November 26, 2012

ماءُ : ڪائنات جي خوبصورت ترين هستي



ماءُ : ڪائنات جي خوبصورت ترين هستي
محمد سليمان وساڻ



اڄوڪو ڏينهن دنيا ۾ مائرن جي عالمي ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي. هونئن ته هر ڏينهن اسان لاء ماء جو ڏينهن آهي، هر ڏينهن اسان کي پنهنجي امڙ جو ڌيان رکڻ، خدمت ڪرڻ ۽ سندس دعائون وٺڻ جو آهي پر سڄي دنيا اڄوڪي ڏينهن کي ڀيٽا طور ماء جو ڏينهن ڪري ملهائي رهي آهي. اڄوڪي ڏينهن جتي پنهنجي ڪُک مان جنم ڏيندڙ ماء کي ڀيٽا جو ڏينهن آهي ته ساڳي ئي وقت پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ کي ڀيٽا ڏيڻ جو به آهي.

ڪائنات جا ڪروڙين رنگ آهن پر انهن ڪروڙين رنگن جو هڪ ئي اهو روپ آهي جنهن کي ”ماءُ“ چيو وڃي ٿو. سارنگ منير ڪٿي لکيو هو ته ماءُ هڪ اها ڇپر آهي جنهن هيٺان دنيا جا سمورا درد دور ٿي وڃن ٿا، هر مصيبت موٽي وڃي ٿي، هر پريشاني پويان پير ڪري ٿي. دنيا ۾ ڪروڙين ڏک پلن ٿا پر دنيا ۾ لکين مصيبتن جا دروازا کليل آهن، دنيا ۾ هزارين پريشانيون آهن پر انهن سڀني مصيبتن ۽ پريشانين جو حل هڪ ماءُ جي دعا آهي. جيڪا فرش کان عرش تي پهچائي سگهي ٿي. اها ماء جي هنج ئي آهي جيڪا زندگي گذارڻ جو سليقو سيکاري ٿي.
اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليه واله وسلم فرمايو آهي ته ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي. ماءُ هڪ اهڙو رستو آهي جيڪو سڌو جنت ڏانهن وٺي وڃي ٿو. مان ننڍي هوندي مختف گاڏين جي پويان لکيل هڪ جملي کي ڄڻ ته پنهنجي ذهن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي اهو جملو ڄڻ ته ڪُل ڪائنات آهي “ماء جي دعا ، جنت جي هوا.” حضرت امام حسين عه جو قول آهي ته”جـڏهن به اوهانکي فرصت ملي ته پنهنجي ماءُ وٽ وڃي ويهندا ڪريو، ڇاڪاڻ ته ماءُ سان گڏ گذاريل هر پل، قيامت جي ڏينهن اوهان جي نجات جو سبب بڻبو.” دنيا جي عظيم ڏاهي شيڪسپيئر چيو آهي ته جيڪڏهن هر هڪ زندگي پويان ماءُ جون دعائون ڪڍو ته اها زندگي ئي نه رهندي ڇو جو هر زندگي ماءُ جي دعائن سان هلندي آهي. ماءُ زندگي جي اونداهي راهن ۾ روشنيءَ جو مينار آهي. ماءُ هڪ اهڙي هستي آهي، هڪ اهڙو رشتو آهي جنهنجو ڪو به نعم البدل ناهي. اها ئي ماء ئي آهي جيڪا سڀڪجهه سر تي سهڻ ۽ هر شيءِ کي وسارڻ لاءِ تيار ٿي ويندي، پر ٻچي مٿان ڪک نه سهندي! چون ٿا ته لوليء جي شروعات به ماء ڪئي هئي، پنهنجي پياري ٻچڙي کي جهولي ۾ جهولي ۽ ان کي دعائون ڏيندي ۽ جهونگاريندي ننڊ ڪرائڻ.
ڪائنات جي خوبصورت ترين هستي جيڪڏهن منهنجي نظر ۾ ڪا آهي ته اها ماء آهي۔ ماء ڏک، سختيون، اهنج سهي به پنهنجي ٻچڙي لاء ڇا ڇا نه ٿي ڪري۔ مون لاء هر ڏينهن ماء جو ڏينهن هوندو آهي ڇو ته سدائين مونسان منهنجي مٺڙي امڙ جو يادون ۽ دعائون جو گڏ هونديون آهن. اهي ماڻهو جن جون امڙيون زندهه آهن ۽ هنن لاء دعا گهرن ٿيون انهن جي زندگي ڄڻ ته ڪو جنت جو جهونڪو آهي. پڇي ڏسو انهن کان زندگيء جون گهڙيون ۽ انهن جا ويران گهر جن وٽ امڙين جو پيار ۽ دعائون ناهن. مشهور واقعو آهي ته الله جي نبي حضرت موسى عه جي والده جو جڏهن انتقال ٿي ويو ته پروردگار طورسينا جبل تي حضرت موسى عه کي چيو ته اي موسى عه هاڻ هن جبل تي پنهنجا قدم سنڀالي هلجان ڇو جو اڄ ماءُ جون دعائون تو سان گڏ ناهن جيڪا چوندي هئي پروردگار منهنجي موسى جي پارت اٿئي.
افسوس جو اڄ به اهڙا ڪٺور دل انسان موجود آهن جيڪي هن عظيم هستيء کي عورت سمجهي سندس تعظيم ڪرڻ ڇڏي ڏين ٿا ۽ معاشري جي عجيب ريتن، رسمن ۽ رواجن جي پاسداري ڪندي ماء کي ستائن ٿا ۽ ڏک ڏين ٿا. ماء اهڙين سختين باوجود به پنهنجي جگر جي ٽڪري کي بد دعا نه ٿي ڏئي ۽ سندس آسانين ۽ سک لاء رب جي بارگاهه ۾ هر وقت جهولي جهليو بيٺي آهي. پر ياد رکو ماء جي بد دعا آسمان کي لرزائي ڇڏيندي آهي، پياري رسول ڪريم صه جن جو فرمان آهي ته “ماءُ جي بد دعا کان بچو ڇو جو خدا ۽ ماءُ جي دعا جي وچ ۾ ڪوئي پردو نه هوندو آهي ۽ ماءُ جي نافرماني ڪرڻ وارو جنت ۾ داخل نه ٿيندو”.
اچو ته اهو عهد ڪيون ته اسان پنهنجي حقيقي ماء ۽ ڌرتي ماء سان گڏ هر عورت جي عزت، تعظيم ۽ وقار کي بلند ڪنداسين. اچو ته اڄوڪي ڏينهن تي اسان پنهنجي پهرين درسگاهه، پهرين پينگهه، پهرين جهولي، پهرين پيار ، پهرين لولِي، پهرين چُمي، پهرين ڀاڪر ۽ پهرين تربيت گاهه جي لاج رکندي سندس قدم چميون ۽ کيس سلام پيش ڪيون.







No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو