February 24, 2014

فيسبوڪ رائونڊ اپ - 4


فيسبوڪ رائونڊ اپ - 4

محمد سليمان وساڻ


هن هفتي جسمم ضلعي گهوٽڪي جي صدر صاحب خان گهوٽي جي تشدد ۾ ايجنسين هٿان قتل ٿيڻ واري واقعي تي ڏک، صدمي ۽ ڪاوڙ وارو تاثر رهيو.ان حوالي سان سنڌ سلامت لکيو ته ”سنڌ جي نوجوانن جا چچريل ۽ تشدد ٿيل لاش ملڻ جو سلسلو پراڻو آهي. رياست سدائين ڪوشش ڪئي ته اهڙين بزدلانا ڪارواين ذريعي سنڌ جي هٿين خالي نوجوانن کي هيسائي انهن کي خاموش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي، پر تاريخ اهو سڀ غلط ثابت ڪيو آهي. تون روز لاش ڏين ٿو پر نوجوان پتنگ جيان نثار ٿيندا رهن ٿا. رياست جي اهڙي شرمناڪ عمل تي ڇا لکجي جڏهن هو طالبان سان ته ڳالهيون ڪن ٿا جن انهن جي سوين فوجين ۽ سيڪيورٽي تي مقر ماڻهن جون سسيون لڻي انهن کي بنا ڪفن درگور ڪيو آهي پر هو سنڌين ۽ بلوچن جي پر امن ۽ سچائي واري واٽ کي هر وقت دٻائي انهن کي روز لاش موڪلين ٿا.

ساگر سهندڙي جي اها ڳالهه خوب شيئر ٿي جنهن ۾ هن جپاني ريسرچ جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته جاپاني ڪوب سٽي يونيورسٽي جي فارن اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ جي تحقيق موجب سوشل ويب سائٽس جي استعمال سبب دنيا ۾ خودڪشي جي رجحان ۾ گهٽتائي آئي آهي. دنيا جا ماڻهو پنهنجا مسئلا ۽ مونجهارا ٻين سان شيئر ڪن ٿا جنهن سبب کين ڪٿان همت ۽ ڪٿان نيون سوچون ملن ٿيون.سنڌي شاعري جي فيسبوڪ تي شيئرنگ جي حوالي سان هدايت بلوچ جي تحرير اهميت جوڳي ۽ اصلاحي هئي پر ان تي به مختلف ماڻهن جا منفي ۽ مثبت رايا سامهون آيا. هدايت بلوچ لکيو ته ”اهڙا دوست به شاعري ڪري رهيا آهن جن کي سنڌي صورتخطي به لکڻ نه ٿي اچي. افسوس ٿيندو آهي. جڏهن هو’خ‘ کي ’ک‘ لکندا آهن. ’ش‘ کي ’ڇ‘ ۽ ’ض‘ کي ’ز‘ لکندا آهن. وڌيڪ افسوس ان تي ٿيندو آهي ته چڱا ڀلا شاعر ۽ ليکڪ انهن تي واھ واھ ڪندا آهن. ڪو به خير خواھ انهن جي غلط صورتخطي جي تصحيح ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي..“

سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم هن هفتي به فيس بوڪ تي جاري رهي ۽ سڄي سنڌ ۾ ادبي سنگت ۽ سماجي ۽ سياسي تنظيمن جي سرگرمين جو تصويري رپورٽون هر ڏينهن شايع ٿينديون رهيون. 21 فيبروري تي قومي ٻولين جي ڏينهن جي مناسبت سان دوستن پنهنجي فسبوڪ جا ڪور ۽ پروفائل تصويرون به سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي سلوگن تحت سجايون. سليمان وساڻ لکيو ته جيڪڏهن سرڪاري سطح تي سنڌي کي قومي ٻولي جو درجو نه به ڏين ٿا ته ان سان اسان تي ڪوبه فرق نه پوڻ گهرجي. ڇو ته سنڌي اسان جي مادري زبان هجڻ ڪري اسان جي قومي ٻولي آهي. سنڌي قوم کي اها اپيل ڪندس ته خدارا پنهنجي ٻارن کي ڀلي اوهان ڪهڙن به اسڪولن ۾ پڙهايو، پر انهن کان پنهنجي مادري ٻولي پڙهڻ جو حق نه کسيو، نه ته اهي اوهان کي زندگي ڀر معاف نه ڪندا.

قومپرستي، سنڌ پرستي، عوامي پارٽي، عوام جي خدمت وارين مختلف لکڻين، تصويرن ۽ نعرن جي موٽ ۾ نثار ابڙي پنهنجي ٽائيم لائين تي لکيو ته ”اي سنڌ جا سڄڻ جي تون چاهين ٿو ته تنهنجي قوم آزاد، خوشحال ۽ دنيا ۾ عزت جو مقام حاصل ڪري ته تنهنجي ڪلهن تي قوم جي عزت ڪرڻ جو بار پيل آهي، پنهنجي قوم سان پيار ڪر، قوم جي ماڻهن جي ڏکن سکن ۾ ڀاڱيوار ٿي، انهن جي عزت نفس جو خيال ڪر،انهن جي مال متاع جو نگهبان ٿيءُ، انهن جي عزت ۽ ننگ جي حفاظت ڪرڻ سک، هنن جي ڏکن تي ارهو ۽ خوشين تي گد گد ٿيءُ. اي سنڌ جي آزاديءَ ۽ عزت جا رکوالا پاڻ کي قوم لاءِ اهڙي ڪردار جو مالڪ ٺاهي ڇڏ جهڙي صلاح اسانجي بزرگن اسانکي ڏني هئي.“

اسان جي معاشري جي بگاڙ جو هڪ سبب منافقي به آهي، ماڻهن هاڻ سچ چوڻ ڇڏي ڏنو آهي. پر ان جي برعڪس فيس بوڪ آزادي ڏني آهي ته سچ چئو ۽ سچ لکو. ان تي ماڻهن کي آماده ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڦلجي اسٽيشن مان عارف جهتيال لکيو آهي ”توهان ان وقت ئي سڀني کي سچ چئي سگهو ٿا، جڏهن توهان جو ڪنهن ۾ به ڪنهن به قسم جو مفاد نه هوندو. هر شهر ۾ صرف اهڙا پنج ماڻهو هجن ته به گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو باقي جاهلن جي هُجوم جي ته اسان وٽ کوٽ ئي ناهي..“. هن هفتي به سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌي اي بوڪ ۾ نوان ڪتاب شامل ڪيا ويا، جن ۾ ماڻهو (بدر ابڙو)، ڌرتي منهنجو گهر(ڊاڪٽر محبت ٻرڙو)، سنڌي لوڪ گيت (ٻوليء جي اوسر)، جمهوريت، صحافتي اخلاقيات ۽ ميڊيا (جامي چانڊيو) ۽ انت کانپوء (راشد بروهي) شامل آهن.

روزانه عوامي آواز 24 فيبروري 2014
___

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو