March 17, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 7

فيس بوڪ رائونڊ اپ 7
 محمد سليمان وساڻ
 ٿر، ٿرين جي بيوسي ۽ سياستدانن جي لاپرواهي پورو هفتو فيس بوڪ جو موضوع رهي. وزير اعظم جي آمد، پ پ پ چيئرمين جي ٿر ۾ آمد، وزير اعلى سنڌ جي بيوسي، اسپتالن ۾ اڻهوند، ٿري عوام جا لٿل چهرا  شاعريء جو به موضوع رهيا ته لکڻين ۽ مضمونن جا عنوان به رهيا. ٿر مان چونڊيل پيپلز پارٽي جي ايم پي اي مهيش ملاڻيءَ جي اها تصوير سڀ کان وڌيڪ بحث هيٺ رهي جنهن ۾ هو پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جا هٿ چمي رهيو آهي. ٿر ۾ خدمت جي حولي سان ڪيتريون ئي تنظيمون، شخصيتون ۽ ماڻهو ميدان ۾ لٿل آهن. اسان سڀني کي جس ڏيون ٿا پر ڪي اهڙا به آهن جيڪي اتي سياست پيا ڪن يا وري مورڳو تصويرون ڪڍرائڻ لاء ويل آهن. اهڙي رويي بابت دوست حسام ميمڻ لکيو آهي ”ڪجهه ماڻهو خدمت ڪندا آهن، پر اهڙي خدمت جيڪا انهن جو شوق هوندي آهي، تنهنڪري، خدمت تي گهٽ ڌيان هوندو آهي ۽ پنهنجون تصويرون ڪڍڻ/ڪڍائڻ تي گهڻو، ان مان اندازو ٿي ويندو آهي ته ڪير ڪيتري خدمت ڪري ٿو ۽ ان جا سبب ڇا آهن. باقي مڙيوئي خير آهي.“هوڏانهن حڪومت ۽ طالبان جون ڳالهيون ۽ سنڌ ۾ افغانين جي آبادڪاري به اهم موضوع رهيا.



تعليم هن هفتي به سوشل ميڊيا جي غير معمولي بحث واري موضوعن مان اهم موضوع رهيو. ڪمپيوٽر تي پيش ڪيل انڊس سليڪان جي علي حسن ملاح پاران تيار ڪيل پهرين سنڌي سکيا سافٽويئر به وڏي مڃتا ماڻي آهي. هن سافٽويئر ۾ تصويرن ۽ آوازن ذريعي ٻارن لاء سنڌي سکيا جا سبق رکيا ويا آهن. وزيوئل هجڻ ڪري ٻار جڏهن هڪ دفعو انهن شين کي ڏسندا ۽ سمجهندا ته گهڻو وقت اهي سڀ شين کين ياد رهنديون. هي سافٽويئر مفت ۾ پيش ڪري علي حسن ملاح اسان تي احسان ڪيو آهي. سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ ڊجيٽل سنڌي ڪتابن کي سهيڙڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ هن هفتي به ڪيئي ڪتاب اپلوڊ ڪيا ويا آهن جن ۾ ڪچهريءَ جا مور (ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو)، احساس ختم ٿي ويو (عاجز عاشق تنيو)، ڳالهه ۾ ڳالهه (پارو ٺاڪر چاولا)، عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو (ڊاڪٽر نبي بخش قاضي)، ڏاهپ جو جنم (ڪارل مارڪس جي شخصيت ۽ عالمي نقطي نظر جي اوسر) ۽ منهنجو ماڳ منهنجون يادون (عطا محمد جسڪاڻي) شامل آهن.
هندن جي خوشي جي ڏڻ هوليءَ جي واڌاين جا ميسيج فيس بوڪ تي هلي ئي رهيا هئا ته لاڙڪاڻي ۾ مقدس ڪتاب قرآن پاڪ کي ساڙڻ واري واقعي جي آڙ ۾ هندن جي مندر ساڙڻ ۽ انهن جي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جا واقعا ٿيا جن جي سڄي فيس بوڪ تي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. ان حوالي سان حبدار ابڙو لکيو ته ”اها سنڌين خلاف هڪ گھري سازش آهي، ته جيئن سموري سنڌ ۾ مذهبي انتشار پکيڙي سنڌين کي پاڻ ۾ ويڙهايو وڃي. انهيءُ لاءِ سمورا سنڌ دوست فورن پنهنجون ڪوششون شروع ڪن ته جيئن انهن سنڌ دشمن سازشن کي ناڪام بڻايو وڃي.“
ملائيشيا جي جهاز جي اغوا ٿيڻ وارو واقعو به سوشل ميڊيا جي بحث جو حصو آهي. دنيا پريشان آهي ته ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ هيڏو وڏو جهاز ڪاڏي گم ٿي ويو آهي. ان حوال سان ممتاز قريشي لکيو آهي ” ملائيشيا جي جهاز کي آسمان کائي ويويا زمين يا سمنڊ ڳڙڪائي ويو؟ ڪنهن کي ڪا خبر ئي ناهي...!!هن واقعي کي ڏسندي برموده ٽرائينگل سان جڙيل واقعا ياد اچي ويا آهن، انهن جاين تان جيڪو به جهاز (هوائي يا سامونڊي) گذرندو آهي ته ماڻهن سوڌو غائب ٿي ويندو آهي ۽ پو ان جو ڪو ڏس پتو به ناهي ملندو پر ملائيشيا جو هي جهاز ان زون مان به ناهي گذريو“. جنم ڏينهن جي حوالي سان هن هفتي فيس بوڪ تي نامياري شاعر امداد حسيني، حليم باغي، ارم محبوب، محمد سليمان وساڻ ۽ عزيز قاسماڻي کي جنم ڏينهن جي مناسبت سان سهڻن ڪارڊن ذريعي واڌاين ڏنيون ويون ته ٻئي طرف موهن ڀڳت، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۽ حسين بخش خادم جي ورسي تي ڀيٽائون پيش ڪيون ويون.


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو