March 31, 2014

هي ملاقات به ڪا وسرڻ جي آهي ... !!!!

مختصر ملاقات محمد سليمان وساڻ سان
عابد بلوچ

آئون پنهنجي ڳوٺ ۾ هئس ۽ موبائيل تي نيٽ هلائي رهيو هئس. اچانڪ سهڻي سائين سليمان وساڻ جو اسٽيٽس اکين آڏو آيو. جنهن ۾ لکيل هيو ته آئون سکر ۾آهيان ۽ ڏاڍي گرمي آ . سوچيم ته سائين سکر آيل آ ۽ اسان فقيرن کي ٻڌايو به نه اٿس آئون سائين کي موبائيل ايس ايم ايس ڪيو ته سائين اوهان سکر آيا آهيو ۽ مونکي ٻڌايو به نه اٿئو، اوهان تي ڏنڊ لڳندا. ڪجه دير کان پوء سائين جن جو ايس ايم ايس آيو ته آئون ڏوه ڏنڊ ڀريندس مونکي مجبوري هئي ان ڪري آيو آهيان حرا ميڊيڪل سينٽر ۾ ڪم هيو. سائين کي چيم سائين جي ٿورو وقت جي اسان فقيرن کي به ملاقات لاء ڏيو ته اوهان جا ڪروڙين قرب ٿيندا. سائين سليمان چيو ٺيڪ آهي سڀاڻي اوهان حرا ميڊيڪل سينٽر تي اچجو اتي ملاقات ڪنداسين. سائين جي ان اسرار تي من ۾ عجيب ڪيفيت پيدا ٿي وئي سوچڻ لڳس ته سڀاڻي ايڏي مهان هستي سان ملاقات ٿيندي هڪ سٻاجهڙي شخص سان ملڻ جو موقعو نصيب ٿيندو جيڪو منهنجي لاء باعث فخر هوندو. سڄي رات سائين جن سان ملاقات جي باري ۾ سوچيندو رهيس مونکي ايتري ته خوشي هئي جو ان خوشي جي ڪري مونکي ننڊ به نه پئي اچي. آخر ڪار رات کٽي ۽ باک ڦٽي آئون ملڻ لاء بيقرار هئس تيار ٿي ڪري فرحاد کي چيو هلندين هن چيو ها مان به هلندس فرحاد منهنجو ننڍو ڀاء آهي. سو ٻئي پنهنجي ڪار تي روانا ٿياسين آئون روهڙي پهتس ته سائين سان رابطو ڪيو پڇا ڪيم ته سائين ڪٿي آهيو؟ سائين وراڻيو ته آئون خيرپور مان نڪران ٿو. اسين سکر پهچي وياسين گرمي به ڏاڍي هئي وري سائين کي ڪال ڪئي ته سائين چيو آئون پهچي ويو آهيان، اوهان اچو اسين سکر پنهنجي گهر مان نڪتاسين ۽ حرا ميڊيڪل سينٽر پهتاسين. اسين حرا ميڊيڪل سينٽر جي در ٻاهران بيٺاسين ته سائين کي به ڏٺو ته اچي رهيو آهي. سائين سان ڀاڪر پاتو ان ڀاڪر ۾ قراري واري ڪيفيت پيدا ٿي اتان نڪري وڃي ڀرسان واري هوٽل ۾ ويٺاسين. ۽ اتي بوتل جو چيو. سائين جن سان حال احوال ڪياسين سائين جن جو مٺڙو آواز من کي موهي رهيو هو. بوتل پيتي ته سائين جن ڏي منصور ميراڻي جي فون آئي ان کي به سائين ملڻ جو چيو هو. آئون سائين کي چوندو رهيس ته سائين هلو اڄ منهنجي ڳوٺ ٿا هلون ۽ اتي ڪچهريون ڪيون، پر سائين چيو ته مونکي هتي ڪم آ ۽ وري واپسي ڪراچي به وڃڻو آ. نيٺ هوٽل تان اٿڻو پيو وقت ساٿ نه ڏنو سائين کي منصور سان به ملڻو هيو دل ته نه پئي چوي ته سائين کان پري ٿيون پر وقت آڏو مجبور هئاسين وقت ساٿ نه ڏنو. اميد تي دنيا قائم آ ۽ اميد آهي ته وري ملنداسين زندگي ساٿ ڏنو ته. اها مختصر ملاقات وسرڻ جهڙي نه آهي ان ملاقات ۾ محبت جا ڪروڙين رنگ شامل هئا ۽ ڇو نه هجن اهڙو محبتي ماڻهو جو هيو.

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
_____


هي ملاقات به ڪا وسرڻ جي آهي ... !!!!

محمد سليمان وساڻ


مونکي چڱي طرح ياد آهي ... دوستن جو ٿورائتو آهيان جيڪي ايڏي پنهنجائپ ۽ پيار ڏيندا آهن. مان نه ته ڪو مهان ليکڪ آهيان ۽ نه وري ڪو وڏو شاعر ۽ نه ئي ڪا سياسي شخصيت ... مان ته بس محبتون ورهائيندو آهيان ۽ محبتون پائيندو آهيان. اها خوشنصيبي اٿم جو سڄي سنڌ ۾ جتي به ويندو آهيان ته فيس بوڪ يا سنڌ سلامت جا دوست ملي ويندا آهن.
سچ پڇو ته دوستن سان پهرين ملاقات پهرين ته لڳندي ئي ناهي ... ڄڻ ڪو صدين جو رشتو هجي ۽ آهي به ... مٽيء جو رشتو، سنڌوء جي پاڻيء جو اثر ... اسان سڀ ساڳي مٽي مان آهيون. ان ڏينهن ۾ مان روزانو خيرپور ۽ سکر جا ٻه ٽي چڪر لڳائيندو هوس، حِرا اسپتال ۾ منهنجي ناني اتي داخل هئي. جڏهن به سکر بيراج ٽپندو هوس ته مونکي نسيم کرل جي ڪهاڻي چوٽيهون در ياد ايندي هئي ۽ مان اهڙو اپڊيٽ فيسبوڪ تي موبائيل ذريعي اپڊيٽ ڪيو هو. انهن ڏينهن ۾ گرمي به پنهنجي جوڀن تي هئي. ساڳي ئي ڏينهن اوهان پيارن دوستن سان ملاقات ٿي هئي. فقير عابد درياء دل ماڻهو آهي ... سچو، کرو ۽ پيارو. ساڳي ڏينهن منصور ميراڻي سان به ملاقات ٿي هئي ۽ ان سان سنڌي ٻولي، فيس بوڪ ۽ ماڻهن جي روين تي ڳالهه ٿي هئي. مان چاهڻ باوجود به نه ته عابد جي ڳوٺ وڃي سگهيس ۽ نه ئي وري منصور ميراڻي جي گهر وڃي سگهيس. پر يادون ته سدائين منهنجي جهول ۾ رهنديون ... يادون جيڪي هر وقت اوهان جي ياد ڏيارينديون رهنديون.


خوش هجو دوستو .... اسان شايد زندهه آهيون ئي اوهان دوستن جي محبتن جي سهاري.


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو