March 31, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 8

فيس بوڪ رائونڊ اپ 8
محمد سليمان وساڻ

ڀريا واقعي جي جسقم شهيدن جو ڏک ۽ سندن سارون سڄو هفتو فيسبوڪ جو موضوع رهيون. هن واقعي تي سنڌ سميت سعودي عرب، هندستان، عراق، ايران، برطانيه، مڊل ايسٽ ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ ڪيترائي سنڌي سوڳوار هجڻ سان گڏ هن اهم اشو تي فيس بوڪ ٽائيم لائين تي ڪجهه رايا، ڪجهه احساس ۽ ڪجهه خدشا لکندا رهيا. اردو ميڊيا جي سنڌ جي لکين ماڻهن جي هن ميڙ کي ڪوريج نه ڏيڻ به بحث جو حصو رهيو ته اتي آزادي مارچ ۾ شامل ماڻهن جي انگ اکرن بابت به تضاد رهيو آهي. سي اين اين ان کي 50 لک جڏهن ته ايڪسپريس 30 لک ۽ ڪجهه ٻين چينلن وري پنج لک جو مجموعو ظاهر ڪيو آهي. پر هڪ ڳالهه تي سڀ متفق آهن ته هي ميڙ ڪراچي ۾ سنڌين جو سڀ کان وڏو ميڙ آهي. هن واقعي خلاف ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران لنڊن ۾ 10 ڊائوننگ اسٽريٽ، وزير اعظم جي رهائش گاهه سامهون 30 مارچ تي هڪ احتجاج به ڪيو ويو ، جنهن ۾ برطانيه جي سنڌين شامل ٿي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. هن احتجاج جي سندن فيس بوڪ پيج تي به تشهير ٿي رهي آهي. حسن مجتبى جسقم نوجوانن جي شهادت ۽ ڪراچي ۾ لکين سنڌي نوجوانن جي گڏ ٿيڻ بابت لکيو آهي ته “اهي به ڪي ڏينهن هيا جڏهن پاڪستاني فوج بيگناهه بنگالي عورتن، نوجوانن ۽ ٻارڙن کي اوڀر بنگال ۾ قتل ڪيو. ان نام نهاد نظريه پاڪستان آخرڪار بنگلاديش جي آزاديءَ جو روپ ڌاري بنگالي قوم کي دنيا جي نقشي تي نمودار ڪيو ۽ هاڻي لڳي ٿو ته بلوچستان ۽ سنڌ پڻ ساڳي راهه جا راهي ٿيا آهن.”
سنڌ جي ڏات ڌڻي ۽ انقلابي شاعر راشد مورائيءَ جي بي وسيء واري وڇوڙي تي فيس بوڪ جو ماحول سوڳوار رهيو ته ان سوال به جنم ورتو ته سنڌ ۾ سنڌ جي فنڪارن، شاعرن ۽ اديبن جي سهائتا لاء ڇو ڪوبه ادارو ناهي. ان حوالي سان نثار کوکر لکي ٿو “شاعر قومن جي ضمير جي ڌڙڪندڙ دل هوندا آهن پر محڪوم ۽ غافل قومن جا شاعر ائين ئي بي يار و مددگار ٿي مرندا آهن جئين راشد مورائي گذاري ويو. بد قسمتي سان جيڪي وس وارا آهن انهن جي ترجيح صرف بيمار شاعرن سان فوٽو ۽ پونئيرن سان تعزيت آهي ۽ جيڪي انهن شاعرن جا چاهيندڙ آهن سي اسان وانگر هٿين سکڻا.”
عوامي جمهوري پارٽي جي تعليم بابت مارچ جيڪو 16 مارچ سکر مان شروع ٿيو آهي سو ڪراچي طرف روان دوان آهي.  هن ريليء جو مقصد سنڌ حڪومت، انتظاميه ۽ وس وارن کي اهو ڌيان ڇڪائڻ آهي ته سنڌ ۾ ڪرندڙ تعليمي معيار ۽ سهوليتن طرف ترت ڌيان ڏيو. فيس بوڪ تي هن مارچ هڪ  سٺي ۽ بهترين سرگرمي طور مڃتا ماڻي آهي. وقت سان گڏ ان ريلي ۾ ماڻهن جو تعدا به وڌيو آهي ته ان کي فيس بوڪ تي تشهير به ملي آهي. فيس بوڪ ادبي حلقن لاء به ميلا مچائڻ جو سبب بڻيو آهي، سنڌي شاعري جي حوالي سان هڪ اهم ۽ سرگرم گروپ بزمِ سخن فيس بوڪ سٿ پاران طرحي مشاعرا ڪرڻ جي روايت کي ٻيهر جياريو ويو آهي. طرحي مشاعري جي سلسلي کي سمورن شاعرن پاران ڀرپور موٽ ملي آهي. سنڌ سلامت پاران به فيس بوڪ تي هڪ سروي شروع ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪيترن ئي دوستن پنهنجا رايا ڏنا آهن. ان سروي جو اهم سوال هيو ته ڇا سوشل ميڊيا يا فيس بوڪ اسان سنڌين لاء ڪا اميد پيدا ڪئي آهي؟ يا سوشل ميڊيا اسان لاء ڪو سٺو يا مثبت پليٽ فارم آهي؟ ان حوالي سان دوستن پاران خوب ٽيڪا ٽپڻي ٿي ۽ لاتعداد جواب موصول ٿيا. گهڻن دوستن جي راء هئي ته فيس بڪ سنڌين لاء انڪري گهڻو اهم آهي جو پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کان ڄاڻي واڻي رد ڪيل خبرن ۽ سماجي مسئلن کي سوشل ميڊيا ترت ماڻهن تائين پهچائي ٿي ۽ سڄي دنيا جي سنڌين کي پاڻ ۾ ملائي رکيو اٿس. ترڪيءَ مان گورڌن ولاسائي ۽ حفيظ لغاري معلوماتي ۽ تصويري شيئرنگ ڪري رهيا آهن. گورڌن ولاسائي بجلي بابت هڪ حيرت انگيز حقيقت لکي ٿو ته هتي ترڪيءَ ۾ بجلي جي پيدا ڪرڻ لا استعمال ٿيندڙ مختلف قسمن جي ٻارڻ تي تحقيق ڪندي، انهي ڳالهه تي حيرت ٿي رهي آهي ته ترڪي ۾ گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ بجلي جي قيمت، ڪارخانن، اسڪولن، مارڪيٽن ۽ زراعت کان وڌيڪ آهي. اهو انهي جي ڪري ته جيئن ماڻهو گهڻي کان گهڻو گهرن کان ٻاهر رهن، گهر اصل ۾ سُستي جو گهر آهي. جيترو وقت ماڻهو گهر کان ٻاهر رهندو اوترو وقت ئي ڪنهن نه ڪنهن مثبت ڪم پويان لڳل هوندو، ڀلي اسڪول هجي يا مارڪيٽ!
ٿر جي صورتحال به اهم موضوعن مان آهي. جيتوڻيڪ حيرت به ٿئي پئي ته دوستن ايڏو جلدي ٿر کي ڪيئن وساري ڇڏيو يا ان جي خبرن جي شيئرنگ ۾ ڇو گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته ٿر جي صورتحال اڃان تائين اطمينان بخش ناهي.

روزانه عوامي آواز پهرين اپريل 2014
_____



No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو