مشتاق سعيد جي شاعريء جو نڪور ڪتاب ”ڪينرو ڪيسين وڄايان“
محمد سليمان وساڻ
محمد سليمان وساڻ

جو گيت تو هو ڇڏيو اڌورو،
انهيءَ کي پورو،
ڪري سگهان يا مَري وڃان مان،
اهو نه ڄاڻان مگر ٿو ڄاڻان،
جو ڪينرو تون ڇڏي ويو آن،
سو ڄڻ ته مون آ
ڪُلهي ۾ پاتو
مشتاق پنهنجي نظمن ۾ سنڌ جي سونهن کي ڳائيندي حسن درس جي ياد تازي ڪري ٿو. سندس نظمن ۽ شاعريء ۾ ڳايل پسمنظر بلڪل حقيقي لڳن ٿا ۽ اهو محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ جي سونهن ئي سندس لکڻ جو وڏو سبب آهن، جنهن جو مثال اوهان سندس نظم جي هن ٽڪري مان محسوس ڪري سگهو ٿا:
جئين رڻ تي هرڻيون ڊوڙن ٿيون،
ائين شعر ڊُڪن ٿا مون من ۾،
انڌياري ۾ ئي وڃڻو آ،
پر آگ لڳا ئي ڪا بن ۾،
جي ٻُورَ نمن ۾ ٻهڪي پيا،
تنهن مُند وري پو ڳائبو،
آ سنڌ اسانجي جند پرين،
ها سنڌ وري پو ڳائبو،
اي جند وري پو ڳائبو
مشتاق جي شاعريء
پڙهڻ کانپوء لڳو ته هوسنڌ جو نقاد به آهي، ته سنڌ جو مصور به آهي ته سنڌ جو راڳي
به آهي ته سنڌ جوسڄڻ به آهي. هو هر ڪردار ، هر نظم، هر صنف ۾ مڪمل شاعر آهي، پر
سندس نظم شاهڪار آهن. سندس شاعري اميد جو پيغام بڻجي اسان تائين پهتي آهي :
ڏانءُ توکي مون ڏنو،
تو بنا مان ناهيان،
مون بنا تون ڪونه آن،
رات ۾ جا سانت آ،
سانت جو تون روح آن،
مان به تنهنجو ئي مگر،
ڄڻ ته پاڇو هان پرين،
تات مون ۾ تو ڀَري،
ڏات مون ۾ تو ڀَري،
لفظ ۾ ڀي آ اثر،
تون شمع آهين مگر،
آئون تنهنجي روشني،
مشتاق سعيد سنڌ جي
نوجوان شاعرن واري کيپ ۾ پهرين قطار جو شاعر آهي، جنهن جي شاعري بغاوت جو اعلان
آهي، هو سنڌ جو باغي شاعر آهي. سندس مطالعو وسيع لڳي ٿو، اتي سندس مشاهدو به ڪمال
جو آهي. سندس شاعريء ۾ اوسيئڙو به آهي ته التجا به آهي، سندس شاعريء ۾ بيقراري به
آهي ته چاهت جي معراج به آهي. هو اسان نوجوانن جو نمائنده شاعر آهي جيڪو پنهنجي
تخليقن ذريعي ذهن جهنجهوڙيندو رهي ٿو ۽ ضميرن کي جاڳائيندو رهي ٿو.
جڏهن به تاڙن تنوار ڪئي يا،
وِڄن به وڄندي ولهار ڪئي آ،
جڏهن به لهرون ڪپن لڳيون يا،
چُراند چنگ سان ڌنار ڪئي آ،
جڏهن به ساون وڻن مٿاران ،
حَسين چنڊ جا پون ٿا چلڪا،
چوي ٿي دلڙي ڪو راڳ ڇيڙيون،
رڳو پيا ڳايون اوهان جي ڪِوتا
ساحل
پرنٽرس حيدرآباد پاران ڇپايل سندس شاعريء جو هي ڪتاب ڪينرو
ڪيسين
وڄايان
128 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾
سندس نظم، وايون ۽ بيت شامل آهن، هن ڪتاب جي قيمت 160 روپيا آهي .
.
*******
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري ڪتاب آنلائين پڙهڻ سان گڏ ڊائونلوڊ به ڪري سگهجي ٿو
.
جڏهن به ساون وڻن مٿاران ،
ReplyDeleteحَسين چنڊ جا پون ٿا چلڪا،
چوي ٿي دلڙي ڪو راڳ ڇيڙيون،
رڳو پيا ڳايون اوهان جي ڪِوتا
واه سائين واه
مشتاق سعيد مان واقعي لاڙ جي خوشبو اچي رهي آ.
ادا احمد علي مهربانيون
ReplyDeleteاميد ته بلاگ جي حوالي سان حوصلا افزائي سان گڏ رهبري به ڪندا رهندا
ادا سليمان ڇا ته شاندار قسم جو تبصرو لکيو آهي اوهان ۔۔۔ خوبصورت شاعري، برابر خوبصورت تبصرو۔ هڪ ڪتاب تي مون کي به ڪجهه تبصرو لکڻو آهي۔ اوهان جي لکڻي مان سکان پيو ٿو۔
ReplyDeleteمولا اوهان جي ڏات ۾ واڌاري آڻي۔
سجاد
پيارا سجاد مهربانيون
ReplyDeleteيار سجاد، مان نه ته شاعر آهيان ۽ نه ئي وري اديب، پر هڪ ڳالهه ضرور آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪي شاعر پنهنجي خوبصورت شاعريء ذريعي سوچڻ ۽ لکڻ تي مجبور ڪندا آهن.