March 05, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 5

فيس بوڪ رائونڊ اپ 5

محمد سليمان وساڻ

سوشل ميڊيا تي هن هفتي جي شروعات ۾ ئي 24 فيبروري تي سنڌ جي نياڻي رنڪل ڪماري جي زوري مذهب مٽرائڻ جي ٻن سالن جي پڄاڻي تي ڪيترن ئي دوستن سندس تصويرون لڳائي ان ڏينهن جي ياد تازي ڪندي سماج جي ڏاڍ تي لکيو. اسد چانڊيي لکيو ته ”اسان جي نا اهلي ڪري جيئري ئي مري ويل، اڄ جي سنڌ جي مزاحمت جي ڪردار، رنڪل جي اغوا واري ڏينهن تي، مُنهنجي ذهن ۾، هڪ ئي وقت، ڪيتريون ئي فلمون هلي رهيون آهن. اهڙيون فلمون، جن جَي ذهن ۾ اچڻ ۽ هلڻ بعد، ذهن مائوف ٿيل محسوس پيو ٿئي. سنڌ کي هيءَ ڪاميابي ڏيڻ جيڪڏهن آسان نه هئي ته ايتري ڏکي به نه هئي. شرط فقط ايترو هو ته جَنهن جيڪو ڪجهه چيو به هو، سو ڪري ڏيکارڻ جي همت به رکندڙ هجي ها ته! رنڪل کي جيئري ئي ماريو نه وڃي ها .“

گذريل هفتي چئن سنڌي ڪتابن جي مهورتي تقريبن جون تصويرون ۽ رپورٽون به خوب شيئر ٿيون جن ۾ اسحاق انصاري جو سفرنامو نڪري پيس نيپال ڏانهن (حيدر آباد) ، جميل سومري جي شاعريءَ جو مجموعو ريشم جهڙا خواب (ڏهرڪي)، شبير هاليپوٽي جو ڪتاب تو بن ڪجهه به نه مان (محرابپور) ۽ ڊاڪٽر سليمان شيخ جو ”منهنجي دنيا“ (ڪراچي) شامل آهن. نامياري شاعر هدايت بلوچ جي نوجوان پُٽ فياض بلوچ جي 26 فيبروري تي مسقط ۾ دل جي دوري سبب فوتگي تي به فيس بوڪ تي تعزيتي لکڻيون پيش ڪندي خاندان سان ڏک ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو ويو.

23 مارچ تي جسقم جي آزادي مارچ جي سلسلي ۾ جسقم ميڊيا سيل ۽ ڪيترن ئي نوجوانن پاران ان کي ڪامياب بڻائڻ ۽ ماڻهن کي وڌ ۾ وڌ شرڪت ڪرڻ لاء اتساهيندڙ تشهيري مهم هلي رهي آهي. ٻئي طرف عوامي جمهوري پارٽي پاران تعليمي انقلابي لانگ مارچ جي سلسلي ۾ سندن پيج تي مثبت سرگرمي ڏسڻ ۾ آئي آهي ۽ کين ڀرپور عوامي موٽ ملي آهي ياد رهي ته اهو تعليمي مارچ 16 مارچ تي سکر ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ٿيندو، جيڪو موري پهچندو ۽ پوءِ اتان گڏيل هڪ ئي قافلو حيدرآباد، سجاول، ٺٽو کان ٿيندو ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي پهچندو. هوڏانهن سپلا جي هڙتال واري سڏ تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڌرڻي تي پوليس جي تشدد ۽ گرفتارين جي به فيسبوڪ تي هر پل خبر اپڊيٽ ٿيندي رهي ۽ خاص ڪري شفيق احمد جوکيي حڪومت ۽ انتظاميه جي اهڙي پر تشدد ڪاروائي تي لکيو ته حڪومت هزارين شهرين ۽ فوجين جي قاتل دهشتگردن سان ته ڳالهيون ڪرڻ لاء تيار آهي پر استادن سان ڳالهيون ڪرڻ بجاء انهن تي تشدد ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته هي عوامي حڪومت نه پر وڏيرن ۽ جاگيردارن جي حڪومت آهي. ان حوالي سان دلشاد ڀٽي صاحب لکيو ته مڃئون ٿا ته ڪجهه استاد پنهنجا فرض پورا نٿا ڪن، پنهنجي فرائض ۾ ڪوتاهيون ٿا ڪن، قوم جي ٻچن کي جاهل رکڻ جو گناهه عظيم ٿا ڪن. جيڪي اهو ڪن ٿا انهن کي سزا ضرور ملڻ کپي پر جيڪي اهو نٿا ڪن انهن کي ٻين جي گناهن جي سزا نه ملڻ کپي؟ اهو چوڻ يا سمجهڻ بلڪل غلط ٿيندو ته سڀ استاد هڪ جهڙا ڪم چور ۽ گوسڙو آهن جيڪڏهن سڀ استاد گوسڙو هجن ها ته پوء سنڌ جا سمورا تعليمي ادارا بند هجن ها ۽ ڪوبه ٻار اسڪولن يا ڪاليج مان پڙهي نه نڪري ها.

تعليم بچايو سنڌ سنواريو جي سلوگن تحت سوشل ميڊيا تي هلندڙ بحث لاڀائتو ثابت ٿي رهيو آهي، ان حوالي سان ذوالفقار واهوچي حڪومت کي صلاح ڏني آهي ته تعليم کي بچائڻ لاء بنا دير جي سنڌ سرڪار کي سنڌ جا پرائمري کان ڪاليجن تائين سمورا ادارا خانگاهڻ گهرجن، پرائمري ۾ في شاگرد 5 سئو رپيا، سيڪنڊري ۾ في شاگرد هزار رپيا ۽ ڪاليجن ۾ في شاگرد 2 هزار رپيا انهن اسڪولن ۽ ڪاليجن جي انتظاميا کي ڏنا وڃن ته هڪ ٻار به اسڪولن کان ٻاهر نه رهندو. وزير تعليم جي ان بيان خلاف به ردعمل سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن اين جي وي اسڪول کي بند ڪري اتي ڊائريڪٽوريٽ تعليم جي آفيس کولڻ جو اعلان ڪيو آهي.

فيس بوڪ جنهن سڀ ڪنهن کي مفت ۾ پنهنجا خيال پيش ڪرڻ جي مڪمل آزدي ڏني آهي ان پاران پنهنجي مفت اي ميل سروس بند ڪرڻ ۽ واٽس ايپ جي خريداري تي به خدشا ڏيکاريا ويا آهن. ڇو ته واٽس ايپ وڪري جي ٽئين ڏينهن ئي ڪجهه سببن ڪري بند ٿي وئي ۽ ڪروڙين صارفين کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو. نه صرف اهو پر فيس بوڪ جي هوم پيج لاءِ اينڊرائيڊ سسٽم تي تنقيد سامهون آئي آهي ته اهو سافٽ ويئر پرائيوسي لاءِ خطرناڪ آهي. سنڌ سلامت تي ڊاڪٽر ممتاز قريشي پاران سنڌي ٻوليءَ ۾ شروع ڪيل صحت سرير جي عنوان تحت مختلف بيمارين، انهن جي سببن، بيمارين کان بچاء ۽ انهن جي علاج بابت ڄاڻ سان ڀريل ۽ لاڀائتو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي جنهن کي سوشل ميڊيا تي تمام ڀرپور مثبت موٽ ملي آهي. فيسبوڪ جي آنلائين ڪتاب گهر ۾ هن هفتي محمد قاسم سومرو جي محنت سان ڪيترائي اهم ڪتاب پي ڊي ايف جي صورت ۾ اپلوڊ ڪري عام ماڻهن جي پڙهڻ لاء رکيا ويا آهن. ڪنول پبليڪيشن، پوپٽ پبليڪيشن، سنڌيڪا پبليڪيشن ۽ نئون نياپو پاران پنهنجي ڇپيال ڪتابن جي خوب تشهير ٿي رهي آهي.

روزانه عوامي آواز 4 مارچ 2014
_____

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو