪ جيترا حق لاڳو ٿيل آهن. هن لکيو ته آئون سلام پيش ڪريان ٿو فيس بڪ جي ايجاد ڪندڙ مارڪ زوڪربرگ کي جنهن حيقيقي طور تي نه ئي سهي پر خيالي طور تي ئي مون جهڙن ادنا ماڻهن کي وڏي آبرو ۽ رتبو بخشڻ جو هڪ ذريعو پيدا ڪري ڏنو
فيسبوڪ تي سنڌين جي هڪ عالمي ادبي تنظيم سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيشن (ساوا) جي سالگرهه جي سلسلي ۾ سندن گروپ، پيج ۽ ڪيترن ئي ليکڪن، شاعرن پاران مختلف والپيپر ۽ بينرلڳائي ساوا جي ادبي خدمتن جي مڃٽا ڏني. ان سان گڏ هندستان ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ مشاعرا ۽ ادبي پروگرام به ٿيا. ساوا جو مقصد فيسبوڪ تي موجود سڀني سنڌين کي هڪ ئي ڌارا ۾ آڻي انهن جي ڪاوشن، لکڻين ۽ بحثن کي گڏ ڪري انهن جي رهنمائي ڪرڻ آهي. فيسبوڪ جي هڪ اهم سرگرمي هئي سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي جاڳرتا لاء هلايل تحريڪ. ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري مشتاق ڦل، مختلف عهديدارن، ٽنڊي محمد خان مان نثار احمد ناز، گهوٽڪي مان پريم پتافي، سنڌ سلامت، ساوا ۽ ٻين فيسبوڪ گروپس ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاء ڪيتريون ئي تصويرون، بينر ۽ لکڻيون پيش ڪيون ويون. جيڪو سلسلو اڃان جاري آهي. هن هفتي خوبصورت تخليقڪار ۽ شاعر احمد سولنگي جي ڪتاب خواب آوارا پکي ڇپجڻ تي کيس واڌاين ڏيڻ سان گڏ سندس ڪتاب جو چرچو رهيو. ڪراچي لٽرري فيسٽيول جي حوالي سان به فيسبوڪ تي خوب شيئرنگ ٿيندي رهي آهي.
هن هفتي به تعليم بچايو سنڌ بچايو جي سلوگن تحت ڪيترن ئي دوستن پنهنجا رايا ڏنا ۽ ان ڳالهه تي بحث ٿيندو رهيو ته تعليم جي تباهي جو اصل ذميوار ڪير آهي. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مالڪن کي به ذميوار ڄاڻايو ويو ڇو ته ڪيئي صحافي استاد هوندي ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ پڙهائڻ بدران سڄو ڏينهن ميڊيا تي صحافين طور خدمتون پيا ڏين. ان سلسلي ۾ سنڌ ٽائمز جي پيج تي حيدرآباد ۾ ٿيل تعليم بچايو ريلي جي ان تصوير گهڻي مقبوليت ماڻي آهي جنهن ۾ هڪ شخص بينر کڻي احتجاج ۾ شامل آهي جنهن جو عنوان آهي ”صحافي استادو، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهايو.“ هوڏانهن مهراڻ ٽي.وي ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) پاران گهوٽڪي ۾ تعليمي هفتو ملهائڻ واريون سرگرمين کي به خوب پذيرائي ملي آهي.
سنڌ فيسٽيول جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي هن هفتي به مليل جليل رجحان نظر آيو. سهيل ميمڻ، ابراهيم هنڱوري سميت ڪيترن ئي دوستن سنڌ فيسٽيول کي هڪ ڍونگ قرار ڏنو. ٻئي طرف احمد سومري، شاهده جماڻي، ستار ڀٽي ۽ راشد سومري سميت ڪافي دوستن اهو اظهار ڪيو ته گهڻين خامين هوندي به سنڌ فيسٽيول ذريعي سنڌي ثقافت جي اپٽار ٿي آهي. ان سلسلي ۾ احمد سومري لکيو ته ”تاريخي ماڳن کي نقصان رسائڻ وارو عمل يقيناً چڙ ڏياريندڙ آهي. ان جي وڌ ۾ وڌ مذمت ۽ تنقيد ٿيڻ گهرجي؛ پر ان سبب ثقافت کي اجاگر ڪرڻ واري ڪنهن عمل جي مخالفت غيرضروري آهي. سنڌ ثقافتي فيسٽيول پنهنجو پاڻ ۾ ڪي مثبت پهلو بہ رکي ٿو؛ جنهن جا مثبت اثر، سنڌ جي شهري علائقن ۾ خاص طور ظاهر ٿيندا. ڪراچيءَ ۾ هن فيسٽيول جي چوٻولن، علامتي ئي سهي، پر سنڌ جي وحدت ۽ ثقافت جي شعور کي بيحد اجاگر ڪيو آهي.
ڪراچي ۾ قومپرست ڌرين خاص ڪري سنڌ ترقي پسند پارٽي جي 9 فيبروري واري سنڌ منهنجي امان ريلي ۽ 23 مارچ تي جسقم جي فريڊم مارچ بابت به فيسبوڪ تي پروموشن ۽ پبلسٽي ٿي رهي آهي. ملير جي 52  ديهن مان 43 ديهن جي زمين جيڪا بحريا ٽائون جي حوالي ڪئي وئي آهي (يا زوري خريد ڪئي وئي آهي) ان حوالي سان عوامي آواز ۾ آيل رپورٽ بابت به فيسبوڪ تي ڪيترن ئي دوستن ويچار ونڊيندي ان کي سنڌين خلاف هڪ وڏي سازش قرار ڏنو. ان سلسلي ۾ عبدالڪريم چانڊيي لکيو آهي ”ملير جون زمينون کاتيدار (اصلي ڌرتي ڌڻين) کان ڦري ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي کي مالڪي جو حق ڏنو آهي، ۽ اها انهن زمينن تي پلاٽنگ ڪري آبادڪاري ڪندي،۽ ملڪ رياض ان معاملي ۾ سڀني کان اڳڀرو آهي . ڇا اهو عمل سنڌي قوم کي هڪ ئي ڌڪ سان ختم ڪرڻ وارو معاملو ناهي ؟ نه هوندا سنڌي ماڻهو ۽ نه وري ڪندا رڙيون ۽ رينگٽ؟ ياد رهي ته اڳي به واڳ ڌڻين ڪي .ڊي .اي ٺاهي لکين پلاٽ جوڙي انهن تي لکين ڌارين ماڻهن کي آباد ڪيو. جنهن ڪري اڄ هرڪو لوٺيو ۽ رولاڪ سنڌ کي چيرڻ، ڦاڙڻ ۽ ورهائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي. اسان تصور به نه ٿا ڪري سگهون ته انهيءَ زمين تي جيڪي ماڻهو آباد ٿيندا، اهي اصلي سنڌي نه هوندا، پر ڌاريان هوندا، جيڪي هڪ ئي ڳيت سان اسان جي نسلن کي ڳڙڪائي ويندا. تنهنڪري اچو ته سڀ کان اول ڌارين جي آبادڪاري کي روڪڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ پوءِ ٻين مرضن جو علاج ڪريون.

هن هفتي سکر ۾ پني عاقل واسڻ حوا جي ڌيء سان ٿيندڙ بدتميزي، تذليل ۽ تشدد واري خبر به باهه جيان ڦرندي رهي. ان ڳالهه تي خوب ڇوهه ڇنڊيا ويا ته هاڻ ماڻهن مان ماڻهپو ختم ٿيندو وڃي جو ڪوبه ماڻهو نياڻيءَ سان سر عام ٿيندڙ تشدد تي مدد لاء اڳتي نه ٿو اچي. نه صرف اهو پر دانشورن تي به ڇوهه ڇنڊيا ويا جن هن اهم خبر تي پنهنجي قلم کي ماٺار ۾ رکيو. فيسبوڪ جي آنلائين ڪتاب گهر نالي سان موجود گروپ گهڻو سرگرم آهي، جتي ڪيترائي ڪتاب پي ڊي ايف جي صورت ۾ اپلوڊ ٿي رهيا آهن. هن هفتي فيسبوڪ تي رحمت پيرزادي، محمد علي پٺاڻ، حيدر دريا، اياز امر شيخ، رشيد سمون، امر ساهڙ ۽ عبدلماجد ڀرڳڙي کي جنم ڏينهن جي مناسبت سان ڀيٽائون پيش ڪيون ويون.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو