December 08, 2012

ڊاڪٽر تنوير عباسي: شاعر، ڪهاڻيڪار، محقق ۽ مرتب

ڊاڪٽر تنوير عباسي: شاعر، ڪهاڻيڪار، محقق ۽ مرتب
 محمد سليمان وساڻ

جديد سنڌي شاعريء جي اهم نالي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو اصل نالو نور نبي ۽ والد جو نالو  گل حسن آهي. سندس جنم 7 ڊسمبر 1934 ۾ ڳوٺ سوڀي ديري ضلعي خيرپور ۾ ٿيو، ميٽرڪ اين-جي- وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان، انٽر سائنس ڊي- جي سنڌ گورنمينٽ ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ ايم- بي-بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد مان 1960ع ۾ پاس ڪيائين.

ڊاڪٽر تنوير سنڌي گيت جو هڪ سريلو ۽ مٺڙو شاعر آهي، جنهن جي شعر ۾ ميٺاج، رواني ۽ سادگي آهي. کيس شاعرن "Lyrical Poet" سڏيو آهي. کيس سنڌي شاعريءَ جو Words worth سڏيندا آهن، خود ورڊس ورٿ جو شمار انگريزي شاعريءَ ۾ Lyrical Poet جي حيثيت سان ٿئي ٿو. تنوير عباسي نه رڳو ڪلاسيڪل لوڪ گيتن کي نئين معنيٰ ڏني پر گيتن، بيتن ۽ وائين کي نئون موڙ ڏنو. سندس گيت ۾ هندي گيت واري مڌرتا ۽ رواني آهي. شاعريءَ کان سواءِ به گهڻو ڪجهه لکيو اٿن، پر سندس شاعري ۽ شاهه لطيف تي لکيل ڪتاب وڌيڪ مشهور آهن. ڊاڪٽر تنوير جي شاعري زندگيءَ جي ترجمان آهي. گيت جي صنف کي حسين کان حسين بنائڻ لاءِ ڪافي فني تجربا ڪيا اٿن.


تنوير عباسي بنيادي طور تي شاعر آهي ۽ سندس شمار سنڌيءَ جي اوچ ڪوٽيءَ جي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿن جن ۾ غزل، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، گيت، بيت ۽ وائي وغيره شامل آهن پر  تنوير جو اهو ڪمال آهي جو هن جاپان جي مقبول صنف “هائڪو” کي سنڌي جو روپ ڏئي سنڌي ادب ۾ هڪ نئين صنف متعارف ڪرائي.  هن وقت تائين سندس شاعريءَ جا ڇھ 6 مجموعا 
-
رڳون ٿيون رباب – 1958ع
شعر-1970ع
سج تريءَ هيٺيان - 1977ع
 هيءَ ڌرتي – 1985 ع
تنوير چئي - 1989ع ۽
ساجن، سونهن، سرت (1996)  شايع ٿيل آهن.

شاعريءَ کان سواءِ ڊاڪٽر تنويرنثر جي مختلف صنفن ۾ پڻ قلم آزمائي ڪئي اٿس، جن ۾ شاعري، ڪالم ، سنڌي ادب تي تحقيقي مضمون، شاهه لطيف جي شاعريء سان گڏ سچل سرمست جي شاعريء جو اڀياس شامل آهن.

سندس چونڊ ۽ ترتيب تي ٻڌل-ٻاراڻو ٻول – 1973ع
جديد سنڌي شاعري – 1981ع
تحقيق ۽ کوجنا تي ٻڌل- ’شاهه لطيف جي شاعري‘ جلد پهريون – 976ع
 ’شاهه لطيف جي شاعري‘ جلد ٻيو -1985ع
’ شاهه لطيف جي شاعري، جلد ٽيون (جلد پهرئين ۽ ٻئي سان گڏ ڇپيل- 1989
نانڪ يوسف جو ڪلام- 1982ع
خير محمد هيسباڻي جو ڪلام- 1983ع
پر ڏيهه جي سفر تي ٻڌل سفر نامو- ڏوري ڏوري ڏيهه – 1984ع
هڪ ويٽنامي ناول جو ترجمو –’جي ماريا نه موت‘- 1973ع جي ڇاپي کان پوءِ هيل تائين ٽي وڌيڪ ڇاپا ڇپيل)؛
 سچل سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور جي ڪتابي سلسلي’سرمست‘ جا 9 جُلد سهيڙيل (1980) کان 1989)؛
۽ مضمونن، خاڪن، يادگيرين، انٽرويو ۽ دبئي جي سفر نامي جو مجموعو’ترورا‘ - 1988ع

انکان سواءِ ادب ۽ ڪلچر جي مختلف موضوعن تي سئو کان وڌيڪ مقالا ڇپيل آهن، سندس تحقيقي ڪم، جيڪو هن’ شاهه جي رسالي جي 1275 هجريءَ واري قلمي نسخي‘ تي ڪيو آهي، پڻ ڇپائيءَ لاءِ تيار آهي.


هر ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو،
هر ڪا دل هيرن جي کاڻ،
ڄاڻي ڏس ته سهي اڻ ڄاڻ.

سندس وفات 25 نومبر 1999 اسلام آباد ۾ ٿي ۽ سنڌ کان دور اتي ئي دفن ڪيو ويو.

حوالا:

تنوير چئي 1989
سنڌي غزل جي اوسر – اياز قادري 1984
سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات – پروين موسى ميمڻ




1 comment:

  1. تمام سٺو تبصرو آهي. تنوير عباسي تي اسان جو هڪ دوست ايم فل به ڪري رهيو آهي.

    ReplyDelete