February 17, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 3

فيس بوڪ رائونڊ اپ 3

محمد سليمان وساڻ


سوشل ميڊيا خاص ڪري فيسبوڪ تي خبرن جي جلدي اچڻ ۽ کليل طور بحث مباحثي سبب ڪجهه مثبت نتيجا به ملي رهيا آهن. فيسبوڪ تي ڪيتري ئي عرصي کان تعليم بابت جيڪا جاڳرتا مهم هلي رهي آهي ان جو اثر پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کان نڪري ايوانن تائين پهتو آهي، اهوئي سبب آهي جو سنڌ اسيمبلي ۾ ان تي مدلل بحث ٿيو آهي. تعليم بابت جاڳرتا مهم تعليم سنواريو سنڌ بچايو جي نعري تحت سنڌ سلامت، رائيزنگ سنڌ، سگا جي پيجز سميت ڪيترائي دوست مسلسل لکي رهيا آهن. ذوالفقار واهوچي جي پوسٽ صحافي ماسترن کي اسڪول پهچايو ، سنڌ جي تعليم بچايو تي ڊگهو بحث مباحثو ٿيو آهي. هن اهو به لکيو آهي ته ”سنڌ جي موجوده صورتحال جو ذميوار عام ماڻهو نه پر سنڌ جو ساڃاھ وند آهي جيڪو صرف پنهنجي لاء جيئي ٿو“. سنڌ معاشي طور هڪ زرعي صوبو آهي پر ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي سواءِ مٺل جسڪاڻي جي ٻيو ڪو به ماڻهو نه ته لکي ٿو ۽ نه ئي ڪا اضافي ڄاڻ ڏئي ٿو. ان سلسلي ۾ دوستن کي لکڻ جي ضرورت آهي.

سنڌ جي ادبي ادارن جي ڪارڪردگي ۽ انهن جي پوئتي هجڻ جي سببن تي به خوب لکيو ويو ۽ اهو مطالبو ڪيو ويو ته اهڙن ادارن ۾ سياسي مداخلت بند ڪري اهل ماڻهن کي مقرر ڪيو وڃي. گذريل هفتي منعقد ڪيل ڪراچي لٽرري فيسٽيول جون تصويري جهلڪيون خوب شيئر ٿينديون رهيون. هن هفتي فيسبوڪ تي هدايت بلوچ جي ڪالمن جي ڪتاب ”يادگيرين جا البم“ ۽ ساحر راهو جي شاعريء جي ڪتاب ”دل جي ڳلي“ ڇپجڻ بعد تعارفي سلسلو جاري رهيو. هوڏانهن سڄي ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ مذهبي انتها پسندي ۽ دهشتگردي تي به خوب لکيو پيو وڃي. سنڌ جيڪا سيڪيولر ۽ صوفي منش ماڻهن جي ڌرتي آهي اتي مذهب جي نالي تي اقليتن سان ٿيندڙ زيادتين، هندن جي ڪجهه خاندانن جي ڀارت ڏانهن لڏپلاڻ به اهم موضوع رهيا. ان سلسلي ۾ اها به مهم هلي آهي ته سڀ گڏجي ان جو ڪو حل ڪڍون. اسد چانڊيو لکي ٿو ته ”مذهبي ٺيڪيدارن هٿان سنڌي سماج جي ٿيندڙ تباهيءَ آڏو بند ٻڌڻ لاءِ مان سنڌ ۽ سنڌين جي سيڪيولر ۽ قومي سوچ جي نمائندگي ڪندڙ هر ڌر سان ملندس. سنڌُ سڀن جي آهي، ان کي بچائڻ جو فرض به سڀن جو آهي، دعوت به سڀن کي ڏبي. مُنهنجي پوري ڪوشش هوندي ته، حيدرآباد ۾ يارهن مارچ تي ٿيندڙ ڪانفرنس مان سنڌ کي ڪجه ”عمل“ ملي، فقط ”خبرَ“ نه“.

سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا جي حوالي سان هن هفتي به فيسبوڪ تي دوستن جي مهم جاري آهي ۽ اهو ڀرپور مطالبو ٿي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي ۽ اسانکي به گهرجي ته پنهنجي ٻولي جي حفاظت ڪندي ان کي بگاڙ کان بچايون. سنڌ سلامت ان حوالي سان لکيو آهي ته هڪ طرف ته اوهان سنڌي ٻولي تي سياست ٿا ڪيو پر ٻئي طرف پنهنجي ٻارن کي سنڌي به نه ٿا پڙهايو، تنهنڪري سنڌي قوم کي اها وينتي آهي ته خدارا پنهنجي ٻارن کي ڀلي اوهان ڪهڙن به اسڪولن ۾ پڙهايو، پر انهن کان پنهنجي مادري ٻولي پڙهڻ جو حق نه کسيو، نه ته تاريخ ۽ اهي ٻار اوهان کي زندگي ڀر معاف نه ڪندا.شاعريء جي حوالي سان فيسبوڪ تي تمام گهڻيون سرگرميون ٿي رهيون آهن جن ۾ ڊزائن شاعري هڪ خاص مشغلو بڻجي ويو آهي. سنڌي شاعري ڪارنر، بزم سخن فيسبوڪ، ساوا ۽ سنڌ سلامت جي گروپس سان گڏ ڪيترائي شاعر دوست به پنهنجي پنهنجي ٽائيم لائين تي شاعري پوسٽ ڪري خوب داد حاصل ڪن ٿا. نه صرف اهو پر ساڳي شاعري اخبارن ۽ رسالن جي به زينت بڻجي ٿي. هن هفتي فيسبوڪ تي رضوان گل، احسان دانش کي جنم ڏينهن جي حوالي سان خوب ڀيٽائون ۽ نيڪ خواهشون پيش ڪيون ويون.

محبت جي عالمي ڏينهن ويلنٽائن ڊي تي فيسبوڪ تي مليل جليل رجحان نظر آيو. ڪجهه ماڻهن ان کي انسانن سان محبت جو ڏينهن، ڪجهه دوستن ان کي محبوب سان محبت جو ڏينهن ته گهڻن وري ان ڏينهن کي ڌرتي سان محبت جي عالمي ڏينهن طور ملهايو پر ڪجهه ماڻهن ان کي مذهبي حوالي سان بگڙيل رسم جو نالو ڏنو. حسين بخش ٿيٻي لکيو ته ”محبت ڪهڙي به رنگ ۾ هجي اها فتوائن جي محتاج نه هوندي آهي. هي اهڙو عظيم جذبو آهي جنهن جا سڀئي اظهار محبوب آهن.“ فيسبوڪ جي آنلائين ڪتاب گهر نالي سان موجود گروپ گهڻو سرگرم آهي، جتي ڪيترائي ڪتاب پي ڊي ايف جي صورت ۾ اپلوڊ ٿي رهيا آهن

روزانه عوامي آواز 18 فيبروري 2014
___

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو