November 26, 2012

رني ڪوٽ جي راهن تي

رني ڪوٽ جي راهن تي
محمد سليمان وساڻ

مان ننڍي هوندي کان ئي رني ڪوٽ بابت مختلف رسالن ۽ ڪتابن ۾ پڙهندو رهيو آهيان پر الائي ڇو مونکي لڳندو هو ته هي سڀ مفروضا آهن ۽ اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي جو ڪو ڪوٽ 30 ڪلوميٽرن جي پسگردائي ۾ هجي. شايد ان جو هڪ سبب اسڪولي زماني کان ڪوٽڏجي جي قلعي جا چڪر هڻڻ به هو. جيڪو سولو، سهڻو ۽ رني ڪوٽ جي مقابلي ۾ گهٽ ايراضي تي اڏيل آهي. پوء وقت جي حساب سان رني ڪوٽ گهمڻ جو شوق وڌندو رهيو. ڪجهه سال اڳ جڏهن سچل ڳوٺ مان دوستن جو قافلو رني ڪوٽ گهمڻ لاء تيار ٿيو ته ڪجهه ذاتي ڪمن سبب چاهيندي به نه وڃي سگهيس، پر چاهت ۾ ڪابه گهٽتائي ڪانه آئي. واپسي تي دوستن جڏهن شير ڳڙهه تي چڙهڻ جي ڳالهه ڪئي ته ايئن لڳو ڄڻ اهوئي رني ڪوٽ آهي ۽ ان تي چڙهڻ جي ڏکيائن جو ٻڌي دل لاهي ويٺس. پر هڪ دفعو وري نثار کوکر جي ڪاوش ۾ ڇپيل رني ڪوٽ واري ڪالم پڙهڻ کانپوء ٻيهر تجسس وڌيو. ڪجهه ڏينهن اڳ سچل ڳوٺ جي روح روان سراج ميمڻ، تاج محمد وساڻ ۽ ٻين دوستن رني ڪوٽ گهمڻ جي چاهت ڏيکاري ته تيار ٿي وياسين. هتان 20 دوستن جو قافلو هڪ ڪار ۽ هڪ مزدا ۾ سوار ٿي روانو ٿيو. جيڪي دوست تيار ٿيا انهن ۾ تاج محمد وساڻ، سراج الدين ميمڻ، الهداد گوپانگ، ربنواز ڀٽو، سراج احمد ڀٽو، اعجاز احمد ڀٽو، محمد سليمان آگرو، ثناء الله راڄڙ، محمد سليمان وساڻ، عبدالحفيظ لغاري، غلام مرتضى وساڻ، پنهل لاکو، قربان ڪلوڙ، علي حسن رند، رفيق احمد ڀٽو، صاحبڏنو ارباب، نعيم ميمڻ، انور ميمڻ، لياقت بليدي ۽ نواز سانگي شامل هئا.

 نومبر 16، 2012ع تي ڪراچي مان نڪرندي ڪافي دير ٿي، ان جو هڪ سبب ان ڏينهن پهرين محرم جو هجڻ به هيو. جنهن سبب ڪراچي ۾ موبائل فون تي پيل پابندي به هئي. پُر لطف ڪچهري ڪندا پوڻين 10 بجي رات جو ڄامشوري پهتاسين جتي سنڌ يونيورسٽي جي ايڪسيلينس سينٽر جي هاسٽل ۾ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شهاب الدين ميمڻ پاران رات جي ماني جو بندوبست ٿيل هو. اتي پهچڻ تي ڊاڪٽر صاحب ڀليڪار ڪئي ۽ اتان ئي ڪافي دوست علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار تي فاتح خواني لاء ويا ۽ پوء ماني کائي سن روانا ٿياسين. رستي ۾ موضوع ته رني ڪوٽ هجڻ گهربو هو پر الائي ڇو هر دفعي اهو موضوع مٽجي مزاحيه ڪچهري تي وڃي پيو دنگ ڪري. مون جهڙو سنجيده ماڻهو به ان ڪچهري ۾ شامل ٿي ويو. رات دير سان سن کان ٿورو پرتي ڳوٺ گائنچا ۾ پنهل لاکي جي گهر تي رهائش جو انتظام هو. پنهل لاکو ڪافي سالن کان ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي ۽ واڍڪي ڪم جو ٽاپ جو ڪاريگر آهي. ڳوٺ وارن دلي ڀليڪار ڪئي ۽ چانهه جو انتظام ڪيو. آرام لاء ستاسين پر هاء ڙي دوستو اوهان جا ڪم ڪي فون تي سڄي رات ڳالهائيندا رهيا ته ڪي ڪچهريون ڪندا رهيا، اهڙي صورتحال ۾ مون جهڙي ماڻهوء جي ننڊ ته ڪوهين ڏور اڏامي وئي. خير 17 نومبر 2012ع جي صبح جو ساڍي پنجين بجي همراهه پاڻ ته اٿيا پر اسان کي به اٿاريائون. بي دليا اٿي هٿ منهن ڌوئي ڪچهري ۾ لڳي وياسين. ناشتي ۾ پنهل لاکي پاران مکڻ. ماکي ۽ ديسي انڊن جو انتظام ڪيل هو پر اسان جي رهبر سراج ميمڻ جي دانهن اصل ماني جو مزو ئي وڃائي ڇڏيو. چئي جنهن ناشتو ڪيو اهو گهمي ڪونه سگهندو، چئي گهمڻ جو مزو بکي پيٽ آهي. کائي پي الٽيون ڪندا رهندا. ان ڊڄ سبب مان ته ناشتو ڪونه ڪيو يا بنهه ٻه ٽي گرهه کاڌا پر ڪجه دوستن ته اصل رڄ تي کاڌو. صبح جو ساڍي ستين بجي اسان گاڏين ۾ ويهي رني ڪوٽ جي راهن تي روانا ٿياسين.


رني ڪوٽ سن کان اولهه طرف 32 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، رستو قلعي جي مک دروازي تائين بهتر هو. رني ڪوٽ جيڪو ٽيهه ڪلوميٽرن جي ريڊيس تي مشتمل آهي جيڪو ٻن جابلوسلسلن ذريعي لڪي ۽ کيرٿر سان ملي ٿو. هي قلعو اهڙي ته انداز سان جڙيل آهي جو ان کي ٽن پاسن کان پهاڙي ديوارون آهن، جتي ديوار ناهي يا ننڍي آهي اتي پٿرن جي هٿرادو ديوار ٺاهي حفاظت ڪئي وئي آهي. ديوارون چن جي پٿرن جون ٺهيل آهن. ديوارن تي ۽ جبلن تي ڪل 43 حفاظتي برج آهن. جڏهن ته مِيري ڪوٽ ۽ شير ڳڙهه تي به 10 حفاظتي برج ٺهيل آهن. جابلو ديوارون اڀيون آهن ۽ ڪٿي ڪٿي 3000 فٽ جي بلندي تي لڳيون. هن قلعي جي ٺهڻ جي ڪابه پڪي تاريخ موجود ناهي صرف مفروضا لڳايا ويا آهن. ڪي چون ٿا ته هي ڏيڍ صدي قبل مسيح جو ٺهيل آهي، ڪي هن کي عربن جو ٺهرايل چون ٿا ته وري ڪي هن کي ميرن کان اڳ 17 هين صدي جو تصور ڪن ٿا. ڪي وري هن کي ايران جي بادشاهن جو ٺهرايل سمجهن ٿا، ڇو ته مِيري ڪوٽ جي ديوارن تي سورج مکي جا گل ٺهيل آهن ۽ سورج مکي ايران جو قومي گل آهي. رني ڪوٽ جي نالي بابت به مختلف رايا آهن. ڪي چون ٿا ته رني ڪوٽ جو نالو قلعي مان وهندڙ ناز ۽ نخرا ڪندڙ نئن سبب پيو آهي جنهن کي رني نئن سڏجي ٿو. رني جي معنى پاڻيء جو وهندڙ قدرتي وهڪرو آهي پر ڪجهه هنڌن روايتن ۾ آهي ته هي ڪوٽ سنڌ جي مهان حڪمران ۽ مهاڀارت جي جوڌي بادشاهه راجا جئدرٿ جي زال راڻي دوشالا ٺهرايو هيو، ان ڪري  راڻي ڪوٽ سڏبو هو ۽ پوء ان مان بدلجي رني ڪوٽ ٿيو هجي. حفاظتي لحاظ کان هي جڳهه ڪمال جي جڳهه آهي، هي قلعو اڏيندڙ ڪهڙن سببن ڪري پهاڙي علائقن ۾ اچي پناهه ورتي اهي سوال به اڃان سوال آهن.

اسان جڏهن گاڏين سان گڏ مُک سن دروازي تي پهتاسين ته لنگهه جي ٻنهي پاسن کان ڇهه کان ست فوٽ ويڪريون ديوارون کنيل هيون جيڪي مٿي وڃي پهاڙي ديوارن سان مليون پئي. مٿي چڙهڻ لاء ٻنهي پاسي ڏاڪڻيون هيون ۽ ڇيڙن تي حفاظتي برج ٺهيل هيا. اڳتي وڌياسين ته رستو خراب هو ۽ گاڏي جي ڊرائيور چيو ته هتان پنڌ هلڻو پوندو، اتان مِيري ڪوٽ 5 ڪلوميٽر اندر هو. ڊرائيور کي ايلاز منٿون ڪري اڳي هلياسين ته هڪ پل اچي وئي جيڪا نئن جي مٿان هئي. ان پل جي گهڻي حصي جو ڪم ته ٿي ويو هو پر صرف ٿوري ڪم سبب ڪم رڪجي ويو ۽ ڪير به سار لهڻ وارو ناهي. اتان اسان پنڌ نئن ۾ لٿاسين ته هڪ ڪراڙو شخص مليو جنهن چيو ته جبل جي پويان واري رستي تان اچو جيڪو رستو نئن مان اندران هو. اسان ته پل وٽان ئي هيٺ لٿاسين ۽ گاڏيون ڦري آيون پر نئن مان پار پوڻ به ڪو آسان ڪونه هو. اڀن ڪپرن هجڻ ڪري ڏکيو سُکيو پار پياسين ۽ وري گاڏين ۾ روانا ٿياسين. روڊ جي ٻنهي پاسي رني ڪوٽ جا لڪ، ماٿريون ۽ نيون هيون. حيرت سان ڏسندا اڳي وڌياسون ته پراڻي زماني جو قبرستان نظر آيو. چئن ڪلوميٽرن کانپوء ٻيهر هڪ پل آئي پر ان سان به ساڳيو حشر هيو. اڳتي گاڏين جو رستو نئن مان به نه هيو. سامهون مِيري ڪوٽ نظر اچي رهيو هو. نئن ٽپي سامان کڻي سڀ دوست ٽولين جي شڪل ۾ مِيري ڪوٽ ڏانهن وياسين. روڊ جي پاسن کان ڊگها ، اتاهان ۽ اڀا پهاڙ هيا. روڊ جي ٻنهي پاسي مختلف جڙي ٻوٽيون، ڪانهن، اڪن جا ٻوٽا نظر اچي رهيا هيا. مِيري ڪوٽ رني ڪوٽ جي وچ ۾ هڪ قلعو آهي. جنهن کي پنج حفاظتي برج آهن. اندر کوهه پڻ آهي ۽ فرش تي مسجد جا آثار نظر آيا. ڀتيون پٿر جون آهن ۽ مٿي 6 کان 8 فوٽ ويڪريون آهن. اتي ئي اسان جي ملاقات صادق گبول سان ٿي جيڪو سياحت کاتي جو پراڻوملازم ۽ گائيڊ لڳو. اتي دوستن آندل فروٽ کاڌو پر اسان حفيظ، مرتضى ۽ سليمان آگرو قلعي تي چڙهي فوٽو گرافي ڪرڻ لڳاسين ۽ قلعي بابت ڳالهائيندا رهياسين. مِيري ڪوٽ جي ديوارن تان اولهه طرف سن نئن وهي ٿي ۽ نئن جي هن پار ڪجهه گهر آهن جڏهن ته اتان ئي فصل پڻ نظر آيا، جنهن ۾ بصرن جو فصل هيو. اتان ئي شير ڳڙهه جبل جي چوٽيء تي نظر اچي رهيو هو. مِيري ڪوٽ جي ڪجهه ديوارن مان لڳو ته اهي پوء مرمت ڪرايل آهن. مِيري ڪوٽ جي ڪجهه جاين تي جيڪي ونگ ٺهيل هئا انهن تي سورج مکي جي گلن جهڙي ڊزائن ٺهيل هئي. اتان ئي دوستن جي تڪڙ سبب ٻه ٽولا ٺهي ويا ۽ ڪافي دوست مِيري ڪوٽ کان پهاڙ جي ڪڙ وٺي شير ڳڙهه تي چڙهڻ لاء تيار ٿيا. جڏهن ته ڪجهه ساٿي گاڏين کي نئن کان ٻئي طرف ڪاهي انهن گهرن طرف بيهارڻ ويا. مٿي چڙهڻ لاء رستو ناهموار، سخت پٿرائون هيو ۽ اڀيون ڀتيون هيون. دوست جلدي ۾ غلط رخ کان چڙهڻ لڳا. سڀ دوست مٿي روانا ٿيا ۽ مان ڇو ته وڃڻ مناسب ڪونه سمجهيو جو ڏکيي سفر ڪرڻ جا عادي ناهيون ۽ سوچڻ لڳس ته شايد شير ڳڙهه ئي رني ڪوٽ آهي، بي دليو نئن طرف روانو ٿيس.

مان، ماما تاج محمد ۽ پنهل لاکو هيٺ لهڻ لاء رستو ڳولڻ لڳاسين پر ڪافي وقت تائين هلڻ بعد به شايد ڪنهن غلط جاء تان لهڻ لڳاسين ته هيٺان ٻنين مان ڪنهن جو آواز آيو ته واپس ورو ۽ ساڄي پاسي واري لنگهه مان اچو. ايئن هيٺ لٿاسين ته صادق گبول جو پُٽ مليو ۽ اسان جي رهنمائي ڪندو ٻنين مان وچان، پاڻي جي چشمن، ساون وڻن مان اندران لنگهياسين جتي ڀنڀيرين ۽ رنگ برنگي پوپٽن جي جهلڪار هئي. هيٺ صاف ۽ شفاف پاڻي هيو جنهن ۾ هلندڙ ننڍيون مڇيون ۽ رنگين پٿر به نظر ايندا رهيا. اتي ئي مون سِڪو پاڻئَ اندر اڇليو ته اهو به صاف نظر آيو. پاڻي مٺو ۽ ٿڌو هيو. مونسان وڏي جُٺ اها ٿي جو ٻئي ڪيمرائون حفيظ ۽ مرتضى مٿي شير ڳڙهه تي کڻي ويا ۽ مان اهڙن خوبصورت نظارن جون تصويرون ڪڍڻ کان محروم رهيس. پوء به موبائل سان ڪجهه تصويرون ڪڍي ورتم پر ٻن ڏينهن کان موبائل چارج نه هجڻ سبب بيٽري به ڪم ڇڏڻ لڳي. مونکي اهو احساس ٿيو ته نه ٻيلي رني ڪوٽ ۾ گهمڻ لاءِ شير ڳڙهه کان علاوه به گهڻو ڪجهه آهي. اتان ٿيندا نئن مان نڪري گهرن طرف آياسين جتي گاڏيون به اچي ويون هيون. صادق چوڻ لڳو ته اوهان جا ساٿي جلد بازيء ۾ غلط رخ کان چڙهيا آهن ۽ گهڻي تڪليف ۾ پوندا، پر هاڻي نه ته آواز پئي پهچي سگهيو ۽ نه ئي فون جا سگنل ڪم ڪري رهيا هئا. اتان گاڏي تي آيل نعيم ميمڻ ۽ اعجاز چيو ته اسان کي به مٿي وڃڻو آهي، اسان صادق جي پُٽ کي گائيڊ طور انهن سان گڏ مٿي موڪليو ۽ انهن جي هٿان پاڻيءَ جون بوتلون به موڪليون. هاڻي شير ڳڙهه طرف چڙهندڙ دوستن جو تعداد سورنهن هيو. اتان شير ڳڙهه اسان جي ساڄي پاسي تي 1600 کان 2000 فٽ جي بلندي تي هيو، جڏهن ته اسان جي کاٻي طرف هڪ ٻيو جبل نظر اچي رهيو هو جيڪو به گهڻو اڀو هيو. جڏهن ته اولهه طرف کان موهن جو گيٽ هيو، جتان پاڻي اچي رهيو هو. اسان کي انتظار ڪرڻ ڏکيو پئي لڳو تنهنڪري اسان هيٺ رهندڙ دوست سراج ميمڻ، گاڏي جو ڊرائيور، ماما تاج، پنهل ۽ مان اتان چشمن جي طرف روانا ٿياسين جيڪي اتان کان ساڍن ٽن کان چار ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اولهه طرف هئا.

ڪنهن به انساني آبادي جو دارومدار پاڻيءَ تي هوندو آهي، جتي پاڻي هوندو اتي جيوت ۽ انساني آبادي به هوندي ۽ رني ڪوٽ سنڌ جو واحد قلعو آهي جنهن ۾ پاڻي چوويهه ئي ڪلاڪ هلندو رهي ٿو. ان ئي پاڻيء تي ويهه کن ايڪڙ زمين پڻ آباد ٿئي ٿي. پاڻي چشمن مان اچي ٿو، اسان پاڻيء جي لنگهه سان گڏ هلندا رهياسين. واٽ تي ٻنهي پاسي ڊگهيون پٿرائون ديوارو هيون جن تي چڙهڻ ڪنهن به طرف قابل عمل ڪونه هيو. اسان قلعي جي اولهه طرف موهن در ڏانهن وڌي رهيا هئاسين. پاڻي مختلف جاين تان پٿرن تان ڪري شور ۽ آواز ڪري رهيو هو. اسان ان ئي پاڻيء مان پيئندا به رهياسين ۽ وڻن جي ساوڪ ۽ سونهن به ڏسندا رهياسين. اڳتي هلي پيچري جو پاسو پاڻيء جي لنگهه کان ٻئي طرف ٿيو ۽ هاڻي اسان نئن جي ساڄي پاسي هلندا رهياسين. اتي اسان ان هنڌ پهتاسين جتي ٻئي جبل الڳ الڳ آهن ۽ وچان ديوار نظر آئي ۽ ٻنهي جبلن جي ڇيڙن تي حفاظتي برج نظر آيا. اسان هاڻي گهڻو ٿڪجي پيا هئاسين ۽ مان ته بلڪل پاڻ کي بي ساهو محسوس ڪرڻ لڳس. اسان ان طرف وڃي رهيا هئاسين جتان چشما وهن ٿا ۽ مشهور آهي ته اهو پرين جو آستان يا پرين جو تڙ آهي. آخر ڪار اسان اتي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين. سامهون اڇا پٿر نظر اچي رهيا هئا، جنهن لاء اها روايت مشهور آهي ته اتي چانڊوڪي راتين ۾ پريون وهجنديون آهن ۽ انهن اڇن پٿرن تي ويهنديون آهن. الائي ڇو مونکي ان وقت اها جاء ڪوهه قاف لڳي رهي هئي ۽ مان پاڻ کي سنڌ بجاء ڪوهه قاف جي ڪنهن علائقي ۾ موجود سمجهڻ لڳس. صاف ۽ شفاف پاڻي ڪجهه هنڌن تان پٿرن مان رستو ٺاهي ڪڙڪاٽ ڪري وهي رهيو هو. ٻئي طرف پربت جيڏو جبل هيو ۽ سج ان جبل جي اوٽ هيو. مان سوچي رهيو هوس ته ڪاش هتي راتيون ٽڪجن ۽ سج جي اڀرڻ ۽ سج جي لهڻ جا نظارا ڏسجن پر اهو سڀ سولو ۽ آسان ناهي. ڇو ته مٿي چڙهڻ لاء ڪي به سهولتون ناهن. مان سوچي رهيو هوس ته جيڪڏهن اهڙا سياحتي منظر يورپ يا ٻين سڌريل ملڪن ۾ هجن ها ته جيڪر چيئر لفٽ لڳائي سڄي رني ڪوٽ جو سير ڪرائن ها. اڃان به منهنجي ذهن ۾ اهڙا خاڪا اڀري رهيا آهن. اسان شفاف پاڻي ۾ لهي وهنجڻ شروع ڪيو. پاڻي ٿڌو ۽ مٺو هيو، شفاف پاڻيءَ ۾ مڇيون صاف نظر اچي رهيون هيون. اتان ئي ويٺي اسان جبلن جو نظارو به ڪندا رهياسين، اڌ ڪلاڪ اتي رهڻ کانپوء اسان واپسي جو سفر شروع ڪيو. رستي تي ڪجهه ٻڪريون چرندي نظر آيون ۽ ان سان گڏ ساڳي پيچري تان ڳئون پڻ گذرندي نظر آيون.

شير ڳڙهه چڙهندڙ سورنهن دوستن جڏهن مٿي چڙهڻ شروع ڪيو ته هو مختلف ٽولين ۾ ورهائجي مٿي چڙهڻ لڳا. ڇو ته هو غلط رخ کان مٿي چڙهڻ لڳا هئا تنهنڪري کين گهڻي پريشاني ٿي. هنن کي ڪجهه اهڙا به پيچرا مليا جتي هوا جو گذر بنهه ڪونه هيو ۽ اتي اڀيون ڀٿرايون ديوارون هيون. اڌ رستي تان ربنواز ڀٽو ۽ رفيق ڀٽو اڳتي وڌڻ جو ست نه ساري واپس وريا جڏهن ته باقي چوڏهن دوست آخرڪار شير ڳڙهه تي مٿي پهچي ويا. هنن ٻڌايو ته مٿي چڙهڻ لاء ڪنهن به قسم جو ڪو صحيح گس يا پيچرو موجود ناهي. شير ڳڙهه پٿرن جي ديوارن جو ٺهيل آهي. ديوارون ڇهه کان اٺ فوٽ ويڪريون آهن. مٿي هڪ حوض نما به ٺهيل آهي، جڏهن تي شير ڳڙهه تي مختلف طرفن کان پنج حفاظتي برج به ٺهيل آهن. شير ڳڙهه رني ڪوٽ جي اها جڳهه آهي جتان قلعي جو مڪمل نظارو ڪري سگهجي ٿو پر ان ڏينهن ڌنڌ ڇانيل هجڻ سبب دوست بهتر تصويرون ڪٺڻ ۾ به ناڪام رهيا. اڌ ڪلاڪ کن مٿي ساهه پٽڻ کانپوء دوستن جي واپسي شروع ٿي ۽ هيڏانهن اسان جي به چشمن کان واپسي ٿي، اسان ڏٺو ته دوست شير ڳڙهه جي مک دروازي تي مٿي موجود نظر آيا ۽ واپسي شروع ڪين. اسان گاڏين تائين واپس آياسين ته اتي. اسان گاڏين مان گِلم لاهي ڪجهه وڻن جي ڇانو ۾ ويٺاسين ته دوستن جي مختلف ٽولين ۾ واپسي شروع ٿي. گهڻن جو حال بيحال هيو، گهڻو ٿڪل لڳي رهيا هئا ۽ گهڻن ۾ ته ڳالهائڻ جي سگهه به نه رهي هئي. دوستن جي ڪيلن ۽ ٻئي فروٽ سان تواضع ڪئيسين ۽ پاڻي پياريوسين. هاڻي ڪافي دير ٿي چڪي هئي ۽ اسان کي ڪراچي ڏانهن واپس به ورڻو هو، تنهنڪري گاڏين ۾ چڙهي واپسي شروع ڪئيسين. ٿورو اڳتي هلي سڀني دوستن وهنجڻ جي فرمائش ڪئي.

 ٿورو اڳيان هلي مِيري ڪوٽ جي ويجهو نئن ۾ گهڻي پاڻي واري جڳهه تي شير ڳڙهه ڏانهن ويندڙ دوستن خوب وهنجي ٿڪ لاٿا ۽ مان مٿان ئي فوٽوگرافي ڪندو رهيس. الائي ڇو اهو لڳي رهيو هو ته اسان رني ڪوٽ جي ٿوري ئي حصي کي گهميو آهي. ڪجهه دير بعد وري گاڏين ۾ سوار ٿي واپس ورياسين. رني ڪوٽ جي مک دروازي يعني سن گيٽ تي پهچي تصويرون ڪڍيوسين. پر اهو محسوس ڪيم ته دوستن ۾ هاڻي پهريان واري ڦڙتي ناهي رهي. وري گاڏين ۾ ويهي واپس ورياسين ۽ پنهل لاکي جي ڳوٺ پهتاسين. جتي ڪي کٽن تي ڪِري آرام ڪرڻ لڳا ته ڪي وهنجڻ لڳا. ايئن شام جو ماني کائي ڳوٺ وارن کان موڪلائي سڌو سن جي سيد سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀريسين. فاتح خواني ڪري وري سفر شروع ٿيو، هاڻي رات ٿي چڪي هئي، ڪي سمهي پيا ته ڪي شير ڳڙهه جي تڪليفن جا سور سليندا رهيا. گاڏي ۾ ڪوشش ڪيم ته موضوع کي مزاح ڏانهن کڻي وڃجي پر دوست بلڪل ٿڪل هجڻ ڪري خاموش هيا. حفيظ مونکان هن شاهڪار بابت پڇي رهيو هو، منهنجا منتشر خيال هن قلعي جي اڏيندڙ ۽ ٺاهڻ وارن کي داد ڏيڻ سان گڏ انهن بيقصور ۽ مظلوم ماڻهن ڏانهن به وڃي رهيا هئا جن هن قلعي جي تعمير ۾ پنهنجون جوانيون برباد ڪيون هونديون. الائي ڪيترا ماڻهو سوين مڻ وزني پٿرن کي تراشيندي ۽ ڍوئيندي قلعي جي ديوارن ۾ بي ڪفن دفن ٿيا هوندا. وقت به ڪيڏو نه مغرور آهي جو اڄ نه ته قلعي کي ٺاهيندڙن جو ڪو نالو نشان موجود آهي ۽ نه ئي انهن هزارين ماڻهن جي ڪنهن کي ياد آهي جيڪي قلعي کي قائم ڪرڻ لاء پنهنجون جانيون وڃائي چڪا آهن. مان سوچي رهيو هوس ته ڪاش هي سڀ ڪجهه ڪندڙ بادشاهه ڪنهن پٿر تي يا ڪنهن ديوار تي پنهنجي نالي جو ڪو نشان ته ڇڏي وڃي ها .... ايئن رني ڪوٽ جي راهن کان ٿيندي، سن کان سچل ڳوٺ ڪراچي واپسي ٿي ۽ هي سفر اسان لاء زندگيء جي يادگار واقعن سان گڏ ڊائريء جي ورقن ۾ سمائجي ويو.

ڪاش هن قلعي تي ڌيان ڏنو وڃي ته جيڪر هي هنڌ سنڌ جي تاريخي سياحتي جڳهه بڻجي وڃي، جتي پرڏيهي ۽ ڏيهي سياحن جا ڪٽڪ اچڻ شروع ڪن. هي ساڳيو سلسلو آهي جتي اوهان کي اڳتي گورک هِل اسٽيشن جهڙو سياحتي مرڪز به ملي سگهي ٿو. پر ضروري آهي ته گهربل سهولتون، آسان ۽ محفوظ رستو فراهم ڪيو وڃي. رني ڪوٽ ۾ بجلي جي سهولت هجڻ گهرجي. رني ڪوٽ ۾ هڪ اهڙي ريسٽ هائوس جي ضرورت آهي جنهن ۾ رهڻ جون سڀ سهولتون مهيا هجن. رني ڪوٽ ۾ گائيڊ ۽ رهنما هجڻ گهرجن جيڪي رستن جي صحيح رهنمائي ڪن. رني ڪوٽ ۾ اندر موجود شير ڳڙهه ۽ ٻين مٿاهين وارين جاين تائين ڪي آسان پيچرا ٺاهيا وڃن جيئن پهچ سولي بڻجي سگهي.

تصويرون ڏسڻ لاء هيٺين لنڪس تي ڪلڪ ڪيو



3 comments:

  1. سٺو ٿيو اهو موضوع اڳ ئي سنڌ سلامت تي پڙهي ورتو... نه ته ايترو وقت ڪنهن کي جو ايترو لکيو پڙهي.. پر سائين منهنجا جي ٿورو لکو ها ته تفصيل ڪٿان ملن ها... ان ڪري پڪ اٿم ته دوست پڙهي لطف به وٺندا ته کين رني ڪوٽ گهمڻ جو شوق به ٿيندو

    ReplyDelete
  2. مهرباني

    جڏهن اوهان جهڙو مصروف ترين ماڻهو اهو سڀ پڙهي سگهي ٿو ته يقينن ٻين دوستن به پڙهيو هوندو

    ReplyDelete
  3. سائين اوهان جو سفرنامو رني ڪوٽ جي راهن تي پڙهي تمام سٺو لڳو ۽ رني ڪوٽ گھمڻ جو شوق بہ ٿيو

    ReplyDelete