November 21, 2012

شمشير الحيدري جو وڇوڙو : تون ياد وري آئين

شمشير الحيدري جو وڇوڙو : تون ياد وري آئين
محمد سليمان وساڻ

سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين،
سر عام هر بات چوندا رهياسين،
اوهان ڪيترو ئي ڌتاريو، دٻايو
اسين رات کي رات چوندا رهياسين.

ٻه سال اڳ سائين شمشير الحيدري سان گڏ تاجل بيوس جي پهرين ورسي جي موقعي تي جڏهن چوڪنڊي جي قبرستان تي حاضري ڀريسين ته خبر ناهي تاجل جي مزار تي بيهي دير تائين ڇا سوچيندو رهيو ۽ ان دوران سندس هي تصوير ڪيمرا جي اک سان محفوظ ڪري ورتي هيم. ان ئي ڏينهن هو چئي رهيو هو ته منهنجوموت تاجل جهٽي ويو آهي ۽ منهنجي حياتي اصل ۾ تاجل جي حياتي آهي. اڄ 10 آگسٽ 2012 تي ساڳيو شمشير هميشه هميشه لاء چوڪنڊي جي قبرستان ۾ تاجل سان گڏ ابدي آرام ۾ هليو ويو آهي.

 اڄوڪي ڏينهن صبح جو اٿڻ سان اها اڀاڳي خبر ملي ته شمشير لاڏاڻو ڪري ويو. عمران درويش سومري جي ڪيل فون کانپوء مان ويهي شمشير جون يادون ساريندو رهيس. مونکي ياد آيو ته 2011 جو سنڌ سلامت ڪيلينڊر ڏيندي جڏهن مان سائين شمشير کان ڪيلينڊر بابت راء ورتي ته خوش هيو، چيائين ته اهڙا ناياب ڪم ادارن کي ڪرڻ گهرجن پر ساڳي وقت اهو به چيائين ته سنڌ سلامت وارا شايد منهنجي موت جو سامان پيا تيار ڪن، حيران ٿيندي پڇيم ته اهو ڪيئن؟ پاڻ کلندي وراڻيائون ته ڪيلينڊر ۾ ڇپيل تصويرن ۾ صرف شمشير زندهه آهي باقي ته گذاري ويا آهن. مان ڪجهه چوان ان کان اڳ ئي مرڪندي چيائين ته مذاق پئي ڪيم ........ پر شمشير جي اها مذاق الائي ڇو مونکي سچ ٿيندي نظر اچڻ لڳي جو ڪجهه ئي ڏينهن ۾ سندن طبيعت خراب رهڻ لڳي.


هيء خبر ملندي ئي مان سائين شمشير جو موبائل نمبر ملايو ٻئي طرف سندس پُٽ سليم ڳالهائي رهيو هو مان ساڻس ڏک جو اظهار ڪندي پڇيو ته هو هن وقت ڪٿي آهن ۽ تدفين جو ڪهڙو فيصلو ڪيو اٿن. هن ٻڌايو ته 15 منٽن ۾ آغا خان اسپتال مان نڪري ميت کڻي شاهه خراسان روڊ تي غسل لاء وينداسين ۽ پوء بدين روانا ٿينداسين جتي سندس تدفين ٿيندي. مان جلدي تيار ٿي آغا خان اسپتال روانو ٿيم، پرائيويٽ ونگ جي ٻاهران ڪي ٽي اين جي گاڏي ۽ ايمبولينس سان گڏ سائين شمشير جي فيملي موجود هئي ٻيو ڪير به ڪونه پهتو هو. سندس پُٽ جاويد مونسان ملي روئڻ ۾ پئجي ويو ۽ سندس نياڻيون به روئي رهيون هيون ۽ منهنجون اکيون به ڀرجي آيون. ڪجهه ئي دير کانپوء ميت رواني ٿي. منهنجي آفيس ڇو ته آغا خان جي ويجهو هئي اتي وڃي ٻيهر سليم کي فون ڪيم جنهن ٻڌايو ته فيصلو ٿيو آهي ته بابا جي تدفين تاجل بيوس جي ڀرسان چوڪنڊي جي قبرستان ۾ ڪجي. دوستن کي اطلاع ڏئي اسان سندس پاڪستاني ڪوارٽر واري گهر پهتاسون، جتي سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ عام ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد موجود هئو. هر وات تي شمشير جي ڪهاڻي هئي، سڀ ڪو ساڻس گذاريل پل ۽ سندس ڪيل ڪم بابت ڳالهائي رهيو هو. علي بابا ٻڌايو ته مونکي شمشير ئي اڳتي آندو، هن ئي مونکي علي بابا جو نالو ڏنو ۽ مونکي پهريون دفعو ڇپڻ سان گڏ منهنجي رهنمائي ڪئي. تاج جويو، رکيل مورائي، نظر محمد ڳاهو، الطاف اثيم سميت ڪيترائي ماڻهو شمشير تي ئي ڳالهائيندا رهيا. مان ٻڌندو رهيس ۽ هڪ دور تي سوچيندو رهيس .... شمشير جو دور. ان دوران شمشير جون يادون اينديون رهيون ۽ مان سوچيندو رهيس هڪ اهڙي خوبيء تي جيڪا اڄ جي سنڌي اديبن ۾ نه هجڻ جي برابر آهي، هو ڪڏهن به پاڻ کي سڀ ڪجهه نه سمجهندو هو ۽ هر ڪنهن کي مان ڏيندو هو، ننڍي سان ننڍو ۽ وڏي سان وڏو ٿي پيش ايندو هو. شمشير ڪڏهن مايوس نه ٿيو هو پر هو انهن ڏکن ۽ دردن کي پنهنجي طاقت بڻائي سدائين اتساهه ڏياريندو هو.

مونکي ياد آهي ته سندس وڇوڙي کان چار ڏينهن اڳ جڏهن مان آغا خان اسپتال ۾ ساڻس مليس ته هدايت بلوچ جيڪو آمريڪا ۾ هيو ۽ نثار ابڙو جيڪو مڪي ۾ هيو ٻنهي جا سلام ڏنم ۽ چيم ته سائين نثار 15 آگسٽ تي سنڌ اچي رهيو آهي، پوء سچل ڳوٺ هلي ڪچهريون ڪنداسين. منهنجي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ پڪڙي چوڻ لڳو ته ها يار .... سچل ڳوٺ ته پنهنجو ڳوٺ آهي، اتي ضرور ڪچهريون ڪبيون ۽ نثار کي چئجان ته مان 15 تائين هلي ويندس..... پر موت جي فرشتي کيس ايتري مهلت به نه ڏني.

مغرب کانپوء جنازي جو قافلو مختف گاڏين ۾ چوڪنڊي طرف روانو ٿيو، شمشير جو پاڪستاني ڪوارٽرس ۾ رهڻ وارو سفر ختم ٿي چڪو هو ۽ تاجل سان چوڪنڊي ۾ هڪ نئين دور جو آغاز ٿي رهيو هو. ان دوران مختلف فون ايندا رهيا ۽ خبر پئي ته حيدرآباد، بدين، ٺٽي کان علاوهه سڄي سنڌ کان آيل اديب ۽ شمشير جا چاهيندڙ چوڪنڊي ۾ گڏ ٿي چڪا آهن. گلشن حديد ۽ سچل ڳوٺ کان وڏي تعداد ۾ ماڻهو اتي پهچي چڪا هئا. قافلو شاهراهه فيصل کان ٿيندو چوڪنڊي پهتو جتي ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد نظر اچي رهيو هو. تاجل جي ڀر ۾ شمشير جي آخري آرامگاهه تيار ٿي چڪي هئي. هر طرف شمشير تي ڳالهيون ٿي رهيون هيون، انهن اڻ کُٽ ماڻهن ۾ ڪجهه نالا ياد اچن پيا جن ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ، ساجد جوکيو، نذر محمد ڳاهو، شفيع محمد ڄاموٽ، امداد حسيني، تاج جويو، بدر ابرو، عبدالغفار تبسم، مشتاق ڦل، آڪاش انصاري، اسحاق انصاري، ڊاڪٽر ايوب شيخ، جاويد سومرو، بدر اڄڻ، علي بابا، سميع بلوچ، ستار ڀٽي، الطاف اثيم، پروفيسر اعجاز قريشي، پروفيسر سليم ميمڻ، اشفاق ميمڻ، گل حسن ڪلمتي، الطاف سومرو، ذوالفقار بهڻ، تاج محمد وساڻ، اصغر باغي، اياز جاني، ولي محمد روشن، علي حسن چانڊيو، خدا ڏنو شاهه، رياض چانڊيو، حريف چانڊيو، نذير لغاري، رکيل مورائي، نور محمد ميمڻ، امتياز دانش سميت ڪيترائي ماڻهو موجود هيا مان صرف انهن ماڻهن جا نالا ڏئي سگهيو آهيان جن سان ملي سگهيس.

جڏهن سندس جنازي کي لحد ۾ لاٿو ويو ته ان وقت هڪ عجيب ئي ماحول پيدا ٿي ويو جڏهن آسمان مان هلڪي برسات ۽ رحمت جي ڦڙ ڦڙ وسڻ لڳي جنهن مٽيء کي معطر ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ جي مٽيء جي مهڪ ۾ شمشير ڌرتيء جي ڀاڪر ۾ هليو ويو . دعا کانپوء گلن جون چادرون چاڙهيون ويون ۽ شمشير جون يادون کڻي هر ڪوئي واپس روانو ٿيو.

شمشير الحيدري هڪ گهڻي پاسائي شخصيت جو مالڪ هو، جنهن ادب، شاعري، ڊرامه نويثي ۽ صحافت سان گڏ سماجي ادران ۾ ڪم ڪندي انهن کي ٺاهيو. هو هڪ خود دار انسان هو. شمشير ڪا شخصيت نه پر هڪ ادارو هو . هو زندگيء ۾ ڪڏهن مايوس نه ٿيو ۽ سدائين هن سان ملندي هڪ اتساهه ملندو هو. هو پاڻ ته مفلس ئي رهيو پر هن سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادارن کي امير ڪري ڇڏيو. سندس وڇوڙو اسان وٽ هڪ وڏو خال پيدا ڪري ويو آهي. هو وڇڙيو ته ضرور آهي پر هو وسرندو ڪونه. هو جسماني طرح ته اسان کان وڇڙيو آهي پر سندس تخليقي ڪم اسان سان گڏ رهندو ۽ هر قدم تي اسان جي رهنمائي ڪندو رهندو.
ڪٿي آ شمشير جو چنگ چوري
زمانو ته ڀلجي ويو چارڻ جون ڳالهيون

____

2 comments:

  1. اوهان جو بلاگ سنڌي بلاگ ايگريگيٽر تي شامل ڪيو ويو آهي. وڌيڪ بلاگ شامل ڪرڻ لاءِ هيٺين لنڪ تي اسان جي رهنمائي ڪريو
    http://sba.iacc.edu.pk/?page_id=323

    ReplyDelete