November 23, 2012

وڻن جي ڪٽائي : پاڻ سان ڪيل دشمني



وڻن جي ڪٽائي : پاڻ سان ڪيل دشمني
محمد سليمان وساڻ

مان جيئن ئي اتي پهتس ته ڀانيم ته سالن کانپوء وري ٻيهر پراڻي وقت جون حسين گهڙيون واپس مليون ااٿم. مان گاڏي مان لهندي ڊرائيور کي چيو ته گاڏي گهر ڪاهي هل اسان وچان ٻنين مان ٿيندا ٿا اچون. جنهن رستي سان اسان هلي رهيا هئاسون ان جي ٻنهي طرف ڪڻڪ جو فصل تياري ڏانهن هيو ۽ ڪٿي سائو ته ڪٿي سونهري لڳي رهيو هو. ڪٿي ڪٿي سرنهن جا ٻوٽا موجود هيا جن ۾ گُل گهٽجي ويا هئا ۽ ڦريون تيار هيون. اپريل مهيني سبب مونکي گرمي به لڳڻ شروع ٿي ۽ پگهر وهڻ لڳو. مان تکو تکو هلڻ لڳس ۽ منهنجو ماسات پريشان ٿي پڇڻ لڳو ته ڇا ٿيو آهي. مان کيس ٻڌايو ته اڄ مان ٻار ٿي ويو آهيان ۽ دل ٺينگ ٽپا ڏيڻ ٿي چاهي. زندگيء جي مسئلن جي ور چڙهيل انسان جڏهن ڪا فطرتي آزادي ماڻيندو آهي ته سندس خوشي ڏسڻ وٽان هوندي آهي.



مان پنهنجي ماضيء ڏانهن موٽي ويس ۽ اهي ڏينهن ياد اچڻ لڳا، گهڻن ئي سالن کانپوء اڄ ان پيچري تي هيس جتان ڪيئي سال صبح ۽ شام اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. اتي پهچڻ شرط سوچون مونکي منهنجي ننڍپڻ ڏانهن وٺي ويو. اسان جو اسڪول ڳوٺ کان گهڻو پري هو ۽ ڇهين درجي ۾ داخلا وٺڻ کان گريجوئيشن تائين پيادل گهر کان اٺ يا ڏهه ڪلوميٽر پري وڃڻو پوندو هو. اڍائي ڪلوميٽر پيادل ٻنين جي وچ مان ٿيندا مين روڊ تي پهچندا هئاسون ۽ پوء اتان ڪنهن بس يا ويگن ذريعي اسڪول پهچندا هئاسين. اسان ڄڻ ته پنڌ کي وقت ۾ ماپي ڇڏيو هو ته هيترن منٽن م روڊ تي پهچنداسون. وچ ۾ هڪ واهه ايندو هو جنهن کي علائقي واسي علي بحر واهه سڏيندا آهن. هي واهه اسان جي علائقي جي ٻنين جي ۽ هتان جي ماڻهن جي ترقيء جو ضامن هجڻ سان گڏ ڄڻ ته آبِ حيات آهي. گرمين جي مند ۾ اسان جڏهن اسڪول کان واپس ٿيندا هئاسون ته واهه جي ڪپ تي پهچي ٽوال جو لُنگ ٻڌي ڪپڙا مٽائي، ڪتاب هڪ هنڌ رکي واهه ۾ وهنجي گرميء جو حل ڪڍندا هئاسون. جڏهن اسڪول ۾ گرميء جون موڪلون ٿينديون هيون ته اسان مينهن جا ڌڻ ڪاهي انهن کي وهنجارڻ جي بهاني واهه تي ايندا هئاسون. واهه جي خوبصورتي هوندي هئي ٽالهيء (ٽاريء) جا وڏا وڏا وڻ. جيڪي واهه جي ٻنهي ڪپن تي هوندا هئا. تمام وڏا ۽ گهاٽا وڻ، ڪي ته وري بلڪل واهه جي مٿان ننويل هوندا هئا ڄڻ پاڻيء کي سجدو پيا ڪن ۽ اهي ئي وڻ اسان جي دلچسپيء جو سبب هئا. اسان اهڙن وڻن تي مٿي چڙهي واهه ۾ ٽپ ڏيندا هئاسون. ٽالهيء جا اهي وڻ علائقي جي سڀني، شاخن، واهن جي ٻنهي ڪپن تي هئا. اهي وڻ گرمين جي مند ۾ ڇانورو مهيا ڪندا هئا. گهاٽن وڻن جي ڇانو ۾ واهه جي ڪپ تي ويهي خوب ڪچهري ڪبي هئي. اهي وڻ عام ماڻهن لاء ڪنهن اجهي کان گهٽ نه هئا. شام جو انهن وڻن ۾ ڪيترائي پکي اچي گڏ ٿيندا هئا. پکين جا ولر ۽ شام جو انهن جو موسيقي نما گڏيل آواز جيڪو پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندو هو. 

مان اهو سڀ سوچيندو ڇانوري جي تلاش ۾ واهه جي ڪپ تي پهتس ..... منهنجي حيرت جي انتها نه رهي جڏهن مان ٽالهيء جا وڻ ڳولهيندو رهيس پر پري پري تائين ڪنهن وڏي وڻ جو نالو نشان به ڪونه هو. مان ايئن پئي ڀانيو ڄڻ منهنجو اجهو اجڙي ويو هجي. گرميء سبب مان واهه جي ڀر واري زمين ۾ موجود ٻٻر جي وڻ جي ڇانو ۾ ويٺس. منهنجو ماسات مونکي ڏکارو ڏسي پريشان ٿي ويو. مان کانئس پڇيو ته هي ٽالهيء جا وڻ جو هوندا هيا اهي ڪاڏي ويا ؟ هو چوڻ لڳو ته تون شهر ۾ رهي تبديل ٿي ويو آهين ، يا شايد بي سمجهه بنجڻ جي ڪوشش پيو ڪرين. هو چوڻ لڳو ته هتان جي پوليس، هتان جا با اثر ماڻهو، ۽ هتان جا عام ۽ اٻوجهه ماڻهو سڀ ملي ڀڳت ڪري سڀ وڻ ڪٽي چڪا آهن.

مان ڏٺو ته علي بحر واهه تي ڪٿي ڪٿي ڪو ٽالهيء جو وڻ نظر اچي رهيو هو نه ته سڀ وڻ صاف ٿي چڪا هئا. اهي وڻ جيڪي ماڻهن لاء ڇانو، پکين جا آکيرا ۽ ماحوليات جا سڄڻ هيا سي سڀ ختم ٿي چڪا هئا. اهي وڻ جيڪي سم ۽ ڪلر جي بچاء سان گڏ واهن ۽ شاخن جي ڪپن ۽ بندن جي مضبوطيء جو به اهم سبب هوندا آهن سي هاڻي ختم ٿي چڪا آهن. مان ڏکندڙ دل سان واپس گهر آيس. ٻئي ڏينهن مان پنهنجي گاڏي ۾ چڙهي مير واهه، سنهڙو واهه ۽ محبت واهه جو پڻ چڪر لڳايو، سواء ڪجهه جاين جي تقريبن سڀ وڻ ختم ٿي چڪا آهن . هنن وڻن کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪنهن ڌاريي، ڪنهن ٻاهرين جو نه پر پنهنجي ئي ماڻهن، پنهنجي نمائندن، پنهنجي ئي انتظاميه ۽ پنهنجي ئي پوليس جا هٿ ملوث آهي. پيرا ڪنهن ٻئي ڏانهن نه پر پنهنجي ئي ويڙهن ڏانهن ويندي پيا نظر اچن. وڻن جي ڪٽائي نه پر ڄڻ ته ماحول جي تباهي ڪري رهيا آهيون. مونکي اهو پيو محسوس ٿئي ڄڻ اسان ڪي اجها اجاڙي رهيا آهيون.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو