March 10, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 6

فيس بوڪ رائونڊ اپ 6

محمد سليمان وساڻ

هن هفتي فيس بوڪ جو ماحول ٿر جي ڏڪار واري صورتحال کانپوء ٿيندڙ فوتگين سبب ڏکارو ٿي ويو آهي. گهڻو ڪري سڀ دوست ٿر جي ماڻهن جي مدد لاء پڪاري رهيا آهن، شاعر پنهنجي شاعريء ذريعي ۽ ليکڪ پنهنجي قلم ذريعي سوشل ميڊيا تي ٿر جي صورتحال چٽيندا رهيا آهن. سياسي ماڻهن کي تنقيد جو موقعو مليو آهي ته اتي اين جي اوز کي به طعنا مليا آهن. حڪومت تي خوب تنقيد به ٿي آهي ته اتي فيسبوڪ جا دوست پاڻ به ٿر جي ماڻهن جي مدد لاء ميدان ۾ لهي پيا آهن. ٿر جتي ڏسندي ئي ڏسندي 150 کان وڌيڪ موت ٿيا آهن جنهن ۾ اڪثريت ڄمندڙ ٻارن يا پيٽ وارين عورتن جي ٿي آهي. سنڌ سلامت ان حوالي سان سوشل ميڊيا خاص ڪري فيسبوڪ کي به ڏوراپا ڏنا ته ٽن مهينن کان ٿيندڙ اهڙي حالتن جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ته نشاندهي ڪانه ڪئي پر سوشل ميڊيا جيڪو آزاد آهي ان به اهڙي صورتحال جي نشاندهي تڏهن ڪئي جڏهن موت راڪاس بڻجي ٿر ۾ ڪاهي پيو آهي. ان تصوير به ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو جڏهن مٺيء مان ٻه تصويرون شيئر ٿيون هڪ ۾ موت ٻارن کي گلي لڳائي رهيو هو ڇو ته هو بک ۽ بدحاليءَ سبب پنهنجو وجود وڃائي رهيا هئا ٻئي طرف وزير، مشير ۽ بيوروڪريٽ بوفي ڊنر ۾ لذيز طعامن ۽ مشروبن جا مزا ماڻي رهيا هئا.

گذريل هفتي سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي سالياني ڪنوينشن بابت سندن پيج تي سرگرمي رهي ۽ تقريب جون تصويري جهلڪيون به خوب شيئر ٿيون. هن تقريب ۾ ٿر جي صورتحال ۽ سنڌ ۾ تعليمي تباهي خاص موضوع رهيا. ٻن ڏينهن واري اها سالياني تقريب سچل ڳوٺ ڪراچي جي روشن تارا اسڪول ۾ ٿي گذري جنهن ۾ سڄي سنڌ ۽ اسلام آباد شاخ جي عهديدارن شرڪت ڪئي. ڪراچي ۾ ٻن اهم ڪتابن جي مهورتي تقريب به فيس بوڪ جي اهم موضوعن جو حصو رهي جنهن ۾ خالق جوڻيجي جو ڪتاب “سنڌ جي سياسي جدوجهد” ۽ ڊاڪٽر مشتاق جو ڦل جو قومي ٻولين بابت مضمونن جو سهيڙيل ڪتاب “قومي ٻولين جو سوال ۽ سنڌ” شامل آهن. هن هفتي وسيم آڪاش سيتائي جي ڇپجندڙ شاعريء جي ڪتاب “هوائن ڇير ڇمڪائي” جي به خوب پذيرائي ٿي آهي. فيس بوڪ جي نئين گروپ Sindhi Books Review ۾ ڪيترن ئي ڪتابن جو تعارف، انهن جي اهميت ۽ انهن تي لکيل تاثرن بابت سٺي ۽ مثبت سرگرمي ڏسڻ ۾ آئي آهي.

فيس بوڪ تي 8 مارچ عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان خاص لکڻين، پوسٽرز ۽ ڪارڊز سان ڀريل رهيو. ڪيترن ئي تقريبن جا حال احوال ۽ تصويري شيئرنگ به ٿيندي رهي. ان موقعي تي عورتن سان ٿيندڙ ڏاڍ بابت به تصويري رونمائي ٿيندي رهي. سنڌ ۾ تعليمي ۽ سماجي ادارن جي ناقص ڪارڪردگي ۽ انهن جو ڊهڻ ۽ شخصيت پرستي به فيس بوڪ جو اهم موضوع رهيو آهي جنهن تي ڪيترن ئي دوستن پنهنجا رايا ڏنا آهن. ڪريم چانڊيي لکيو آهي ته “ڪڏهن ڪڏهن شخصيتون به عوام ۽ ادارن تي اثر انداز ٿينديون آهن. تنهنڪري شخصيتن جي اهميت کان انڪار ڪرڻ نه گهرجي، پر اهميت ادارن کي هجڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته شخصيتن جي وڃڻ ڪري پوءِ اهي تنظيمون ۽ ادارا ماڻهن جا انبوهه بڻجي ويندا آهن ۽ ڪنهن به ڪم جا ناهن رهندا، پر ادارا جهڙي تهڙي صورتحال ۾ به ڪم جا رهندا آهن.

جنم ڏينهن جي حوالي سان اياز گُل، راشد مورائي، ڊاڪٽر اسحاق انصاري، ساجد سنڌي، جعفر جاني، صفدر وڳڻ، نثار کوکر ۽ نثار ابڙو کي خوب ڪارڊ ۽ گل پيش ڪري واڌايون ڏنيون ويون جڏهن ته انيس انصاري، ملڪ نديم ۽ سرڪش سنڌي کي سندن ورسي جي مناسبت سان ڀيٽائون پيش ڪندي خاص لکڻيون پيش ڪيون ويون. هوڏانهن ڪرڪيٽ خاص ڪري ايشيا ڪپ به بحث هيٺ رهيو ته فائنل ڪير کٽندو. ان سان گڏ پاڪستاني ٽيم جي چاهيندڙن جا ڪيئي رايا اچي رهيا هئا ته اتي ڪيترائي سنڌي نوجوان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ سنڌي ۽ بلوچ رانديگرن کي شامل نه ڪرڻ تي ڇتي تنقيد ڪندا رهيا، جيڪا ڳالهه سچي به آهي ته ڪرڪيٽ جي بهتري لاء ڪراچي کي ڇڏي باقي سنڌ ۽ بلوچستان کي هميشه رد ڪيو ويو آهي.

روزانه عوامي آواز 11 مارچ 2014
_____

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو